
سنڌ يونيورسٽي دادو ڪيمپس ۾ انٽر يونيورسٽي/ ڪاليج تحريري مقابلا 2025ع منعقد، 70 شاگردن ۽ شاگردياڻين بھرو ورتو: ڪامياب اميدوارن کي يوم دفاع واري تقريب ۾ انعام ڏيڻ جو اعلان
سنڌ يونيورسٽي ڪيمپس دادو جي انگلش ڊپارٽمينٽ طرفان دادو انٽر يونيورسٽي ۽ انٽر ڪاليج تحريري مقابلو 2025ع منعقد ڪيو ويو، جنھن ۾ دادو ضلعي جي سمورن يونيورسٽي ڪيمپسز ۽ ڪاليجن مان تقريبن 70 شاگردن ۽ شاگردياڻين حصو ورتو. سنڌ يونيورسٽي دادو ڪيمپس جي پي وي سي پروفيسر ڊاڪٽر اظھار علي شاھ، انگلش ڊپارٽمينٽ جي هيڊ شازيه مراد، وسيم شيخ، نويد سومرو ۽ ٻين استادن جي نگراني ۾ منعقد ٿيل هن تحريري مقابلي ۾ انعام حاصل ڪندڙن کي يوم دفاع جي موقعي تي رٿيل تقريب ۾ انعام ڏنا ويندا
Author:
Mrs. Shumaila Solangi
09/01/2025