سنڌ يونيورسٽي جي علامه آءِ آءِ قاضي چيئر پاران ادب جو فني روپ جي سري هيٺ ليڪچر جو اهتمام: ادب تخيل، سوچ ۽ ثقافتي سمجهه تي اثرانداز ٿئي ٿو، مباحثي وارن پروگرامن ۾ ادب جي وڌندڙ ڊجيٽل ۽ ٽيڪنالاجيڪل پاسن کي به شامل ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته اهي پاسا جديد دور جي ثقافتي منظرنامي ۾ اهميت اختيار ڪري رهيا آهن: پي وي سي ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽي، حسام الدين ميراڻي ۽ مخمور بخاريءَ جو ليڪچر پروگرام کي خطاب

 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي علامه آءِ آءِ قاضي چيئر پاران علامه آءِ آءِ قاضي ليڪچر سيريز تحت ادب جو فني روپ جي سري هيٺ فڪري طور اُجاگر ڪندڙ هڪ ليڪچر جو اهتمام سنڌي شعبي جي ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو هال ۾ منعقد ڪيو ويو، جنهن جي صدارت وائيس چانسيلر پاران لاڙ ڪئمپس بدين جي پرو وائيس چانسيلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽيءَ ڪيو. پنهنجي تقرير ۾ پي وي سي ڊاڪٽر کمڀاٽيءَ علامه آءِ آءِ قاضي چيئر کي معلوماتي ۽ معنيٰ خيز پروگرام منعقد ڪرڻ تي ساراهيو. هن تجويز ڏني ته مستقبل جي مباحثي وارن پروگرامن ۾ ادب جي وڌندڙ ڊجيٽل ۽ ٽيڪنالاجيڪل پاسن کي به شامل ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته اهي پاسا جديد دور جي ثقافتي منظرنامي ۾ اهميت اختيار ڪري رهيا آهن. انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊزائن جي استاد حسام الدين ميراڻيءَ پنهنجي تقرير ۾ ادب کي فن جي وسيع دنيا جي پسمنظر ۾ پيش ڪيو. هن فن جي بنيادي خيالن، ان جي جوڙجڪ ۽ جمالياتي اصولن کان ليڪچر جي شروعات ڪئي. هن ادب جي فني روپ جي تاريخي ارتقا تي روشني وڌي ۽ انهن تخليقي ۽ ذهني عملن تي به ڳالهه ڪئي جيڪي ادبي اظهار کي شڪل ڏين ٿا. هن ٻڌايو ته ادب ڪيئن انساني تجربي کي عڪس ڏئي ٿو ۽ تخيل، سوچ ۽ ثقافتي سمجهه تي اثرانداز ٿئي ٿو. سندس ليڪچر کي اُن جي رواني، وضاحت ۽ علمي گهراين سبب ساراهيو ويو. بعد ۾ علامه آءِ آءِ قاضي چيئر جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر رُشد الله شاهه مخمور بخاري چيئر جي مقصدن تي روشني وڌي ۽ زور ڀريو ته چيئر جو بنيادي مشن تحقيق، تنقيدي سوچ ۽ علمي ڏي وٺ کي اڳتي وڌائڻ آهي، خاص طور انهن موضوعن تي جيڪي علامه آءِ آءِ قاضي جي ادبي، فڪري ۽ ثقافتي خدمتن سان لاڳاپيل آهن. هن چيئر جي تازي سرگرمين ۽ مستقبل ۾ اهڙن ليڪچرن جي ميزباني جاري رکڻ جي منصوبن بابت پڻ آگاهه ڪيو ته جيئن يونيورسٽي ۾ علمي گفتگو کي وڌيڪ هٿي ملي سگهي. پروگرام جي آخر ۾ شريڪ ممانن جو شڪريو ادا ڪندي هن اهو عزم دهرايو ته علامه آءِ آءِ قاضي چيئر علمي، فني ۽ فڪري سرگرمين کي اڳتي وڌائيندي رهندي ته جيئن قاضي جي فڪري ورثي کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجي.

 

Author: Mrs. Shumaila Solangi 11/19/2025
Announcements
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي جي علامه آءِ آءِ قاضي چيئر پاران اد...
View Details → 11/19/2025
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي جي اينٿروپالاجي شاگردن پاران حيدرآ...
View Details → 11/19/2025
1024 x 768
جامعہ سندھ کی علامہ آئی آئی قاضی چیئر کی جانب سے ا...
View Details → 11/19/2025