سنڌ يونيورسٽي ۾ انساني حقن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويو، سنڌالاجي ۾ تقريب، اقبال ڏيٿو، روماسا جامي ۽ ٻين پاران انساني حقن جي تحفظ لاءِ عملي قدم کڻڻ تي زور
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو علمي بحث ۽ غور و فڪر جو مرڪز بڻجي وئي آهي، جتي گذريل ڏينهن انساني حقن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي هڪ سيمينار جو اهتمام ڪيو ويو. “انساني حق: اسان جي روزاني زندگي جا لازمي پهلو” جي سري هيٺ منعقد ٿيل سيمينار ۾ ساڃاهه وندن زور ڀريو ته انساني حق جي فراهمي ڪو احسان نه ۾ نه پر روزمرهه جي زندگي جو اهم حصو آهي. ڄاڻايل پروگرام بيوور آف اسٽئگس ۽ يونيورسٽي جي سوشالاجي شعبي ٻارن جي حقن جي تحفظ لاءِ سوسائٽي جي گڏيل سهڪار سان منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ شاگرد، استاد ۽ انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ ڪارڪنن توڙي شاگرد شريڪ ٿيا. پروگرام جي شروعات سنڌ يونيورسٽي جي سوشالاجي شعبي جي چيئرپرسن ڊاڪٽر صائمه شيخ پاران گرمجوشي سان ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ سنڌ انساني حقن جي ڪميشن جي اڳوڻي چيئرمين اقبال احمد ڏيٿو پنهنجو اهم تقرير پيش ڪئي. هن انساني حقن جي شعور جي فوري ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته انساني حق خاندان کان شروع ٿين ٿا، جيڪي ڪلاس روم تائين پهچن ٿا ۽ پٰوءِ اهي سماج جي هر ڪنڊ ۾ لاڳو ٿين ٿا. هن چيو ته شعور ۽ عمل هڪ ٻئي سان گڏ گڏ هلن ٿا، نوجوان باشعور هوندا ته انسانن جي بنيادي حقن جو خيال رکندا. نوجوان وڪيل، ليکڪ ۽ انساني حقن جي علمبردار روماسا جامي چانڊيو انساني حقن جي تحفظ لاءِ عملي قدم کڻڻ تي زور ڏنو ۽ چيو ته نوجوانن کي سندن حقن جي ڄاڻ سان بااختيار بڻائڻ هڪ منصفانه ۽ ذميوار سماج ٺاهڻ جو سڀ کان اثرائتو طريقو آهي. هن وڌيڪ چيو ته انساني حق جي گراهمي ڪو احسان ناهي پر اها باوقار معاشري جي تشڪيل لاءِ ضروري آهن. هن چيو ته انساني برابري ۽ آزادي لاءِ بنيادي حقن جي فراهميءَ جو وڏو ڪردار آهي. سنڌ يونيورسٽي جي پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر عبد الستار شاهه چيو ته تعليم واحد شيءِ آهي، جيڪا حاصل ڪري انساني حقن جي ثقافت کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته يونيورسٽيون صرف علم جو مرڪز نه آهن پر اهي اهڙا پليٽ فارمز آهن، جتي انصاف ۽ برابري جا قدر وڌا وڃن ٿا. هن چيو ته هر شاگرد کي سماج جي حوالي سان ذميواريءَ جو احساس هئڻ گهرجي. پروگرام جي پڄاڻيءَ تي بيورو آف اسٽئگس جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر شبانه تنيو پاران مهمانن جو شڪريو ادا ڪيو ويو