سنڌ يونيورسٽي ۾ سائڪالاجي شعبي پاران معرڪه ءِ حق تحت ڪوئز مقابلا: وائيس چانسلر ڊاڪٽر کمڀاٽي پاران ملڪ جي ترقي لاءِ اتحاد ۽ ايمانداري جي ضرورت تي زور
سنڌ يونيورسٽي جي ڊپارٽمينٽ آف سائڪالاجي پاڪستان جي 78هين آزاديءَ جي حوالي سان ملهائجندڙ تقريبن جي سلسلي ۾ هڪ رنگارنگ تقريب جو اهتمام ڪيو، جنهن جي صدارت وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليـل الرحمان کمڀاٽيءَ ڪئي. ان موقعي تي سوشل سائنس فيڪلٽي جو ڊين پروفيسر ڊاڪٽر نانڪ رام سميت ڪيترن ئي استادن ۽ شاگردن شرڪت ڪئي. پنهنجي صدارتي خطاب ۾ وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليـل الرحمان کمڀاٽيءَ پاڪستان جي ترقيءَ لاءِ اتحاد ۽ ايمانداري جي ضرورت تي زور ڏنو، جڏهن ته پروفيسر ڊاڪٽر نانڪ رام شعبي جي سماجي رابطن ۽ آگاهي وڌائڻ واري ڪردار جي واکاڻ ڪئي. ان کان اڳ قومي اتحاد جي علامت طور ڪيڪ ڪٽڻ جي تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن کان پوءِ شاگردن “معرڪهءِ حق” (سچائيءَ جي جنگ) موضوع تي تقريرون ۽ ڪوئز مقابلن ۾ بهرو ورتو. نفسيات شعبي جي چيئرپرسن ڊاڪٽر منيزا تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن ۽ معزز مهمانن جا ٿورا پڻ ادا ڪيا.