
سنڌ يونيورسٽي ٺٽو ڪئمپس ۾ “مارڪهءِ حق” هيٺ جشن آزاديءَ جي شاندار تقريب: انگريزي، اردو ۽ سنڌيءَ ۾ تقريري مقابلا؛ پي وي سي پاران تقريب جي صدارت
سنڌ يونيورسٽي ٺٽو ڪيمپس ۾ پاڪستان جي 78هين آزاديءَ جي ڏهاڙو ملهائڻ جي سلسلي ۾ ٻن هفتن تي ٻڌل پروگرام تحت “مارڪهءِ حق” جي موضوع هيٺ شاندار جشن ملهايو ويو. ان موقعي تي سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻولين ۾ تقريري مقابلا منعقد ڪيا ويا، جنهن جي صدارت پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر مصباح بي بي قريشي ڪئي. هن شاگردن جي جوش ۽ جذبي جي واکاڻ ڪندي کين سچائي، بهادري ۽ اتحاد جي انهن قدرن کي زندهه رکڻ جي تاڪيد ڪئي، جيڪي هن موضوع ۾ شامل آهن. شاگردن جي تقريرن جا عنوان آزاديءَ جو حقيقي مطلب، قوم جي تعمير ۾ نوجوانن جو ڪردار ۽ ثقافتي تنوع – پاڪستان جي طاقت سميت مختلف موضوع هئا. سنڌي، اردو ۽ انگريزي تقريري مقابلن ۾ پاڪستان جي آزاديءَ جي جدوجهد، شهيدن جي قربانين ۽ آزاديءَ جي ذميوارين کي اجاگر ڪيو ويو. تقريب ۾ بنيان المرصوص جي شهيدن کي سندن بهادري ۽ قربانين تي ڀيٽا پيش ڪئي ويئي. ڪيمپس کي خوبصورت نموني سان سينگاريو ويو، جڏهن ته استادن، شاگردن ۽ عملي جي قومي جهنڊن سان شرڪت حب الوطني واري جذبي کي وڌيڪ پرجوش بڻائي ڇڏيو. ڊاڪٽر مصباح بيبي قريشي تقريب جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته اهڙيون سرگرميون شاگردن ۾ تنقيدي سوچ، حب الوطني ۽ رابطي جون صلاحيتون وڌائين ٿيون. جشن آزاديءَ جون سرگرميون 14 آگسٽ تائين جاري رهنديون، جن ۾ ثقافتي، علمي ۽ راندين سان لاڳاپيل ايونٽ منعقد ڪيا ويندا.