سنڌ يونيورسٽيءَ جي وي سي پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري پاران سوشل سائنسز فئڪلٽي جو دورو، شاگردن سان ملاقات: اعليٰ تعليم ۾ ڪاميابيءَ لاءِ مطالعي سان وابستگي، تنقيدي سوچ ۽ نظم ضبط انتهائي اهم آهن، شاگردن کي تحقيقي ۽ تجزياتي صلاحيتن جي اهميت کي سمجھڻو پوندو: وائيس چانسيلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح مريءَ جي شاگردن سان ڳالهه ٻولهه

سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مريءَ فئڪلٽي آف سوشل سائنسز جو دورو ڪيو، جتي هن مختلف تعليمي شعبن جي ڪلاس رومن جو جائزو ورتو ۽ تدريسي ۽ سکيا واري ماحول جو معائنو ڪيو. دوري دوران وائيس چانسلر سوشيالاجي، پوليٽيڪل سائنس، انٽرنيشنل رليشنز ۽ مسلم هسٽري شعبي سميت فئڪلٽيءَ هيٺ ڪم ڪندڙ ٻين شعبن جي ڪلاس رومن جو به جائزو ورتو ۽ شاگردن سان ملاقات ڪئي، سندن خيال ٻڌا ۽ کين پنهنجي تعليمي مقصدن تي ڌيان ڌرڻ جي تلقين ڪئي. مختلف ڪلاس رومن ۾ شاگردن سان ڳالهائيندي پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مريءَ قومي ترقي ۾ تعليم جي مرڪزي ڪردار تي ڳالھايو. هن چيو ته شاگرد يونيورسٽيءَ جو حقيقي سرمايو آهن ۽ سندن تعليمي ڪاميابي سماج جو مستقبل جوڙيندي. ھن شاگردن کي موجود تعليمي وسيلن مان ڀرپور فائدو وٺڻ جي هدايت ڪندي چيو ته اعليٰ تعليم ۾ ڪاميابي لاءِ پڙهائيءَ سان وابستگي، تنقيدي سوچ ۽ نظم ضبط انتهائي اهم آهن. تحقيقي ۽ تجزياتي صلاحيتن جي اهميت تي زور ڏيندي هن چيو ته معياري تعليم صرف ڪلاس رومن تائين محدود ناهي، پر ان لاءِ تجسس، جاچ ۽ مسلسل سکيا به ضروري آهي. وائيس چانسيلر شاگردن کي اهو به يقين ڏياريو ته يونيورسٽي انتظاميا تعليمي سهولتن کي بهتر بڻائڻ ۽ سازگار تعليمي ماحول برقرار رکڻ لاءِ مڪمل طور تي پرعزم آهي. ان کان اڳ آرٽس فيڪلٽي بلڊنگ پهچڻ تي وائيس چانسيلر جو استقبال ڊين فيڪلٽي آف سوشل سائنسز پروفيسر ڊاڪٽر نانڪ رام ڪيو. ان موقعي تي مختلف شعبن جا چيئرمين، خاص طور چيئرمين ڊپارٽمينٽ آف هسٽري پروفيسر ڊاڪٽر عرفان شيخ، سينيئر فيڪلٽي ميمبر ۽ عملدار پڻ موجود هئا.

 

 

Author: Mrs. Shumaila Solangi 02/10/2026
Announcements
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽيءَ جي وي سي پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد م...
View Details → 02/10/2026
1024 x 768
شیخ الجامعہ سندھ پروفیسر ڈاکٹر فتح محمد مری کا فی...
View Details → 02/10/2026
1024 x 768
Sindh University VC Dr Marri visits Faculty of Social Sciences, interacts with students
View Details → 02/10/2026