سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين جا مني ميراٿن ريس جا مقابلا 12 فيبروري تي منعقد ڪيا ويندا، 9 فيبروري تي آل پاڪستان انٽر يونيورسٽي ڪرڪيٽ زون چئمپينشپ 2026ع جي ٽرائيلز جو شيڊيول به جاري
سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي مني ميراٿن ريس مقابلا منعقد ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪرڪيٽ ٽيم جي چونڊ لاءِ ٽرائيلز جو شيڊيول پڻ جاري ڪيو ويو آهي. ڊائريڪٽر اسپورٽس (بوائز) اجويد احمد پنهنجي جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ ڄاڻايو آهي ته شاگردن ۽ شاگردياڻين جي مني ميراٿن ريس 12 فيبروري تي صبح جو 10 وڳي شروع ڪئي ويندي. هن ٻڌايو ته شاگردياڻين جي ريس علامه آءِ آءِ قاضي سينٽرل لائبريري کان شروع ٿيندي، جيڪا زيرو پوائنٽ کان ٿيندي مادر ملت فاطمه جناح گرلز جمنازيم تي ختم ٿيندي، جڏهن ته ساڳئي ڏينهن ۽ وقت تي شاگردن جي ريس پڻ منعقد ٿيندي، جيڪا سينٽرل لائبريري کان شروع ٿيندي ۽ اسٽيٽسٽڪس ۽ جاگرافي شعبن کان ٿيندي مادر ملت فاطمه جناح گرلز جمنازيم تي پڄاڻيءَ تي پهچندي. ڊائريڪٽوريٽ آف اسپورٽس پاران مقابلي لاءِ سمورن شعبن مان 6 شاگردن ۽ 6 شاگردياڻين جا نالا طلب ڪيا ويا آهن. ٻئي طرف ڊائريڪٽر اسپورٽس پاران جاري ڪيل هڪ ٻي پڌرائيءَ ۾ آل پاڪستان انٽر يونيورسٽي ڪرڪيٽ زون چئمپينشپ 2026ع ۾ حصو وٺڻ لاءِ ڪرڪيٽ ٽيم جي چونڊ لاءِ 9 فيبروري 2026ع تي صبح جو 10 وڳي سنڌ يونيورسٽيءَ جي پي سي بي گرائونڊ ۾ ٽرائيلز وٺڻ جو اعلان پڻ ڪيو ويو آهي.