
سنڌالاجي ڪتابي ميلو جاري، سنڌ يونيورسٽيءَ جي رجسٽرار ڊاڪٽر مشتاق علي ڄاريڪو ڪتابي ميلي جو دورو ڪري بڪ اسٽال ڏٺا، موجوده دور ۾ هن قسم جي ڪتابي ميلن جي تمام گهڻي ضرورت آهي، مادرعلمي جي شاگردن کي هن رعايتي موقعي مان ڀرپور فائدو وٺڻ گهرجي (پروفيسر ڊاڪٽر مشتاق علي ڄاريڪو) ڇنڇر ۽ آچر تي به اسٽال کُليل هوندا. ڪتابي ميلي جي تاريخ اڱاري 16 سيپٽمبر تائين وڌائي ويئي آهي: ڊاڪٽر فياض لطيف
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ۾ ڪتابي ميلو جاري آهي. ڪتابن جي اسٽالن تي عالمن، اديبن، اسڪالرن، استادن ۽ شاگردن جي رش رھي ٿي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي رجسٽرار پروفيسر ڊاڪٽر مشتاق علي ڄاريڪو انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جو دورو ڪيو ۽ ڊائريڪٽر سان گڏ ميلي ۾ قائم ٿيل اسٽالن جو معائنو ڪيو ۽ ادب، تاريخ، ٻولي، ثقافت، سائنس ۽ سماجيات سميت مختلف موضوعن تي سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻولين ۾ ڇپرايل ڪتابن ۽ نهايت ئي قيمتي ڊڪشنرين کي تمام گهڻي دلچسپيءَ سان ڏٺو ۽ پنهنجي پسند جا ڪتاب خريد ڪيا. ان موقعي تي پنهنجا ويچار ونڊيندي رجسٽرار ڊاڪٽر ڄاريڪو چيو ته موجوده دور ۾ هن قسم جي ڪتابي ميلن جي تمام گهڻي ضرورت آهي. هن چيو ته سنڌالاجي جي ڪتاب گهر توڙي سنڌ يونيورسٽيءَ جي مختلف چيئرز ۾ اهم علمي ۽ ادبي خزانو موجود آهي، جنهن بابت شايد گهڻن ماڻهن کي گهٽ خبر آهي. هن ڪتابي ميلي ۾ انهن شاندار ڪتابن جو پڙهندڙن وٽ تعارف پڻ ٿيو آهي. رجسٽرار وڌيڪ چيو ته سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندڙ هزارين شاگرد هتان جا اهم اسٽيڪ هولڊر آهن، سنڌالاجي جهڙي آئيڊيل هنڌ تي انهن لاءِ ڪتابي ميلو منعقد ڪري ۽ انهن کي 60 سيڪڙو تائين رعايت ڏيئي کين ڪتابن جي ويجهو ٿيڻ جو هي شاندار موقعو ڏنو ويو آهي، جن مان کين ڀرپور فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي. هن چيو سنڌالاجي طرفان اهم موضوعن تي ڇپرايل مقالا ۽ ڊڪشنريون پڻ پڙهڻ وٽان آهن. هن ڪامياب ڪتابي ميلو منعقد ڪرڻ تي ڊائريڪٽر سنڌالاجي ۽ سندس ٽيم کي مبارڪون پڻ ڏنيون. ان موقعي سنڌالاجي جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر فياض لطيف رجسٽرار کي ڪتابي ميلي ۾ اچڻ ٿي ڀليڪار چيو ۽ ميلي ۾ روزانو جي بنياد تي ايندڙ عالمن، اديبن، استادن ۽ شاگردن سميت زندگيءَ جي مختلف شعبن سان واسطو رکندڙن جي ڪتابن سان دلچسپي ۽ ڪتابن جي وڪري بابت آگاهي ڏيندي ٻڌايو ته ڪتابي ميلي ۾ کين توقع کان وڌيڪ موٽ ملي آهي. صبح کان منجهند جي مقرر ٿيل وقت تائين ڪتابن سان دلچسپي رکندڙن جي وڏي رش رهي ٿي. پڙهندڙن جي ان دلچسپيءَ کي سامهون رکندي ڇنڇر ۽ آچر سميت اڱاري 16 سيپٽمبر تائين ڪتابي ميلو جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ڪتابي ميلي ۾ سنڌالاجي سميت سنڌ يونيورسٽي جي مختلف چيئرز جا ڇپرايل ڪتاب 50 کان 60 سيڪڙو تائين جي خصوصي رعايت سان وڪري لاءِ رکيا ويا آهن، جيڪي عام پڙھندڙ توڙي شاگرد وڏي تعداد ۾ اچي روزاني جي بنياد تي خريد ڪري رھيا آھن. ان موقعي تي رجسٽرار سنڌالاجي جي نئين مرمت ڪيل پير حسام الدين راشدي آڊيٽوريم ۽ بڪ شاپ جو پڻ معائنو ڪيو ۽ ڊائريڪٽر جي ڪوششن کي ساراهيو.