صحتمند ۽ مثبت معاشري جي تعمير ۾ راندين جو اهم ڪردار: سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ اسپورٽس فيسٽيول 2026ع شروع، وائيس چانسلر، راندين جي صوبائي سيڪريٽري، ڪمشنر حيدرآباد ۽ ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو گڏجي افتتاح ڪيو
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ انٽر ڊپارٽمينٽ اسپورٽس فيسٽيول 2026ع شروع ٿي ويو آهي، جنهن جو افتتاح سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري (تمغه امتياز)، سنڌ حڪومت جي راندين واري کاتي جي صوبائي سيڪريٽري منور علي مهيسر، ڪمشنر حيدرآباد ڊويزن فياض حسين عباسي ۽ ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو غضنفر علي قادري گڏجي ڪيو. ان سلسلي ۾ يونيورسٽي جي حيدر بخش جتوئي پيويلين ۾ منعقد ٿيل تقريب کي خطاب ڪندي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد مري چيو ته راندين جو جسماني صحت، ذهني نشونما ۽ شخصيت سازي ۾ اهم ڪردار آهي. هن چيو ته رانديون نظم و ضبط، برداشت، خوداعتمادي، ٽيم ورڪ ۽ قيادت جي صلاحيتن ۾ اضافو ڪن ٿيون. هن چيو ته راندين ذريعي مقابلي جي مثبت جذبي ۽ هڪٻئي جي احترام کي هٿي ملي ٿي ۽ چئلينجز کي منهن ڏيڻ جو ڪانفيڊنس پيدا ٿئي ٿو. وائيس چانسلر چيو ته ٽن هفتن تائين جاري رهندڙ هن انٽر ڊپارٽمينٽ فيسٽيول منعقد ڪرڻ جو مقصد يونيورسٽي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي پنهنجي صلاحيتن جي اظهار جو موقعو فراهم ڪرڻ، صحتمند، تعمير ماحول ۽ شعبن وچ ۾ رابطاڪاري کي هٿي وٺرائڻ آهي. هن چيو ته فيسٽيول ۾ يونيورسٽي جي سمورين فئڪلٽيز جي مختلف شعبن جا شاگرد حصو وٺي رهيا آهن، مقابلي ۾ ڀلي ڪهڙي ٽيم به ڪاميابي حاصل ڪري پر اها ڪاميابي سنڌ يونيورسٽي جي ئي ڳڻي ويندي. هن راندين واري صوبائي سيڪريٽري، ڪمشنر حيدرآباد ۽ ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو کي ڀليڪار چوندي، يونيورسٽي سان سندن سهڪار کي ساراهيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته اهو سهڪار اڳتي به ساڳي طرح جاري رکيو ويندو. وائيس چانسلر بهترين پروگرام جا انتظام ڪرڻ تي سنڌ يونيورسٽي اسپورٽس بورڊ جي وائيس چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي ٻرڙو، ڊائريڪٽر اسپورٽس بوائز اجويد احمد ڀٽي، ڊائريڪٽر اسپورٽس گرلز ڊاڪٽر زرين ميمڻ ۽ سندن ٽيم کي مبارڪون پڻ ڏنيون. تقريب کي خطاب ڪندي راندين جي صوبائي سيڪريٽري منور علي مهيسر چيو ته مون سنڌ يونيورسٽي کي هميشه پنهنجو ٻيو گهر سمجهيو آهي، ڄامشوري جو ڊپٽي ڪمشنر هجڻ دوران اسان ڌمال سميت ڪيترائي گڏيل پروگرام ڪيا. هن چيو ته سنڌ يونيورسٽي علم ۽ شعور جي مرڪز سان ثقافتي، علمي ادبي ۽ راندين جي سرگرمين جو مرڪز پڻ رهي آهي. هن چيو ته رانديون زندگي جو لازمي حصو آهن، جن ذريعي تفريح سان گڏ صحت جا پڻ فائدا حاصل ٿين ٿا. هن ان موقعي تي جنوري 2027ع ۾ سنڌ حڪومت جي راندين واري کاتي جي سهڪار سان سنڌ يونيورسٽي ۾ هن ئي قسم جو ٻيو شاندار پروگرام منعقد ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي ڪمشنر فياض حسين عباسي چيو ته هن فيسٽيول ۾ شاگردن جي قابليتن ۽ صلاحيتن کي ڏسي کيس تمام گهڻي خوشي ٿي آهي. هن چيو ته يونيورسٽي جا شاگرد تعليم سان گڏ هم نصابي سرگرمين ۾ پڻ پاڻ مڃرائي رهيا آهن. هن چيو ته وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد مري جي دور ۾ يونيورسٽي اندر شاندار سرگرميون ٿي رهيون آهن. هن شاگردن ۽ سندن استادن جي محنت کي ساراهيندي چيو ته هن قسم جون مثبت سرگرميون ادارن جي نيڪ نامي ۽ ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. هن چيو ته شاگردن کي معياري تعليم سان گڏ پنهنجي ٽئلنٽ جي اظهار جا موقعا ڏيڻ به ضروري آهن. هن چيو ته رانديون صحتمند معاشري جي تشڪيل ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون، شاگردن کي هن قسم جي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو وٺڻ گهرجي. ان موقعي تي راندين ۾ حصو وٺندڙ مختلف شعبن جي شاگردن طرفان واڪ پاسٽ پڻ ڪيو ويو. شاگردن کي فئڪلٽي وائيز مختلف رنگن جون خوبصورت اسپورٽس ڊريسون پاتل هيون. ان موقعي تي وائيس چانسلر کي ڊاڪٽر غلام علي ٻرڙو طرفان يادگار شيلڊ پيش ڪئي وئي. جڏهن ته وائيس چانسلر طرفان معزز مهمانن منور علي مهيسر، فياض حسين عباسي، غضنفر علي قاضي، پرو وائيس چانسلرز ڊاڪٽر عبدالستار شاهه، ڊاڪٽر مصباح بيبي قريشي، ڊاڪٽر انيلا ناز سومرو، رجسٽرار ساجد قيوم ميمڻ، سينڊيڪيٽ ميمبرن ڊاڪٽر عرفانه ملاح، ڊاڪٽر محمد قاسم نظاماڻي، ڊاڪٽر حميرا هڪڙو، ڊاڪٽر عبدالرحمان نانگراج، ڊاڪٽر محمود الحسن مغل، ڊاڪٽر غلام علي ٻرڙو ۽ ٻين کي يادگار شيلڊون ڏنيون ويون. تقريب ۾ مختلف فئڪلٽين جي ڊينز ڊاڪٽر محمد خان سانگي، ڊاڪٽر نانڪ رام، ڊاڪٽر جاويد احمد چانڊيو، ڊاڪٽر لڇمڻ داس ڌوميجا، ڊاڪٽر ناهيد ڪاڪا، ڊاڪٽر عابده صديقي، ڊاڪٽر سردار علي شاهه سميت مختلف شعبن جي سربراهن، فئڪلٽي ميمبرن ۽ آفيسرن شرڪت ڪئي. تقريب جي آخر ۾ ڊاڪٽر غلام علي ٻرڙو سڀني شرڪت ڪندڙن جا ٿورا مڃيا. 28 نومبر تائين جاري رهندڙ هن فيسٽيول ۾ يونيورسٽيءَ جي مختلف شعبن جي بوائز ۽ گرلز ٽيمن وچ ۾ ڪرڪيٽ، بيڊمنٽن، ٽيبل ٽينس، والي بال، فٽبال، باسڪيٽ بال، رسا ڪشي، شطرنج، ايٿليٽڪس سميت مختلف راندين جا مقابلا ٿيندا، جڏهن ته کٽيندڙ ٽيمن کي اختتامي تقريب ۾ ٽرافين، شيلڊن ۽ سرٽيفڪيٽن سان نوازيو ويندو.