عورتن جي ترقي ۽ کين بااختيار بڻائڻ کانسواءِ سماج ترقي نٿو ڪري سگهي: سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ منعقد ٿيل سيمينار کي مقررن جو خطاب
عورتن جي ترقي ۽ کين بااختيار بڻائڻ کانسواءِ سماج ترقي نٿو ڪري سگهي ، عورتن جي حقن جو مطالبو مردن تي بالادستي قائم ڪرڻ جو نالو ناهي. اهڙن خيالن جو اظهار مقررن سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي سينٽر فار رورل ڊولپمينٽ ڪميونيڪيشن (CRDC) پاران “روايتن جون زنجيرون ٽوڙي، خودمختياري کي نئين معنيٰ ڏيندڙ سنڌ جي باهمت عورتن جون ڪهاڻيون” جي عنوان هيٺ ڪوٺايل سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. سيمينار جي صدارت سنڌ يونيورسٽي جي سنڊيڪيٽ ميمبر ۽ هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان (HRCP) جي ميمبر پروفيسر ڊاڪٽر عرفانه ملاح ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي ڊاڪٽر عرفانه ملاح چيو ته وقت جي اهم ضرورت آهي ته مردن کي عورتن جو احترام ڪرڻ ۽ کين پنهنجا فيصلا پاڻ ڪرڻ جو اختيار ڏيڻ بابت تربيت ڏني وڃي. هن چيو ته مردن کي اهو سمجهڻو پوندو ته عورتون به برابر جا انسان آهن ۽ سماج جو اهم حصو آهن. عورتن جي ترقي ۽ کين بااختيار بڻائڻ کانسواءِ سماج ترقي نٿو ڪري سگهي. سيمينار کي خطاب ڪندي سنڌ يونيورسٽي جي فلسفي شعبي جي چيئرپرسن ۽ عورتن جي حقن جي سرگرم اڳواڻ پروفيسر امر سنڌو چيو ته عورتن جي حقن جو مطالبو ڪرڻ جو مطلب مردن تي بالادستي قائم ڪرڻ ناهي. هن چيو ته جڏهن به عورتن جي حقن جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي ته مرد اهو سوچي پريشان ٿي وڃن ٿا ته متان سندن سماجي حيثيت گهٽجي وڃي پر ائين ناهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان جي سماج ۾ عورتن کي پنهنجي وجود تي به اختيار حاصل ناهي، ان کي به مردن جي ملڪيت سمجهيو وڃي ٿو. ان رويي کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. سنڌ حڪومت جي وومين ڊولپمينٽ ڊپارٽمينٽ جي ڄامشوري ۾ قائم ٿيل ڪمپلين سيل جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر سيده قرت العين شاهه پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته سندس کاتو عورتن جي مدد لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهيو آهي. هن چيو ته عام طور تي عورتن کي گهريلو تشدد، زيادتين ۽ ڪم واري هنڌ هراسان ٿيڻ جهڙن مسئلن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، جن جي خاتمي لاءِ سنڌ حڪومت سنجيده ڪوششون ڪري رهي آهي. هن ٻڌايو ته ماضي ۾ عورتن سان لاڳاپيل اهڙن مسئلن کي پوليس ذريعي حل ڪيو ويندو هو، پر هاڻي سندس کاتي پاران تشدد جو شڪار عورتن لاءِ محفوظ پناهه گاهون قائم ڪرڻ سميت مختلف قدم کنيا ويا آهن. ان موقعي تي سنڌ يونيورسٽيءَ جي سوشالاجي شعبي جي استاد ۽ سماجيات جي ماهر پروفيسر ڊاڪٽر غزالا پنھور چيو ته مرداڻي بالادستي واري سماج ۾ عورتن سان لاڳاپيل ڪيترن ئي معاملن کي غير اهم سمجهيو وڃي ٿو، عورتن جي مرضي کي ڪابه اهميت نه ٿي ڏني وڃي، ايستائين جو عورت کي پنهنجي زندگيءَ جي ساٿي جي چونڊ ڪرڻ جهڙو فيصلو ڪرڻ جو به اختيار نه ٿو ڏنو وڃي. هن چيو ته سماج اندر مردن ۽ عورتن وچ ۾ فرق واري رجحان جي حوصلا شڪني ٿيڻ گهرجي. ان موقعي تي سينٽر فار رورل ڊولپمينٽ ڪميونيڪيشن جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر راشڊ علي کهڙو شريڪ مهمانن کي ڀليڪارڪندي سيمينار جي مقصدن تي روشني وڌي. هن چيو ته اهڙين سرگرمين سان نئين نسل ۾ شعور ۽ آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي. سيمينار ۾ سنڌ يونيورسٽي جي سنڊيڪيٽ ميمبر ۽ ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن اسٽڊيز شعبي جي چيئرمين ڊاڪٽر محمد قاسم نظاماڻي، اڪنامڪس شعبي جي چيئرپرسن پروفيسر ڊاڪٽر امبرين زيب خاصخيلي، پروفيسر ڊاڪٽر ڪرن سميع، پروفيسر ڊاڪٽر بشير ميمڻ، ڊاڪٽر فرحين قاسم نظاماڻي، ڊاڪٽر شازيه شهاب شيخ، ڊاڪٽر جانِ عالم سولنگي، ڊاڪٽر رمضان پهوڙ، فرزانه بلوچ سميت وڏي انگ ۾ استادن ۽ شاگردن شرڪت ڪئي.