سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پاران ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي اسڪالرن تي اثرائتي ۽ صنعتن سان لاڳاپيل تحقيق ڪرڻ لاءِ زور، مادرعلمي ۾ اعليٰ تعليم پرائيندڙ اسڪالر علم جي ذخيرن ۾ معمولي حصو ته وجهن ٿا پر حقيقي معنيٰ ۾ اثرائتي تحقيق ڪرڻ لاءِ اڃا وڌيڪ محنت جي ضرورت آهي، حقيقي تحقيقي برتري تڏهن ملندي، جڏهن اها معاشي ترقي ۽ غربت جي خاتمي ۾ مددگار ثابت ٿيندي: ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽي جو تقريب ۾ اظهار

 سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽيءَ ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي اسڪالرن تي زور ڀريو آهي ته هو پنهنجي تحقيق کي جدت ۽ صنعتن سان موافق بڻائين ته جيئن ڪو فائدو ٿي سگهي، هن چيو ته جيتوڻيڪ مادرعلمي جا اسڪالر علمي ۽ ڄاڻ جي حوالي سان ڪجهه معمولي ڪاميابيون حاصل ڪري رهيا آهن، پر اصل چئلينج اهو آهي ته اهڙي تحقيق ڪئي وڃي، جيڪا معيشت کي فائدو ڏئي، صنعتن کي جديد بڻائي ۽ ماڻهن جي زندگين ۾ سڌارو آڻي. اهڙو اظهار هن ڪالهه هتي اسڪالرشپ چيڪ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب وائيس چانسلر سيڪريٽريٽ جي سينيٽ هال ۾منعقد  ٿي. ان موقعي تي سنڌ يونيورسٽي جو رجسٽرار ۽ ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽس فنانشل ايڊ آفيس پروفيسر ڊاڪٽر مشتاق علي ڄاريڪو، ڊائريڪٽر ريسرچ اينڊ گريجوئيٽ اسٽڊيز پروفيسر ڊاڪٽر صائمه قيوم ميمڻ، قمر نانگراج ۽ رافع ميمڻ پڻ موجود هئا. ڊاڪٽر کمڀاٽي سنڌ ايڇ اي سي انڊيجينس اسڪالرشپس جي رقم 7.59 ملين رپيا 33 شاگردن ۾ ورهائي، جن ۾ 21 ايم فل ۽ 12 پي ايڇ ڊي اسڪالرز شامل هئا، اسڪالرشپ حاصل ڪندڙن جو تعلق يونيورسٽي جي مختلف تعليمي شعبن سان هو. هر اسڪالر کي پنهنجي تحقيق ۽ تعليمي ڪوششن لاءِ 2 لک 30 هزار رپين جو چيڪ ڏنو ويو. ان موقعي تي ڳالهائيندي وائيس چانسلر زور ڀريو ته پوسٽ گريجوئيٽ اسڪالر پنهنجي تحقيق کي صنعتن جي ضرورتن سان هم آهنگ ڪن، حقيقي تحقيقي برتري ان وقت ٿيندي، جڏهن اها معاشي ترقي ۽ غربت جي خاتمي ۾ مددگار ثابت ٿيندي. هن صاف لفظن ۾ چيو ته جيتوڻيڪ سنڌ يونيورسٽيءَ جا اسڪالر علم جي ذخيري ۾ معمولي حصو ضرور وجهي رهيا آهن پر اصل چئلينج سان منهن ڏيڻ کان اڃا پري آهن. هن چيو ته اصل چيلينج اهو آهي ته اهڙي نئين ۽ جدت ڀري تحقيق ڪئي وڃي جيڪا مقامي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪري، صنعتن کي مضبوط بڻائي ۽ سماج لاءِ روزگار جا وڌيڪ سٺا موقعا پيدا ڪري. هن چيو ته يونيورسٽين کي ڄاڻ جي کاڻ پيدا ڪرڻ جو مرڪز بڻجڻو پوندو، جتي تحقيق رڳو ڪتابن ۽ ڊگريز تائين محدود نه هجي پر صنعتن جي ترقي، مستحڪم روزگار ۽ قومي خوشحالي لاءِ هڪ اهم ڪردار ادا ڪري. هن سنڌ هائير ايجوڪيشن ڪميشن جو شڪريو ادا ڪندي اهڙن قدمن کي سرڪاري يونيورسٽين ۾ تحقيق ۽ جدت جي ڪلچر کي هٿي وٺرائڻ لاءِ انتهائي اهم قرار ڏنو. هن چيو ته اهڙيون اسڪالرشپس رڳو مالي مدد نه پر اسان جي نوجوان محققن جي محنت ۽ صلاحيتن جو اعتراف به آهن. هن وڌيڪ چيو ته اسڪالر يونيورسٽين ۾ تحقيق کي رڳو پنهنجين ڊگرين کي مڪمل ڪرڻ تائين محدود نه ڪن پر هو نئين ڄاڻ تخليق ڪرڻ جي ڪوشش ڪن، عالمي معيار جو علم پيدا ڪن ۽ سڀ کان وڌيڪ صنعتن ۽ سماج لاءِ فائديمند ثابت ٿين. ڊاڪٽر کمڀاٽيءَ وڌيڪ چيو ته اسان جا اسڪالر تحقيق ذريعي ڪجهه حصو علم جي ذخيرن ۾ وجهي چڪا آهن پر حقيقي معنيٰ ۾ صنعتن سان لاڳاپيل اثرائتي تحقيق لاءِ اڃا ڊگهو رستو طئي ڪرڻو پوندو. هن اسڪالرشپ جي حقدار اسڪالرن تي زور ڀريو ته هو مليل رقم کي صحيح نموني استعمال ڪن ته جيئن سندن مطالعاتي ڪوششون معاشي ترقي ۽ ماڻهن جي زندگين ۾ مثبت تبديلي آڻي سگهن.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 09/05/2025
Announcements
1024 x 768
Sindh University marks Pakistan Defense Day with patriotic fervor
View Details → 09/05/2025
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پاران ايم فل ۽ پي اي...
View Details → 09/05/2025
1024 x 768
شیخ الجامعہ سندھ کا ایم فل و پی ایچ ڈی اسکالرز پر م...
View Details → 09/05/2025