سنڌ يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ۾ ڇهه ڏينهن وارو ڪتاب ميلو شروع، وائيس چانسلر افتتاح ڪيو: ڪتاب وڏو سرمايو آهن، جيڪي ذهنن کي روشن ۽ روح کي تازو توانو ڪن ٿا، نوجوان وڌ کان وڌ ڪتاب پڙهن: وي سي ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽيءَ جو اظهار

 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي طرفان ڇهن ڏينهن وارو ڪتابي ميلو شروع ٿي ويو آهي، جنهن جو افتتاح وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليـل الرحمان کمڀـاٽي ڪيو. ميلو 13 سيپٽمبر 2025 تائين جاري رهندو. ان موقعي تي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر فياض لطيف، اڳوڻو ڊائريڪٽر غلام مرتضيٰ سيال، پروفيسر ڊاڪٽر عرفانه ملاح، ڊاڪٽر نور محمد شاهه، ڊاڪٽر نواب ڪاڪا، ڊاڪٽر شازيا پتافي، ڊاڪٽر ريحانه ملاح، عبدالواحد هيسباڻي، سلميٰ شيخ ۽ ٻيا ڪيترائي استاد ۽ علم دوست موجود هئا. ڪتابي ميلـي ۾ مختلف اسٽالن تي سنڌي، اردو ۽ انگريزي شاعري، ڪلاسيڪي ۽ جديد ادب، تاريخ، ناولن ۽ ڪورس سان لاڳاپيل ڪيترائي ڪتاب رکيا ويا آهن، جيڪي شاگردن، استادن ۽ ڪتابن سان دلچسپي رکندڙ ماڻهن جي وڏي توجهه جو مرڪز بڻيا. ان سان گڏ سنڌ يونيورسٽي جي مختلف چيئرز طرفان شايع ڪيل ڪتاب به ميلـي ۾ رکيا ويا، جيڪي پڙهندڙن لاءِ رعايتي قيمتن تي دستياب آهن ته جيئن هو علمي، تاريخي ۽ ثقافتي اهميت رکندڙ قيمتي ڪتاب آساني سان حاصل ڪري سگهن. وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليـل الرحمان کمڀاٽي چيو ته ڪتاب هميشه لاءِ سرمايو آهن، جيڪي ذهنن کي روشن ۽ روح کي تازو توانو ڪن ٿا، نوجوانن کي وڌ کان وڌ ڪتاب پڙهڻ گهرجن. هن چيو ته انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي سدائين سنڌ جي علمي ۽ ثقافتي ورثي جي حفاظت ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪتابي ميلو رڳو واپار لاءِ ناهي پر اهو خيالن جي ڏي وٺ ۽ مڪالمو وڌائڻ لاءِ هڪ پليٽ فارم آهي. وائيس چانسلر نوجوانن کي ڪتابن جا دوست ٿي رهڻ جي صلاح ڏيندي چيو ته ڪتاب ئي مستقبل جي قيادت لاءِ الهام جو ذريعو آهن. هن چيو ته سنڌ يونيورسٽي اهڙا تعليمي ۽ ثقافتي سرگرميون جاري رکندي. انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر فياض لطيف چيو ته هي ميلو شاگردن ۽ عوام ۾ پڙهڻ جي شوق کي ٻيهر زندهه ڪرڻ لاءِ لڳايو ويو آهي. هن چيو ته ميلي ۾ پيش ڪيل ڪتابن جو ذخيرو اداري جي تعليمي پکيڙ واري سوچ کي ظاهر ڪري ٿو. هن وڌيڪ چيو ته انتهائي گهٽ قيمت تي سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻولين جا ڪتاب رکيا ويا آهن ته جيئن لساني ۽ ثقافتي ويجهڙائي وڌي سگهي. ڊاڪٽر فياض لطيف زور ڀريو ته هي ميلو نون ليکڪن کي همٿائڻ ۽ سندن ڪتابن کي ڪلاسيڪي شاهڪار سان گڏ پيش ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو. هن چيو ته انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي اهڙا علمي ميلا لڳائيندو رهندو ۽ ثقافتي ميلن جي ميزباني ڪندو رهندو، جيڪي ايندڙ نسلن لاءِ اتساهه جو ذريعو بڻجن. ميلـي جي پهرئين ڏينهن وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي، جن اسٽالن تي رکيل ڪتابن ۾ دلچسپي ورتي ۽ خريداري پڻ ڪئي.

 

Author: Mrs. Shumaila Solangi 09/10/2025
Announcements
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ۾ ڇهه ڏينه...
View Details → 09/10/2025
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف لا جي ٽيمن قومي ۽ صو...
View Details → 09/10/2025
1024 x 768
انسٹیٹیوٹ آف سندھیالوجی جامعہ سندھ میں 6 روزہ کتب ...
View Details → 09/10/2025