سنڌ يونيورسٽي جي آرٽس فئڪلٽي بلڊنگ ٻاھران وڻڪاري مھم، وائيس چانسلر پاران افتتاح: 100 ٻوٽا پوکيا ويا

سنڌ يونيورسٽي جي آرٽس فئڪلٽي بلڊنگ ۾ وڻڪاري مهم منعقد ڪئي ويئي. آرٽس فيڪلٽي بلڊنگ جي انچارج پروفيسر ڊاڪٽر سڪندر علي سومرو هيلپنگ هينڊ آرگنائيزيشن جي سهڪار سان ڄاڻايل وڻڪاري مھم منعقد ڪئي. وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽي مهم جو افتتاح ڪيو ۽ هڪ ٻوٽو پڻ پوکيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي ڊاڪٽر کمڀاٽي چيو ته وڻ پوکڻ آبهوا جي تبديلي کي منهن ڏيڻ ۽ ايندڙ نسلن جي تحفظ لاءِ نهايت ضروري آهي. هن وڌيڪ چيو ته ھو سرسبز ۽ صحتمند ڪيمپس جي قيام لاءِ پرعزم آهي ۽ شاگردن کي اهڙين مهمن جي مالڪي ڪرڻ گهرجي. ڊاڪٽر سڪندر علي سومرو چيو ته هيءَ مهم استادن ۽ شاگردن جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿي ته ماحولياتي پائيداري ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن وڌيڪ چيو ته وڻ پوکڻ نه رڳو ڪيمپس جي خوبصورتي لاءِ ضروري آهي پر سنڌ ۾ ماحولياتي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ به اهم قدم آهي. واضح رھي ته ڄاڻايل مهم دوران 100 کان وڌيڪ ٻوٽا پوکيا ويا جن ۾ فئڪلٽي ميمبرن، شاگردن ۽ هيلپنگ هينڊ آرگنائيزيشن جي رضاڪارن سرگرم شرڪت ڪئي.

 

Author: Mrs. Shumaila Solangi 10/03/2025
Announcements
1024 x 768
Well-known historian highlights legacy of Shaheed Allah Bux Soomro at Sindh University
View Details → 12/02/2025
1024 x 768
SU's anthropology students showcase Sindhi music heritage through poster art exhibition
View Details → 11/28/2025
1024 x 768
Mock viva voce held for final-year students at SU Laar Campus
View Details → 11/28/2025