سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر تحقيق ۽ تعليمي معيار جي بهتري لاءِ پرعزم: ڊگهي مدي واري ترقي، پائيداري ۽ اداري جي استحڪام کي يقيني بڻائڻ لاءِ جامع ڪاروباري، انتظامي ۽ حڪمتِ عملي تي ٻڌل منصوبابندي جو به ذڪر: سنڌ يونيورسٽي ۾ سيمسٽر امتحانن ۾ ويهڻ لاءِ شاگردن جي گهٽ ۾ گهٽ 75 سيڪڙو حاضري کي يقيني بڻايو ويندو: وي سي ڊاڪٽر فتح مريءَ جو اجلاس کي خطاب
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح مريءَ تحقيق جي معيار کي بهتر بڻائڻ، تعليمي معيار ۾ واڌ آڻڻ ۽ يونيورسٽي کي قومي توڙي عالمي سطح تي نمايان حيثيت ڏيارڻ جي عزم جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي. سندس چوڻ هو ته سنڌ يونيورسٽي هميشه اعليٰ تعليم ۽ تحقيق ۾ مقدار بدران معيار کي اوليت ڏني آهي ۽ مالي توڙي انتظامي پابندين باوجود ادارو موجود وسيلن مان ڀرپور فائدو وٺندي اڳتي وڌي رهيو آهي. هن اهڙو اظهار گذريل ڏينهن آرٽس فيڪلٽي بلڊنگ ۾ واقع شيخ اياز آڊيٽوريم ۾ مختلف فيڪلٽين جي ڊينن، ڊائريڪٽرن، شعبن جي سربراهن ۽ فيڪلٽي ميمبرن جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وي سي ڊاڪٽر فتح مري شعبن جي سربراهن تي زور ڏنو ته هو تعليمي معيار يي بلنديءَ لاءِ موجود سمورن وسيلن جو موثر استعمال ڪن. هن تحقيق ۽ ترقي کي اوليت ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته سرڪاري گرانٽس جو وڏو حصو تحقيق لاءِ مخصوص ٿيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ تہ تحقيق جديد دور ۾ يونيورسٽين جي ريڙهه جي هڏي آهي. هن ڊگهي مدي واري ترقي، پائيداري ۽ اداري جي استحڪام کي يقيني بڻائڻ لاءِ جامع ڪاروباري، انتظامي ۽ حڪمتِ عملي تي ٻڌل منصوبابندي جي اهميت تي پڻ روشني وڌي. ڊاڪٽر فتح مريءَ چيو ته تعليمي معيار ۾ حقيقي بهتري ڪنهن هڪ فرد جي ڪوششن سان ممڪن ناهي پر ان لاءِ سمورن ٽيچرز جي گڏيل سهڪار ۽ ڀرپور شرڪت ضروري آهي. هن اعلان ڪيو ته سنڌ يونيورسٽي ۾ سيمسٽر امتحانن ۾ ويهڻ لاءِ شاگردن جي گهٽ ۾ گهٽ 75 سيڪڙو حاضري کي سختي سان يقيني بڻايو ويندو. اجلاس دوران استادن کي سوال ڪرڻ ۽ پنهنجا خدشا ظاهر ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويو، جن جا وائيس چانسلر تفصيلي جواب ڏنا ۽ کين يقين ڏياريو ته علمي ۽ انتظامي چئلينجن کي مشاورت ۽ گڏيل سهڪار سان حل ڪيو ويندو. اجلاس ۾ پي وي سي مين ڪئمپس پروفيسر ڊاڪٽر عبدالستار شاهه، سوشل سائنس فيڪلٽي جو ڊين پروفيسر ڊاڪٽر نانڪ رام ۽ آرٽس فيڪلٽي جو ڊين پروفيسر ڊاڪٽر محمد خان سانگي پڻ موجود هئا.