سنڌ يونيورسٽي ۾ ايريا اسٽيڊي سينٽر جي ميزبانيءَ ۾ ٻن ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس شروع: افتتاحي تقريب ۾ وي سي، پ پ سنڌ جي صدر ۽ ٻين جي شرڪت

 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي ايريا اسٽيڊي سينٽر پاران “چائنا پاڪستان اقتصادي راهداري: ڪاميابيون، چئلينجز ۽ اڳتي جو لائحو عمل” جي سري هيٺ ٻن ڏينهن واري  عالمي ڪانفرنس بينظير ڀٽو ڪنوينشن سينٽر جي مک آڊيٽوريم ۾ شروع ٿي ويئي آهي. عالمي ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب جي صدارت وائيس چانسيلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مريءَ ڪئي، جڏهن ته پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو مهمان خاص طور شرڪت ڪئي. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي مقررن انفراسٽرڪچر جي ترقي کي خوراڪ جي تحفظ، علائقائي رابطن ۽ ڊگهي مدي واري معاشي رٿابندي سان هم آهنگ ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته سي پيڪ کي عوام رابطن ۽ زراعت دوست منصوبي طور اڳتي وڌايو وڃي. سنڌ يونيورسٽي جي ايريا اسٽڊي سينٽر فار ايسٽ اينڊ سائوٿ ايسٽ ايشيا پاران سينٽر فار انٽرنيشنل اسٽريٽجڪ اسٽڊيز سنڌ جي سهڪار سان منعقد ڪيل ڪانفرنس جي سرپرستي سنڌ هائير ايجوڪيشن ڪميشن ڪراچي ڪئي. پنهنجي صدارتي خطاب ۾ وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مريءَ چيو ته سي پيڪ رڳو روڊن ۽ توانائي منصوبن جو ڄار ناهي، پر اهو هڪ تبديلي آڻيندڙ فريم ورڪ آهي، جيڪو پاڪستان جي خوراڪي نظام ۽ معاشي مضبوطي کي هٿي ڏئي سگهي ٿو. هن چيو ته سي پيڪ هيٺ ٺهيل بهتر روڊ رستن سبب ٽرانسپورٽ جا خرچ گهٽيا آهن، جنهن سان آبادگارن کي وڏن مارڪيٽن تائين رسائي ملي آهي ۽ سندن نقصانن ۾ گهٽتائي آئي آهي. هن زور ڀريو ته هاڻي پاڪستان کي سي پيڪ جي ٻئي مرحلي ۾ زرعي سهڪار، ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۽ ايگرو پروسيسنگ زونز جي قيام تي خاص طور ڌيان ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته خوراڪ جو تحفظ رڳو ڳوٺاڻو مسئلو ناهي رهيو پر اهو هاڻي قومي سلامتي جو اهم جز آهي. هن وڌيڪ چيو ته موسمي تبديلي، پاڻي جي کوٽ ۽ آبادي ۾ واڌ پائيدار خوراڪ پيداوار لاءِ وڏا خطرا آهن. وائيس چانسيلر چيو ته جديد آبپاشي طريقن، ٻج جي ترقي ۽ مشيني زراعت ۾ چين سان سهڪار فصلن جي پيداوار ۾ نمايان واڌ آڻي سگهي ٿو. هن پاڪستاني ۽ چيني يونيورسٽين وچ ۾ تحقيقي ڀائيواري وڌائڻ جي صلاح ڪئي ته جيئن پاڻي جي انتظام، ريگستاني علائقن ۽ ويليو چين ڊولپمينٽ جهڙن مسئلن کي منهن ڏئي سگهجي. هن اسپيشل اڪنامڪ زونز جي اهميت تي روشني وجهندي چيو ته اهي خوراڪ جي پروسيسنگ ۽ برآمداتي زراعت لاءِ مرڪز بڻجي سگهن ٿا. ڊاڪٽر مري چيو ته پاليسي جو تسلسل، شفافيت ۽ صوبائي هم آهنگي سي پيڪ جي مڪمل فائدن لاءِ ضروري آهن. پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو ڪراچي سرڪلر ريلوي کي سي پيڪ ۾ شامل ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته ان سان شهري ٽرانسپورٽ بهتر ٿيندي ۽ معاشي سرگرميون وڌنديون. هن چيو ته گذريل حڪومت اربين ڊالرن جي سي پيڪ منصوبي کي پس منظر ۾ وجهي ڇڏيو، جنهن سان قومي معيشت کي نقصان پهتو. هن چيو ته ترقياتي منصوبن ۾ دير سبب نه رڳو انفراسٽرڪچر متاثر ٿيو پر روزگار جا موقعا ۽ سيڙپڪارن جو اعتماد به گهٽيو. هن الزام مڙهيو ته ترقي ۽ سي پيڪ جي مخالفت ڪندڙ قوتون عوام کي ترقي ۽ خوشحالي کان محروم رکڻ چاهين ٿيون. هن چيو ته جيڪي سي پيڪ ۽ ملڪي ترقي تي حملو ڪن ٿا، اهي ماڻهن کي معاشي طور ڪمزور رکڻ چاهين ٿا. هن وڌيڪ چيو ته پائيدار ترقي قومي استحڪام لاءِ ضروري آهي. نثار کهڙو سکر-حيدرآباد موٽروي جي تعمير ۾ دير تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته وفاقي حڪومت اڃا تائين ان منصوبي تي ڪم شروع نه ڪري سگهي آهي، جيڪا نااهلي جي نشاني آهي. هن وفاقي حڪومت تي زور ڀريو ته اهم انفراسٽرڪچر منصوبن کي جلد مڪمل ڪيو وڃي. پ پ اڳواڻ چيو ته سنڌ جي بقا پاڻي سان وابسته آهي ۽ درياءِ سنڌ تي نوان هئنال ٺاهڻ جي ڪنهن به ڪوشش جي سخت مزاحمت ڪئي ويندي. هن چيو ته اهڙيون ڪوششون اڳ ئي سنڌ جو عوام رد ڪري چڪو آهي، ڇاڪاڻ ته زراعت سنڌ جي معيشت جي ريڙهه جي هڏي آهي ۽ پاڻي جي کوٽ تباهي پکيڙيندي. هن چيو ته وفاقي پاليسين سبب ملڪ سميت سنڌ ۾ مختلف بحران پيدا ٿيا آهن، جنهن سبب اڄ پاڪستان ۾ هر شيءِ جو بحران آهي. هن چين سان ڀيٽ ڪندي چيو ته هڪ ارب پنجاهه ڪروڙ آبادي باوجود چين ۾ اٽي جي کوٽ جون خبرون ڪڏهن به پڙهڻ لاءِ نه مليون، جڏهن ته پاڪستان ۾ اٽي جي بحران تي ضابطو آڻڻ به حڪمرانن کاءِ چيلينج بڻيل آهي. پ پ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته پاڪستان کي بهتر رٿابندي ۽ حڪمراني جي ضرورت آهي. هن نشاندهي ڪئي ته پاڪستان چين کان چانور، کنڊ ۽ ٻيون شيون درآمد ڪري ٿو پر زرعي سڌارن مان سبق حاصل نٿو ڪري. هن جديد ٽيڪنالاجي ۽ سڌارن ذريعي زرعي شعبي کي مضبوط ڪرڻ تي زور ڏنو. چين ۾ پاڪستان جي سفير خليل هاشمي زوم ذريعي خطاب ڪندي چيو ته سي پيڪ هاڻي اعليٰ معيار جي ترقي، جدت ۽ پائيداري جي نئين مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي. هن چيو ته زرعي نواڻ ٻنهي ملڪن جي مستقبل جي سهڪار جو اهم ٿنڀ آهي، جنهن ۾ ٻج ٽيڪنالاجي، مال پالڻ ۽ ڪولڊ چين لاجسٽڪس شامل آهن. هن چيو ته زرعي پيداوار ۾ واڌ خوراڪ جي تحفظ سان گڏ ڳوٺاڻي آمدني ۽ برآمدات وڌائڻ ۾ مددگار ٿيندي. هن چين جي غربت واري خاتمي ۽ ڳوٺاڻي بحالي وارن تجربن مان سکڻ تي زور ڏيندي چيو ته گوادر بندرگاهه ۽ بهتر لاجسٽڪس زرعي ايڪسپورٽ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندا. سرگوڌا يونيورسٽي جي ڪنفيوشس انسٽيٽيوٽ جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر طاهر ممتاز اعواڻ چيو ته تعليمي ۽ ثقافتي سهڪار پائيدار لاڳاپن جو بنياد آهي. هن چيو ته زراعت، پاڻي جي انتظام ۽ قابل تجديد توانائي ۾ گڏيل تحقيق پاڪستان لاءِ فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿي. اسٽريٽجڪ پلان ڊويزن جي صلاحڪار ۽ اڳوڻي سفير ضمير اڪرم چيو ته سي پيڪ پاڪستان جي علائقائي ۽ معاشي حيثيت کي مضبوط ڪيو آهي. هن چيو ته چئلينجز باوجود پاڪستان منصوبي جي ڊگهي مدي واري ويزن تي قائم آهي ۽ خوراڪ جي تحفظ کي قومي رٿابندي ۾ شامل ڪرڻ ضروري آهي. ايريا اسٽڊي سينٽر جي ڊائريڪٽر ۽ ڪانفرنس ڪنوينر ڊاڪٽر نورين مناف چيو ته ڪانفرنس جو مقصد پاليسي سازن، سفارتڪارن ۽ ماهرن کي گڏ ڪري سي پيڪ جي اڳڀرائي ۽ مستقبل تي بامعنيٰ بحث ڪرائڻ آهي. ڪانفرنس سيڪريٽري ڊاڪٽر ماجد علي نوناري چيو ته تقريب ۾ ملڪ ۽ ٻاهرين ملڪن مان ماهرن شرڪت ڪري معاشي توڙي پائيدار ترقي، سي پيڪ جي اهميت ۽ خوراڪ جي تحفظ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن اميد ظاهر ڪئي ته ڪانفرنس جون سفارشون پاليسي سازي ۾ مددگار ثابت ٿينديون. ڪانفرنس اڄ (12 فيبروري) به جاري رهندي.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 02/12/2026
Announcements
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي ۾ ايريا اسٽيڊي سينٽر جي ميزبانيءَ ۾...
View Details → 02/12/2026
1024 x 768
جامعہ سندھ میں ایریا اسٹڈی سینٹر کی میزبانی میں د...
View Details → 02/12/2026
1024 x 768
Call for linking CPEC with agricultural reform and water security
View Details → 02/12/2026