سنڌ يونيورسٽي جي اينٿروپالاجي شاگردن پاران حيدرآباد جي تاريخي ورثي جو دورو: ڄاڻايل فيلڊ سرگرميون تاريخي ماڳن کي سمجھڻ ۽ نظريي کي واقعي سان ڳنڍڻ لاءِ انتهائي اهم آهن: ڊاڪٽر عبدالرزاق چنا

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي اينٿروپالاجي ۽ آرڪيالاجي ڊپارٽمينٽ پاران شاگردن کي حيدرآباد جي ٻن اهم تاريخي ماڳن ــ پڪو قلعو ۽ مکي هائوس جو دورو ڪندي عملي جائزو ورتو. ڄاڻايل فيلڊ وِزٽ جو مقصد شاگردن کي ثقافتي ماڳن ۽ سماجي منظرنامي بابت روشناس ڪرائڻ هو. ڪورس ڪنوينر مسز زاهده ۽ استادن جي اڳواڻي ۾ شاگردن کي ٻنهي ماڳن جي تاريخي ۽ سماجي پس منظر بابت تفصيلي بريفنگ ڏني ويئي. پڪي قلعي تي انٿروپالاجسٽ ۽ ڊپارٽمينٽ جي اڳوڻي شاگرد نقاش سهتو 18هين صدي ۾ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي تعمير ڪرايل قلعو ۽ 1782ع جي ڪلهوڙن-ٽالپرن واري جنگ بابت تفصيل سان آگاهه ڪيو. شاگردن قلعي اندر مرمت ڪيل مير حرم ۽ روايتي لوهي فريم سان مضبوط ڪيل ڪاٺيءَ جو دفاعي دروازو پڻ ڏٺو. بعد ۾ شاگردن جو گروپ مکي هائوس پهتو، جتي شاگردن کي مکي خاندان جي سماجي ۽ سياسي اهميت ۽ انهن تاريخي شخصيتن بابت ڄاڻ فراهم ڪئي ويئي، جيڪي پنهنجن دورن دوران ڪڏهن هتي اچي ترسيون هيون، جن ۾ جواهر لال نهرو پڻ شامل آهي. ڊاڪٽر عبدالرازق چنا، ڊاڪٽر رفيق وساڻ ۽ ڊاڪٽر محبت شاهه شاگردن کي اربن تبديلي، ورثي جي حفاظت، گڏيل يادگيري ۽ سماجي ترتيب جهڙن موضوعن تي ڄاڻ ڏني، جڏهن ته شهري ورثي جي تحفظ سان لاڳاپيل موجوده چيلينجن جهڙوڪ قبضا ۽ ڪمزور انتظامن تي به روشني وڌي. دوري جي پڄاڻيءَ تي ڊاڪٽر عبدالرازق چنا نقاش سهتي جي تعاون ۽ فيڪلٽي، ڪورس ڪنوينر ۽ شاگردن جي ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته اهڙيون فيلڊ سرگرميون تاريخي ماڳن کي سمجھڻ ۽ نظريي کي واقعي سان ڳنڍڻ لاءِ انتهائي اهم آهن.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 11/19/2025
Announcements
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي جي علامه آءِ آءِ قاضي چيئر پاران اد...
View Details → 11/19/2025
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي جي اينٿروپالاجي شاگردن پاران حيدرآ...
View Details → 11/19/2025
1024 x 768
جامعہ سندھ کی علامہ آئی آئی قاضی چیئر کی جانب سے ا...
View Details → 11/19/2025