
سنڌ يونيورسٽي پاران ايليمينٽري ڪاليجن سان تعليمي سڌارن لاءِ سھڪار ورائڻ جو فيصلو، مادرعلمي جي اڪيڊمڪ ڪائونسل ۾ ايليمينٽري ڪاليجن جي نمائندگي وڌائڻ، امتحاني عمل کي تيز ڪرڻ، ايليمينٽري ڪاليج پورٽل کولڻ ۽ شاگردن لاءِ سهولتن وڌيڪ وڌائڻ جو به اعلان
استادن جي تعليم کي جديد دور جي ضرورتن سان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ سنڌ يونيورسٽي ۾ ايليمينٽري ڪاليجن جي پرنسيپالن سان هڪ اهم اجلاس منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ بي ايڊ (ايليمينٽري) 2023 جي انڊرگريجوئيٽ پاليسي ۽ ھيڪ جي نئومين ڪريڪيولم 2025ع تي عمل ڪرڻ تي غور ڪيو ويو. اجلاس جي صدارت وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽي ڪئي. ان موقعي تي سنڌ يونيورسٽي جي انسپيڪٽر آف ڪاليجز پروفيسر ڊاڪٽر رفعت سلطانه پاليسي فريم ورڪ پيش ڪيو، جڏهن ته ڊائريڪٽر ڪيو اِي سي ڊاڪٽر الطاف حسين نظاماڻي نئين ڪريڪيولم ۾ تبديلين ۽ انهن تي عمل ڪرڻ بابت حڪمت عملين تي تفصيلي روشني وڌي. ڊپارٽمينٽ آف ايجوڪيشن جي چيئرپرسن ڊاڪٽر عابده صديقي تعليمي معيار ۽ بهترين حڪمت عملي اپنائڻ تي زور ڏنو، جڏهن ته رجسٽرار پروفيسر ڊاڪٽر مشتاق علي ڄاريڪو لاڳاپيل ڪاليجن ۾ شاگردن جي حاضري ۽ ڪلاسن جي کوٽ جي نشاندهي ڪندي استاد تربيت ورڪشاپس جو اعلان ڪيو. پرنسيپالن پنهنجي خدشن جو اظهار ڪيو، جن کي وائيس چانسلر فوري طور حل ڪرڻ لاءِ هدايتون جاري ڪيون. هن امتحاني عمل کي تيز ڪرڻ، ايليمينٽري ڪاليج پورٽل کولڻ ۽ شاگردن لاءِ سهولتن کي آسان بڻائڻ جو به اعلان ڪيو. ڊاڪٽر کمڀاٽي ٻڌايو ته يونيورسٽي سپورٽ ٽيمون لاڳاپيل ڪاليجن جا دورا ڪنديون ته جيئن ھيڪ جي معيارن تي عمل کي يقيني بڻائي سگهجي. هن هدايت ڪئي ته اڪيڊمڪ ڪائونسل ۾ ايليمينٽري ڪاليجن جي نمائندگي وڌائي وڃي ته جيئن پاليسي ٺاهڻ ۾ سندن تجويزون شامل ڪري سگھجن. پرنسيپالن وائيس چانسلر جي بصيرت ۽ بروقت فيصلا ڪرڻ واري سگھ جي واکاڻ ڪندي اجلاس کي تعليمي سڌارن ۽ گڏيل تعاون جي حوالي سان هڪ اهم سنگ ميل قرار ڏنو