ثقافت کاتي ۽ قومي ورثي جي وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي ۽ وفاقي سيڪريٽري اسد الرحمان گيلاني طرفان انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جو دورو، وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد مري ۽ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر فياض لطيف سان ملاقات بعد ميوزيم جو دورو
ثقافت کاتي ۽ قومي ورثي جي وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي ۽ وفاقي سيڪريٽري اسد الرحمان گيلاني انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جو دورو ڪيو ۽ وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري ۽ سنڌالاجي جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر فياض لطيف سان ملاقات ڪرڻ بعد ساڻن گڏ ميوزيم، لائبريري سميت اداري جا مختلف شعبا گهميا ۽ اتي محفوظ تاريخي نوادرات، ثقافتي ۽ تهذيبي ورثي، نامور شخصيتن جي ڪارنرن ۽ علمي خزاني کي تمام گهڻي دلچسپي سان ڏٺو ۽ ان جي بهترين ترتيب ۽ سنڀال جي واکاڻ ڪئي. ان موقعي تي ثقافت کاتي ۽ قومي ورثي جي وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌالاجي نه فقط سنڌ پر پوري پاڪستان جو انتهائي اهم علمي، ادبي، تاريخي ۽ ثقافتي ادارو آهي، جتي هو اچي تمام گهڻي خوشي محسوس ڪري رهيو آهي. هن اداري ۾ ناياب تاريخي، ثقافتي ۽ ادبي ورثي جي بهترين نموني سنڀال ڪئي وئي آهي. هتي ميوزيم ۾ تاريخي، تهذيبي ۽ لوڪ ورثي کي سليقي سان گڏ ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ريسرچ لائبرري ۾ قرآن پاڪ جي 6 سئو سال قديمي نسخي سان گڏوگڏ ٻيو تاريخي توڙي ناياب ڪتابي ۽ قلمي مواد موجود آهي، جنهن کي ڏسي هو تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته سندس دوري جو مقصد پاڪستان جي سمورن ثقافتي ادارن سان رابطا قائم ڪري انهن کي هڪٻئي سان ڳنڍڻ ۽ انهن جي ترقي لاءِ پنهنجو هر ممڪن سهڪار ڪرڻ آهي. هن چيو ته سنڌالاجي جهڙا ادارا اسان جو قيمتي اثاثو آهن، جن جي ترقي ۽ ترويج اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي، هو پنهنجي وزارت طرفان اداري جي بهتري لاءِ هر ممڪن سهڪار ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ۽ ان سلسلي ۾ وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد مري ۽ ڊائريڪٽر سنڌالاجي ڊاڪٽر فياض لطيف سان گڏجي تفصيلي لائحه عمل جوڙيو ويندو. هن چيو ته اسان تمام جلد اسلام آباد ۾ قومي سطح جي علمي ، ادبي ۽ ثقافتي ڪانفرنس منعقد ڪري رهيا آهيون، جنهن ۾ سنڌالاجي کي پڻ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني ويندي.ان سان گڏوگڏ اسان ڪوشش ڪنداسين ته سنڌالاجي اسلام آباد ۾ پنهنجي تاريخي ۽ ثقافتي شين جي نمائش ڪري ته جيئن هن تاريخي ۽ تهذيبي اداري ۾ محفوظ اهم اثاثن جو ملڪ جي ٻين باشعور ماڻهن سان به تعارف ڪرائي سگهجي. هن چيو ته اهڙا پروگرام منعقد ڪرڻ جي سلسلي ۾ سنڌالاجي سان هر قسم جو سهڪار ڪيو ويندو. هن وائيس چانسلر ۽ ڊائريڪٽر جي ڏنل مان ۽ محبت تي سندن ٿورا مڃيا. ان موقعي ثقافت کاتي ۽ قومي ورثي جي وفاقي سيڪريٽري اسد الرحمان گيلاني چيو ته سنڌالاجي شاندار ثقافتي ادارو آهي، جتي سنڌ جا خوبصورت ثقافتي رنگ محفوظ ٿيل آهن. هتي نامور شخصيتن جا قائم ڪيل ڪارنر متاثر ڪندڙ آهن، جن کي هن دور جي تقاضائن موجب ڊجيٽلائيز ڪرڻ جي تمام گهڻي ضرورت آهي، ان سلسلي ۾ اداري طرفان ڪيل پيش رفت ساراهه جوڳي آهي. هن چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن وچ ۾ ثقافت ۽ ورثي تي گڏيل سهڪار کي هٿي وٺرائجي ته جيئن اهي وڌيڪ ترقي ماڻي سگهن. اسان ان مقصد تحت ئي سنڌ جي مختلف ثقافتي ادارن جو دورو ڪري رهيا آهيون. ان موقعي تي سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري وفاقي وزير ۽ وفاقي سيڪريٽري کي سنڌ يونيورسٽي اچڻ تي ڀليڪار ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته سندن دورو سنڌ يونيورسٽي جي اهم انسٽيٽيوٽ سنڌالاجي لاءِ گهڻ طرفو لاڀائتو ثابت ٿيندو. وائيس چانسلر چيو ته ثقافت ۽ ورثي واري کاتي جي وفاقي وزير طرفان اسلام آباد ۾ سنڌالاجي جي املهه اثاثن جي نمائش واري آڇ زبردست آهي، جنهن کي دل سان قبول ڪندي ترت ئي ان سلسلي ۾ پروپوزل تيار ڪري اڳڀرائي ڪئي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌالاجي سنڌ جي تاريخي، تهذيبي، ثقافتي، علمي ۽ ادبي روايتن جو نگهبان ادارو آهي، جنهن کي ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ وڏي ناماچاري حاصل آهي. هن چيو ته سنڌالاجي جي ترقي ۽ واڌ ويجهه سندس ترجيحن ۾ شامل آهي. هن ثقافت کاتي جي وفاقي وزير جي سهڪار تي سندس ٿورا مڃيندي ان کي اداري لاءِ سٺو سنوڻ قرار ڏنو. ان موقعي تي سنڌالاجي جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر فياض لطيف مهمانن کي رسمي طور ڀليڪار چيو ۽ وائيس چانسلر جي سنڌالاجي جي بهتري جي حوالي سان رهنمائي، همت افزائي ۽ سهڪار جو خصوصي ذڪر ڪندي ان کي پنهنجي لاءِ حوصلا افزا قرار ڏنو. هن چيو ته هن تاريخي اداري جي خدمت جي ذميواري وڏي ڀاڳ ۽ سعادت واري ڳالهه آهي. هن چيو ته منهنجي ڪوشش آهي ته انهن روايتن کي ساڳئي تسلسل سان اڳتي وڌايان، جيڪي اسان جي محسنن قائم ڪيون، جيڪي اداري جي بنيادي منشور ۾ شامل آهن. هن ثقافت کاتي جي وفاقي وزير ۽ سيڪريٽري جي اداري جي حوالي سان خيرخواهي واري جذبي جي ساراهه ڪندي سندن سهڪار جا ٿورا مڃيا. ڊائريڪٽر مهمانن کي سنڌ جي ثقافتي سوکڙي لنگي جا تحفا پڻ پيش ڪيا. ان موقعي تي پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽس اسلام آباد جو ڊائريڪٽر جنرل محمد ايوب جمالي ۽ ڊپارٽمينٽ آف آرڪيالاجي اينڊ ميوزيم اسلام آباد جو ڊائريڪٽر جنرل امان ﷲ ۽ سنڌ يونيورسٽي جو پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر سيد عبدالستار شاهه پڻ موجود هئا.