
سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسيلر پاران نِيڊ-ڪم-ميرٽ اسڪالرشپ تحت 850 شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ 3 ڪروڙ 48 لک رپين جا چيڪ ورهايا ويا، ايم پي اي ڊاڪٽر سڪندر شورو، ضلعي زڪوات ڪميٽي چيئرمين پير محمد حسن ۽ ٻين جي شرڪت
سنڌ يونيورسٽي جي شهيد بينظير ڀٽو ڪنوينشن سينٽر ۾ هڪ شاندار تقريب دوران وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کُمڀاٽيءَ 850 مستحق شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ نِيڊ-ڪم-ميرٽ اسڪالرشپ تحت 34,806,000 رپين جا چيڪ ورهايا. هر مستحق پر هوشيار اميدوار کي 42-42 هزار رپين جا چيڪ ڏنا ويا. ان موقعي تي سنڌ اسيمبلي جي ميمبر ڊاڪٽر سڪندر علي شورو خاص مهمان ۽ ضلعي زڪوات ڪميٽي ڄامشورو جي چيئرمين پير محمد حسن اعزازي مهمان خصوصي طور موجود هئا. ان موقعي تي خطاب ڪندي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کُمڀاٽيءَ سنڌ حڪومت جي شاگردن لاءِ مالي سهائتا واري انقلابي قدمن کي ساراهيو. هن صوبائي حڪومت کي اپيل ڪئي ته شاگردن جي وڌندڙ تعليمي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ گرانٽ ۾ وڌيڪ اضافو ڪيو وڃي. وائيس چانسلر چيو ته هر سال غريب گهراڻن مان يونيورسٽي ۾ پڙهڻ ايندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين جو انگ وڌي رهيو آهي، جن مان ڪيترن کي مالي مشڪلاتن سبب تعليم ۾ رنڊڪون اچن ٿيون. هن زور ڀريو ته شاگردن لاءِ اسڪالرشپ جي سلاٽن ۾ وڌيڪ واڌ سان لائق شاگرد پنهنجو تعليم بروقت مڪمل ڪري سگهندا ۽ سماج لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪري سگهندا. ڊاڪٽر کمڀاٽيءَ وڌيڪ چيو ته تعليم ۾ سيڙپڪاري ئي سماج کي مٿي کڻڻ ۽ ڊگهي عرصي واري ترقي جو مؤثر ذريعو آهي. هن انهيءَ عزم جو ورجاءُ پڻ ڪيو ته سنڌ يونيورسٽي اهڙن قدمن وسيلي تعليمي بهتري ۽ سماجي برابري کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي. ايم پي اي ڊاڪٽر سڪندر علي شورو پنهنجي خطاب ۾ صوبائي حڪومت جو عزم ٻيهر ورجايو ته سنڌ جي يونيورسٽين جي شاگردن جي ڀرپور سهائتا ڪئي ويندي. هن چيو ته تعليم سنڌ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. هن يقين ڏياريو ته مستحق ۽ لائق شاگردن لاءِ مالي امداد وڌائڻ جون ڪوششون جاري رهنديون. هن واضح ڪيو ته اسڪالرشپس نه رڳو شاگردن لاءِ فائديمند آهن پر صوبي جي ذهني سرمائي کي به مضبوط ڪن ٿيون. ڊاڪٽر شورو چيو ته حڪومت جو ارادو آهي ته اعليٰ تعليم تائين پهچ ۾ موجود معاشي رڪاوٽن کي ختم ڪيو وڃي ته جيئن ڪو به حقدار شاگرد تعليم کان محروم نه رهي سگهي. هن وڌيڪ چيو ته مالي دٻاءُ هوندي به سنڌ حڪومت تعليم لاءِ مسلسل فنڊ رکندي رهي آهي. هن چيو ته هو ذاتي طور به اعليٰ تعليمي ادارن لاءِ بجيٽ ۾ وڌيڪ اضافي لاءِ آواز اٿاريندو. ڊاڪٽر شورو شاگردن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته هو انهيءَ موقعي کي غنيمت سمجهي علمي ميدان ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکارين ۽ قوم جي خدمت ڪن. ضلعي زڪوات چيئرمين ڄامشورو پير محمد حسن پنهنجي خطاب ۾ سنڌ حڪومت جي اعليٰ تعليم کي هٿي ڏيڻ ۽ ضرورت مند شاگردن کي مالي سهائتا ڏيڻ واري وابستگي کي ساراهيو. هن چيو ته اسڪالرشپ نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ ۽ مستقبل جا اڳواڻ تيار ڪرڻ لاءِ اهم اوزار آهن. هن وڌيڪ چيو ته 850 شاگردن ۾ ساڍا 3 ڪروڙ جي لڳ ڀڳ رقم ورهائڻ حڪومت جي تعليم ۾ سيڙپڪاري لاءِ سنجيدگيءَ جو ثبوت آهي. پير محمد حسن يقين ڏياريو ته زڪوات کاتو شاگردن جي ڀلائي ۽ تعليمي ترقي لاءِ پنهنجو تعاون جاري رکندو. هن زور ڀريو ته يونيورسٽين، حڪومت ۽ سماجي ادارن جي گڏيل ڪوششن سان ئي صوبي جي سماجي ۽ معاشي حالتن کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو. سنڌ يونيورسٽي جي رجسٽرار پروفيسر ڊاڪٽر مشتاق علي ڄاريڪو ان موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته اسڪالرشپس ڪيترن ئي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي لاڀ پهچايو آهي، هي اهي شاگرد آهن، جيڪي اعليٰ تعليم جا خرچ برداشت نه ٿا ڪري سگهن. هن چيو ته ڪيترائي شاگرد پنهنجي خاندان جا پهريان فرد آهن، جيڪي يونيورسٽي ۾ پڙهي رهيا آهن ۽ مالي سهائتا کين غربت ٽوڙڻ ۾ مدد ڏئي رهي آهي. ڊاڪٽر ڄاريڪو وڌيڪ چيو ته يونيورسٽي انتظاميه حڪومت ۽ نجي ادارن سان سهڪار وسيلي اسڪالرشپ جي موقعن ۾ اضافو ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪري رهي آهي. هن چيو ته فنڊن جي بروقت فراهمي سان شاگرد مالي دٻاءُ کان آزاد ٿي پنهنجي پڙهائيءَ تي مڪمل ڌيان ڏئي رهيا آهن.