سنڌ يونيورسٽي پاران روٽريڪٽ ماڊل يونائيٽيڊ نيشنز لاءِ پي آر ڊرائيو ۽ اوريئنٽيشن سيشن منعقد ڪرڻ جو اعلان
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي بيورو آف اسٽوڊنٽس ٽيوٽوريل، گائيڊنس/ڪائونسلنگ سروسز ۽ ڪوڪيريڪيولر ايڪٽيوٽيز جي ذريعي روٽريڪٽ ماڊل يونائيٽيڊ نيشنز لاءِ پبلڪ رليشنز ڊرائيو سان گڏ ٽريننگ ۽ اوريئنٽيشن سيشن منعقد ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. بيورو آف اسٽئگس پاران جاري ڪيل سرڪاري اطلاع موجب پي آر ڊرائيو ۽ اوريئنٽيشن سيشن 2 فيبروري 2026ع تي صبح 11 وڳي آرٽس فيڪلٽي بلڊنگ جي شيخ اياز آڊيٽوريم ۾ منعقد ڪيو ويندو. ڄاڻايل تقريب جو مقصد روٽريڪٽ ماڊل يونائيٽيڊ نيشنز بابت آگاهي وڌائڻ آهي، جيڪو گڏيل قومن جي قومي سطح جو علمي ماڊل آهي، جنهن ذريعي شاگردن کي قيادت جون خوبيون، سفارتي مهارتون ۽ عالمي شعور پيدا ڪرڻ جا موقعا ملن ٿا. ان سلسلي ۾ ڊينز، ڊائريڪٽرن، چيئرپرسنز ۽ ادارن، شعبن ۽ سينٽرن جي سربراهن کي دعوت ڏني وئي آهي ته هو استادن ۽ شاگردن سميت تقريب ۾ شرڪت ڪري ته جيئن وڌ کان وڌ شموليت ۽ دلچسپي کي يقيني بڻائي سگهجي.