مقررن پاران مادري ٻولين جي ماحولياتي حفاظت ۽ ثقافتي ورثي ۾ ڪردار تي زور: دنيا ۾ هن وقت موجود 7 هزار ٻولين مان صرف 200 ٻوليون ئي ڊگهي عرصي تائين قائم رهي سگهن ٿيون، سنڌي ٻولي 5 هزار سالن کان وڌيڪ پراڻي آهي ۽ ان جو اسڪرپٽ يا لکت جي به هڪ وڏي تاريخ موجود آهي، بارن کي بنيادي تعليم سنڌيءَ ۾ ڏياري وڃي: وائيس چانسيلر ڊاڪٽر فتح مري، جامي چانڊيو، ڊاڪٽر محمد علي مانجهي، فياض لطيف ۽ ٻين جو سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ٻولين بابت سيمينار کي خطاب
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي پاران “مادري ٻولي ذريعي ماحوليات جي حفاظت” جي سري هيٺ هڪ اهم سيمينار پير حسام الدين شاهه راشدي آڊيٽوريم ۾ منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ مقررن چيو آهي ته مقامي ٻولين جو ثقافتي ورثي ۽ ماحولياتي تحفظ ۾ انتهائي اهم ڪردار آهي.، پنهنجن ٻارن کي بنيادي تعليم سنڌيءَ ۾ ڏيارڻ ضروري آهي. هنن چيو ته 6 هزار کان وڌيڪ ٻولين ۾ دنيا جي تقريباً اڌ آبادي 26 وڏيون ٻوليون ڳالهائي رهي آهي، جڏهن ته باقي رهيل آبادي 6 هزار ٻوليون ڳالهائي رهي آهي. اهڙو اظهار هنن ڪالهه هتي سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو، جيڪو انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي پاران عالمي مادري ٻولي واري ڏهاڙي جي سلسلي ۾ منعقد ڪيو ويو. سيمينار جي صدارت وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري ڪئي، جنهن ۾ شاگردن، ٻولين جي ماهرن ۽ دانشورن شرڪت ڪئي ۽ جديد دور ۾ سنڌي ۽ ٻين مقامي ٻولين کي درپيش چئلينجن ۽ انهن جي تحفظ جي اهميت تي روشني وڌي. ڊاڪٽر فتح مري تقريب جي منتظمين کي مبارڪباد ڏيندي ٻولين بابت مختلف خيالن جي ڏي وٺ جي ساراهه ڪئي. هن چيو ته اڄ جي دور ۾ حقيقي خطرو سنڌي ٻولي کي نه پر تحقيق، ادارن ۽ بنيادي ڍانچي جي ايڪو سسٽم کي آهي. هن چيو ته جيتوڻيڪ سنڌي ٻوليءَ جا سنڌ ۾ ٽي اهم لهجا آهن، پر انهن مان ڪنهن تي به ڪو تڪرار ناهي ۽ سڀ اديب ۽ دانشمند متفق آهن. دانشور ۽ ليکڪ جامي چانڊيو چيو ته 21هين صدي علم جو وڏو دور هئڻ سان گڏوگڏ ٻولين لاءِ خطرناڪ دور پڻ آهي. يونيسڪو جي رپورٽن جو حوالو ڏيندي هن چيو ته ٻوليون تيزيءَ سان غائب ٿي رهيون آهن ۽ هيل تائين ڪيتريون ئي ٻوليون مري چڪيون آهن، جن ۾ سنسڪرت، لاطيني، يوناني ۽ ٻيون ٻوليون شامل آهن. هن خبردار ڪيو ته دنيا ۾ هن وقت موجود 7 هزار ٻولين مان صرف 200 ٻوليون ئي ڊگهي عرصي تائين باقي رهي سگهن ٿيون، جيڪي سماجي، اقتصادي ۽ آباديءَ جي عنصرن تي دارومدار رکن ٿيون. ڊاڪٽر محمد علي مانجهي چيو ته سنڌي ٻولي 5 هزار سالن کان وڌيڪ پراڻي آهي ۽ ان جو اسڪرپٽ يا لکت جي به هڪ وڏي تاريخ موجود آهي. هن موئن جو دڙو ۽ ٻين تاريخي هنڌن جو حوالو ڏيندي چيو ته قديم سنڌي ماڻهو مقامي لکتن سان گڏ حڪمرانن جي ٻولين ۾ لکڻ کان پڻ واقف هئا. هن چيو ته ٻولي ثقافتي ۽ ماحولياتي تحفظ لاءِ طاقتور اوزار بڻجي سگهي ٿي. سنڌي ٻولي اختياري جي چيئرمين ڊاڪٽر شير مهراڻي چيو ته عام طور سنڌي ماڻهو عربي ۾ دعا گهرن ٿا، انگريزي ميڊيم ۾ پنهنجن ٻارن کي تعليم ڏيارين ٿا ۽ سنڌي ۾ بيڪار ڳالهيون يا گارگند ڪن ٿا. هن چيو ته سنجيده ڳالهه ٻولهه دوران هو پاڻ کي پڙهيل لکيل ثابت ڪرڻ لاءِ پنهنجي مادري ٻولي کي اڪثر نظرانداز ڪن ٿا. هن چيو ته زنده ٻولين جو قدرتي طور موت نٿو ٿئي، پر جڏهن ڳالهائيندڙ انهن جو استعمال ڇڏي ڏين ٿا ته اهي ڪمزور ٿي ختم ٿي وڃن ٿيون. هن زور ڀريو ته سنڌ ۾ بنيادي ڄاڻ مادري ٻولي ۾ ڏني وڃي، جڏهن ته ٻين ٻولين جي سکڻ ۾ ڪو حرج ناهي. هن چيو ته اسان جو ٻار سنڌي گهر ۾ سکي ٿو ۽ اردو، سرائيڪي يا ٻيون ٻوليون پاڻ ئي سکي وٺي ٿو. لسانياتي ماهر شفقت قادري چيو ته 1970 کان 2005 تائين دنيا ۾ تقريباً 20 سيڪڙو ٻوليون غائب ٿي ويون. هن چيو ته ٻوليون قدرتي طور نٿيون مرن، پر سماجي روين ۽ پاليسي توڙي فيصلن سبب “ماريون” وڃن ٿيون. هن چيو ته جڏهن والدين پنهنجن ٻارن لاءِ سنڌي بجاءِ انگريزي ميڊيم اسڪول کي ترجيح ڏين ٿا ته اهي ٻار سنڌي تي دسترس نٿا رکي سگهن ۽ اهي سنڌي ڳالهائڻ ڇڏي ڏين ٿا. هن عالمي ٻولي جي انگن اکرن جو حوالو ڏيندي چيو ته دنيا جي اڌ آبادي 26 وڏيرن ٻوليون ڳالهائي ٿي، جڏهن ته باقي آبادي تقريباً 6 هزار ٻوليون ڳالهائي ٿي. ڊاڪٽر اين اي بلوچ چيئر جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر شازيه پتافي ٻار ۽ مادري ٻولي جي جذباتي ۽ شعوري تعلق تي زور ڏنو ۽ چيو ته پنهنجي مادري ٻولي ڇڏڻ سان ثقافتي نقصان ٿئي ٿو. انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر فياض لطيف شرڪت ڪندڙن کي اپيل ڪئي ته هو ڪڏهن به پنهنجي مادري ٻولي نه وسارين. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پنهنجي مادري ٻوليءَ جو ڪو به متبادل ناهي. هن ٻولي، سڃاڻپ ۽ ماحولياتي شعور جي اهميت تي پڻ روشني وڌي. ان کان اڳ سيمينار جي شروعات ڊاڪٽر ذوالفقار علي قريشي پاران شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي وائيءَ سان ڪئي وئي. تقريب جو انتظام ڊاڪٽر غلام علي ٻرڙو سنڀاليو.