
سنڌالاجي ۾ سڀاڻي ڪتابي ميلي جي اختتامي تقريب ۽ "جديد دور ۾ ڪتابن جي اهميت ۽ افاديت" جي موضوع تي ليڪچر منعقد ٿيندو تقريب جي صدارت وائيس چانسلر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽي ڪندو. ناميارو ليکڪ ۽ مترجم جاويد راڄپر موضوع جي مناسبت سان ليڪچر ڏيندو
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر فياض لطيف پنهنجي جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته سڀاڻي اڱاري تي صبح جو 11:00 وڳي اداري جي پير حسام الدين راشدي آڊيٽوريم ۾ ڪتابي ميلي جي اختتامي تقريب ۽ ليڪچر پروگرام منعقد ڪيو ويندو، جنھن جي صدارت سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽي ڪندو. ان موقعي تي ناميارو ليکڪ ۽ مترجم جاويد راڄپر "جديد دور ۾ ڪتابن جي اهميت ۽ افاديت" جي موضوع تي ليڪچر ڏيندو. جاري ڪيل پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڄاڻايل تقريب ۾ وائيس چانسلر ڪتابي ميلي دوران پنهنجون ذميواريون سرانجام ڏيندڙ سنڌ الاجيءَ جي ٽيم کي مڃتا سرٽيفڪيٽ پڻ ڏيندو. ڊائريڪٽر سمورن ساڃاهه وندن کي هن پروقار تقريب ۾ شرڪت جي دلي ڪوٺ ڏني آهي
Author:
Mrs. Shumaila Solangi
09/15/2025