سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊزائين ۾ تعليمي سال 2026ع تحت داخلائن لاءِ قابليت واري ٽيسٽ منعقد، وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد مري امتحاني مرڪز جو دورو ڪيو، انتظامن تي اطمينان جو اظهار، ٽيسٽ سڀاڻي 10 ڊسمبر تي پڻ منعقد ٿيندي، رهجي ويل اميدوار حصو وٺي سگهن ٿا
سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊزائين جي ٽن شعبن ڪميونيڪيشن ڊزائين، ٽيڪسٽائيل ڊزائين ۽ فائن آرٽ ۾ تعليمي سال 2026ع تحت داخلائن لاءِ قابليت واري ٽيسٽ منعقد ڪئي ويئي، جنهن ۾ ڪيترن ئي شاگردن ۽ شاگردياڻين شرڪت ڪئي. امتحان دوران سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري انسٽيٽيوٽ پهچي امتحاني مرڪز جو دورو ڪيو ۽ ڪيل انتظامن تي مڪمل اطمينان جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي فئڪلٽي آف آرٽس جو ڊين پروفيسر ڊاڪٽر محمد خان سانگي، انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊزائين جو ڊائريڪٽر پروفيسر سعيد احمد منگي، پروفيسر نعمت الله خلجي ۽ ٻيا استاد پڻ موجود هئا. يونيورسٽي ترجمان موجب فائن آرٽ، ڪميونيڪيشن ڊزائين ۽ ٽيڪسٽائيل ڊزائين ۾ پڙهڻ جي خواهشمند اميدوارن کان قابليت ٽيسٽ جو ٻيو مرحلو سڀاڻي 10 ڊسمبر تي منعقد ٿيندو، جنهن ۾ اڄ 9 ڊسمبر تي رهجي ويل اميدوارن کي پڻ موقعو ڏنو ويندو، جڏهن ته نتيجا مقرر وقت تي جاري ڪيا ويندا. ترجمان چيو ته ٽيسٽ صرف انهن اميدوارن کان ورتي پئي وڃي، جن آڪٽوبر ۾ ٻن مرحلن ۾ ٿيل پري انٽري ٽيسٽ ۾ 30 يا ان کان مٿي مارڪون حاصل ڪيون.