سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ نوجوانن ۾ راندين جي واڌاري لاءِ مني ميراٿن منعقد، 100 شاگردياڻين ۽ 400 شاگردن ۾ ڊوڙ جا الڳ الڳ مقابلا، فاتح ايٿليٽس ۾ انعام ورهايا ويا

 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو پاران نوجوانن ۾ صحتمند سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ، راندين جي بحالي ۽ مثبت سماجي روين جي همٿ افزائي لاءِ مني ميراٿن ريس منعقد ڪئي ويئي، جيڪا سينٽرل لائبريري کان شروع ٿي ۽ حيدر بخش پويلين تي پهچي پڄاڻيءَ تي پهچي ويئي. سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسيلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مريءَ سينٽرل لائبريريءَ وٽ مني ميراٿن ريس جو افتتاح ڪيو ۽ ربن ڪاٽيو. ميراٿن ڊوڙ ۾ مختلف شعبن سان لاڳاپيل 100 شاگردياڻين ۽ 400 شاگردن ڀرپور جوش ۽ جذبي سان بهرو ورتو ۽ راندين ۽ فٽنيس لاءِ پنهنجي ولولي جو خوب اظهار ڪيو. شاگردن جي ڪيٽيگري ۾ سينٽر فار فزيڪل ايجوڪيشن، هيلٿ اينڊ اسپورٽس سائنسز جي عبدالله نديم پهريون نمبر حاصل ڪيو، جڏهن ته سافٽ ويئر انجنيئرنگ شعبي جي فائق وسيم ٻيو نمبر ماڻي ورتو. ساڳئي سينٽر جي مير ثاقب ۽ عبدالرؤف ترتيبوار ٽيون ۽ چوٿون نمبر حاصل ڪيو. انسٽيٽيوٽ آف ڪامرس اينڊ مئنيجمينٽ جي صدام حسين ۽ انسٽيٽيوٽ آف ميٿميٽڪس اينڊ ڪمپيوٽر سائنس جي عصمت الله پنجين ۽ ڇهين پوزيشن ماڻي ورتي. شاگردياڻين جي ڪيٽيگري ۾ سينٽر فار فزيڪل ايجوڪيشن، هيلٿ اينڊ اسپورٽس سائنسز جي بسما محمود پهريون، ساڳئي سينٽر جي قرئت شيخ ٻيون ۽ فيڪلٽي آف فارميسي جي ربيشا دراني ٽيون نمبر حاصل ڪيو. لائبريري سائنس شعبي جي شاهين ايم صالح، ڊزاسٽر مئنيجمينٽ شعبي جي اويزا نواز ۽ جينيٽڪس شعبي جي صوبيه مير منصف ترتيبوار چوٿين، پنجين ۽ ڇهين پوزيشن حاصل ڪئي. ان کان اڳ افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وائيس چانسيلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري چيو ته يونيورسٽي انتظاميا نوجوانن کي صحتمند، سرگرم ۽ باصلاحيت بڻائڻ لاءِ راندين کي اولين ترجيح ڏيئي رهي آهي. هن چيو ته راندين سان نه صرف جسماني صحت بهتر ٿئي ٿي پر رانديون ذهني واڌ ويجهه، نظم ضبط ۽ مثبت سوچ جي واڌاري ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون، جڏهن ته نوجوانن کي منفي سرگرمين کان به پري رکن ٿيون. هن چيو ته سنڌ يونيورسٽي جي نوجوانن ۾ بي پناهه صلاحيت موجود آهي ۽ يونيورسٽي راندين جي بهتر انفراسٽرڪچر، مقابلي جي انعقاد ۽ جديد سهولتن جي فراهمي ذريعي عملي قدم کڻي رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته اهڙيون سرگرميون نوجوانن جو اعتماد وڌائينديون ۽ يونيورسٽي جو مثبت تاثر اجاگر ڪنديون. ڊاڪٽر مريءَ ٻڌايو ته سندس ويزن تحت راندين جي سرگرمين ۾ سڌارا آندا پيا وڃن ۽ نوجوانن لاءِ نوان منصوبا ۽ موقعا فراهم ڪيا پيا وڃن ته جيئن هو قومي ۽ عالمي سطح تي پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪري سگهن. هن چيو ته ڊائريڪٽوريٽ آف اسپورٽس ۽ سينٽر فار فزيڪل ايجوڪيشن، هيلٿ اينڊ اسپورٽس سائنسز ڪئمپس ۾ راندين جي فروغ لاءِ جامع ڪوششون ڪري رهيا آهن، جيڪا بهترين ڳالهه آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته مستقبل ۾ به اهڙيون سرگرميون جاري رکيون وينديون. هن نوجوانن تي زور ڀريو ته هو راندين کي پنهنجي روزاني زندگي جو حصو بڻائين ۽ پنهنجي فٽنيس بهتر رکن. هن مني ميراٿن ۾ شرڪت ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي ڪارڪردگيءَ کي ساراهيندي اعلان ڪيو ته ڪئمپس ۾ وڌيڪ راندين جا مقابلا منعقد ڪيا ويندا ته جيئن نوجوانن کي صحتمند مقابلي ۽ مثبت مصروفيتن جا وڌيڪ موقعا ملي سگهن. ان موقعي تي پرو وائيس چانسيلر پروفيسر ڊاڪٽر عبدالستار شاهه، رجسٽرار ساجد قيوم ميمڻ، نائب صدر سنڌ يونيورسٽي اسپورٽس بورڊ پروفيسر ڊاڪٽر غلام علي ٻرڙو، ڊائريڪٽر اسپورٽس اجويد ڀٽي، ڊائريڪٽر ڪيمپس سيڪيورٽي رفيق علي بروهي، پرووسٽ بوائز هاسٽلز ڊاڪٽر پنهل خان لاشاري، ڊاڪٽر سنيها اسلم، سنڊيڪيٽ ميمبر پروفيسر اميد علي رند، پروفيسر ڊاڪٽر عقيل احمد ڀٽو، عبدالرحمان نانگراج ۽ ٻيا ڪيترائي آفيسر ۽ استاد نوجوان رانديگرن جي حوصلا افزائي لاءِ ريس ۾ موجود هئا.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 02/13/2026
Announcements
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ نوجوانن ۾ راندين جي واڌاري لاءِ...
View Details → 02/13/2026
1024 x 768
جامعہ سندھ میں نوجوانوں میں کھیلوں کے فروغ کے لیے ...
View Details → 02/13/2026
1024 x 768
500 male, female students take part in mini marathon held at SU
View Details → 02/13/2026