سنڌ يونيورسٽي ۾ معرڪهءِ حق: پاڪستان جي فوجي مهم جون حڪمت عمليون ۽ ڪاميابيون جي سري هيٺ ڪانفرنس، مقررن ڀارتي جارحاڻي قدمن خلاف پاڪ فوج جي ڪاميابيءَ کي ذميواراڻي حڪمت عملي، سفارتي مهم ۽ سياسي بصيرت جو نتيجو قرار ڏئي ڇڏيو

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ منعقده هڪ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي مقررن چيو آهي ته  ڀارتي جارحاڻي قدمن خلاف پاڪ فوج جي ڪاميابي اصل ۾ ذميواراڻي حڪمت عملي، بهترين سفارتي مهم ۽ سياسي بصيرت جو نتيجو آهي، هنن زور ڀريو ته پاڪ فوج جي ڪاررواين ۽ سفارتي محاذ جي نتيجي ۾ مليل اهڙين ڪاميابين کي آزاديءَ جي قومي جشن سان گڏ ياد رکڻ انتهائي اهم آهي، جڏهن ته پاڪ-ڀارت جنگ دوران ڀارتي ميڊيا کي پاڪستاني ميڊيا جي ذميوار صحافت مان سبق سکڻ گهرجي. اهڙو اظهار هنن ڪالهه هتي “معرڪهءِ حق: پاڪستان جي فوجي مهم جون حڪمت عمليون ۽ ڪاميابيون” جي سري هيٺ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڄاڻايل ڪانفرنس آزادي ڏينهن جي جاري تقريبن جي حوالي سان ڊپارٽمينٽ آف انٽرنيشنل رليشنز ۽ ڊپارٽمينٽ آف ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن اسٽڊيز جي گڏيل اهتمام هيٺ نيلسن منڊيلا هال ۾ منعقد ڪئي ويئي. پنهنجي صدارتي خطاب ۾ وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليـل الرحمان کمڀاٽي منتظمين جي ساراهه ڪندي چيو ته هن موضوع جي چونڊ انتهائي قومي اهميت رکي ٿي. هن چيو ته معرڪهءِ حق رڳو هڪ فوجي ڪاميابيءَ جي ڪهاڻي نه آهي پر اهو پاڪستان جي حڪمت عملي، سفارتڪاري ۽ مقصد جي وحدت کي گڏ ڪرڻ جي صلاحيت جو ثبوت آهي، جنهن سان ملڪ جي خودمختياريءَ جو تحفظ ڪيو ويو. ڊاڪٽر کمڀاٽي وڌيڪ چيو ته اهڙا علمي بحث نوجوان نسل کي آزاديءَ لاءِ ڏنل قربانين ۽ ان سان لاڳاپيل ذميوارين جي سمجهاڻي ڏين ٿا ۽ اڪيڊميڪ پليٽ فارمز کي تاريخ مان سبق سکڻ جو عمل جاري رکڻ گهرجي ته جيئن قومي عزم کي مضبوط ڪري امن کي هٿي وٺرائڻ گهرجي. ڊپارٽمينٽ آف انٽرنيشنل رليشنز جي چيئرپرسن پروفيسر ڊاڪٽر عشرت افشان عباسي مهمانن کي ڀليڪار ڪندي چيو ته هي ڪانفرنس آزادي ڏينهن جي تقريبن جو تسلسل آهي. هن “معرڪوءِ حق” ۽ “آپريشن بنيان المرصوص” جي وچ ۾ فرق واضح ڪندي ٻڌايو ته پاڪستان ڪيئن ذميواري ۽ حڪمت عملي سان جوابي قدم کنيا. هن چيو ته ملڪ جي ڪاميابي ميدانِ جنگ کان اڳتي وڌي سفارتي ۽ سياسي ميدانن تائين پهتي آهي. هن فوجي جوانن سان گڏ شهري آباديءَ جي وطن جي حفاظت لاءِ بي مثال قربانين کي ڀيٽا پيش ڪئي. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر علي اڪبر هنگورجو جنگي ڪاميابين کي آزاديءَ جي جشن سان گڏ ياد ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هن پاڪستان جي فوجي حڪمت عملين، دفاعي ڪاررواين جي اهميت ۽ “آپريشن بنيان المرصوص” جي پس منظر جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. ڊاڪٽر هنگورجو پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ميڊيا جي ڪردار جو جائزو وٺندي مودي سرڪار جي جارحاڻي پاليسين تي تنقيد ڪئي، ڪشمير مسئلي ۽ ڀارت جي سنڌو طاس معاهدي کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوششن تي ڳالهايو ۽ علائقي ۾ امن واري صحافت کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ڊپارٽمينٽ آف انٽرنيشنل رليشنز جي ايسوسيئيٽ پروفيسر ڊاڪٽر فاروق لغاري جنگ جي تاريخي پس منظر “محدود جنگ واري نظريي” جي وضاحت ۽ پاڪستان-ڀارت تڪرار تي هڪ ڪيس اسٽڊي ذريعي حڪمت عمليءَ جا سبق پيش ڪيا. ڊپارٽمينٽ آف ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن اسٽڊيز جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر قاسم نظاماڻي شرڪت ڪندڙن جو ٿورو ادا ڪيو. ان کان اڳ ثقافتي سوينئر طور معزز مهمانن کي اجرڪ پيش ڪيا ويا.

 

Author: Mrs. Shumaila Solangi 08/12/2025
Announcements
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽيءَ جي “معرڪهءِ حق” جي تقريبن ۾ حب ا...
View Details → 08/12/2025
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي ۾ سائڪالاجي شعبي پاران معرڪه ءِ حق ...
View Details → 08/12/2025
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي ۾ معرڪهءِ حق: پاڪستان جي فوجي مهم جو...
View Details → 08/12/2025