سنڌ يونيورسٽيءَ طرفان بيچلر ڊگري پروگرام 2027ع جي پهرين عارضي سليڪشن لسٽ جاري، اعتراض جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 24 نومبر مقرر

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ 2027ع جي بيچلر ڊگري پروگرامن ۾ داخلائن لاءِ پهرين عارضي سليڪشن لسٽ جاري ڪئي وئي آهي. اميدوار پنهنجي سليڪشن جا تفصيل سنڌ يونيورسٽيءَ جي ايڊميشن ويب سائيٽ تي پنهنجو قومي سڃاڻپ ڪارڊ (CNIC) نمبر داخل ڪري چيڪ ڪري سگهن ٿا. هن سلسلي ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڊائريڪٽوريٽ آف ايڊميشنز پاران جاري ڪيل شيڊول موجب، اميدوار پنهنجي سليڪشن لسٽ تي اعتراض (جيڪڏهن هجن ته)  22 کان 24 نومبر 2026ع تائين جمع ڪرائي سگهن ٿا. اميدوار پنهنجا اعتراض ڊائريڪٽوريٽ آف ايڊميشنز، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ جمع ڪرائي سگهن ٿا يا اي ميل ذريعي admission@usindh.edu.pk تي موڪلي سگهن ٿا. اعتراض جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ اڱارو، 24 نومبر 2026ع، شام 5:00 وڳي مقرر ڪئي وئي آهي. نظرثاني ٿيل چونڊ لسٽ ۽ داخلا چالان اربع، 25 نومبر 2026ع تي جاري ڪيا ويندا، جيڪي داخلا لاءِ سليڪٽ ٿيل اميدوارن جي اي پورٽل اڪائونٽس ۾ دستياب هوندا.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 11/23/2026
Announcements
1024 x 768
University of Sindh Issues First Provisional Selection List for Bachelor’s Degree Progra...
View Details → 11/24/2026
1024 x 768
عورتن جي ترقي ۽ کين بااختيار بڻائڻ کانسواءِ سماج Ø...
View Details → 11/23/2026
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽيءَ طرفان بيچلر ڊگري پروگرام 2027ع جي پ...
View Details → 11/23/2026