سنڌ يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف لا جي ٽيمن قومي ۽ صوبائي مقابلن ۾ شاندار ڪاميابيون ماڻي ورتيون، وي سي سان ملاقات، مبارڪباد پيش

 سنڌ يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف لا جي ٽيمن مختلف موٽ ڪورٽ ۽ ماڪ ٽرائل مقابلن ۾ نمايان حيثيت حاصل ڪري ورتي. بليڪ اسٽون اسڪول آف لا اينڊ بزنس لاهور ۾ ٿيل نيشنل ماڪ ٽرائل مقابلي 2025 ۾ ٽيم ٽين پوزيشن ماڻي، جتي چوٿين سال جي شاگرد سيد ارشد علي شاهه کي بيسٽ وِٽنِس اسپيڪر جو ايوارڊ ڏنو ويو۔ ٽيم ۾ غلام مصطفيٰ شورو، غلام اڪبر ۽ اياز علي لاشاري شامل هئا۔ ساڳئي وقت انسٽيٽيوٽ آف لا ملڪ ۾ ٿيل 16 ٽيمز مان پهريون نمبر حاصل ڪري تاشقند انٽرنيشنل آربيٽريشن موٽ ڪورٽ مقابلي 2025 لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو، جنهن ۾ ٽيم پاڪستان جي نمائندگي ڪندي۔ ٽيم ۾ ڀاگيشواري کٽري، دانشوري، محمد نجم الدين ۽ عمر الاھي شامل هئا۔ ان کان سواءِ پهرين ضلعي بار ايسوسيئيشن موٽ ڪورٽ مقابلي 2025 ۾ پڻ انسٽيٽيوٽ آف لا پهريون نمبر ماڻي سڄي سنڌ جي چئمپين بڻجي وئي، ٽيم ۾ ثانيه ڪريم، زين العابدين جوکيو ۽ سيده مسڪن شامل هئا۔ ڄاڻايل ڪاميابيون سنڌ يونيورسٽي لاءِ وڏو اعزاز قرار ڏنيون پيون وڃن۔ ھوڏانھن ٽنھي ٽيمن انسٽيٽيوٽ آف لا جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر سردار علي شاھ جي اڳواڻيءَ ۾ وائيس چانسيلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽي سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي، جتي وائيس چانسيلر بھترين ڪارڪردگي تي کين مبارڪباد ڏني.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 09/10/2025
Announcements
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ۾ ڇهه ڏينه...
View Details → 09/10/2025
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف لا جي ٽيمن قومي ۽ صو...
View Details → 09/10/2025
1024 x 768
انسٹیٹیوٹ آف سندھیالوجی جامعہ سندھ میں 6 روزہ کتب ...
View Details → 09/10/2025