سنڌ يونيورسٽي ۾ وزيراعظم ليپ ٽاپ اسڪيم فيز-چوٿين جي شاندار تقريب: وائيس چانسيلر ڊاڪٽر مري پاران افتتاح، مجموعي طور 644 ليپ ٽاپ ورهايا ويا: 27 فيبروري تائين ڪل 3054 ليپ ٽاپ ورھائڻ جو ھدف: خوشنصيب شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ خوشيءَ جي لھر

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ وزيراعظم نوجوانن لاءِ ليپ ٽاپ اسڪيم فيز-چوٿين واري شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي، جنھن جو افتتاحي تقريب گذريل ڏينهن شهيد بينظير ڀٽو ڪنوينشن سينٽر ۾ منعقد ڪئي وئي. وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مريءَ باضابطا طور ليپ ٽاپ ورھائڻ واري تقريب جو افتتاح ڪيو ۽ 644 شاگردن وچ ۾ ليپ ٽاپ ورھايا. ھن خوشنصيب شاگردن کي مبارڪون ڏيندي چيو ته ڄاڻايل قدم جديد ٽيڪنالاجي تائين رسائي فراهم ڪري ڊجيٽل تعليم کي هٿي ڏيڻ ۽ نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ حڪومت جي عزم جو عڪاس آهي. هن شاگردن کي صلاح ڏني ته ليپ ٽاپن کي تعليمي ڪاميابي، تحقيق ۽ مهارتن جي واڌ لاءِ استعمال ڪيو وڃي. ان موقعي تي سنڌ يونيورسٽي جي رجسٽرار ساجد قيوم ميمڻ خطاب ڪندي چيو ته پي ايم ليپ ٽاپ اسڪيم جو مقصد شاگردن کي ڊجيٽل وسيلا مهيا ڪرڻ آهي ته جيئن سندن سکيا واري عمل بهتر بڻائي کين تحقيقي سرگرمين ۾ مدد فراھم ڪري سگھجي. ھن چيو ته مصنوعي ذهانت سميت جديد تعليم جي حاصلات ۾ ليپ ٽاپ جو ڪردار آھن ھوندو.  پي ايم ليپ ٽاپ اسڪيم  جي سپر فوڪل پرسن پروفيسر ڊاڪٽر ڪامران تاج پٺاڻ ٻڌايو تہ پهرين ڏينهن مجموعي طور 644 ليپ ٽاپ ورهايا ويا. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ورهاست جو عمل 27 فيبروري 2026 تائين جاري رهندو، جنهن دوران اسڪيم تحت اهل شاگردن ۾ ڪُل 3054 ليپ ٽاپ ورهايا ويندا. ھوڏانھن ليپ ٽاپ ملڻ تي خوشنصيب شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ خوشيءَ جي لھر پکڙجي وئي. تقريب ۾ يونيورسٽي جي پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر عبدالستار شاهه، رجسٽرار ساجد قيوم ميمڻ، مختلف فيڪلٽين جي ڊينز، تعليمي شعبن جي سربراهن، پي ايم واءِ ايل ايس فوڪل پرسنز قمر نانگراج ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 02/25/2026
Announcements
1024 x 768
جامعہ سندھ کی جانب سے ہاسٹل الاٹمنٹ 2026ء کیلئے فیس ...
View Details → 02/25/2026
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي ۾ وزيراعظم ليپ ٽاپ اسڪيم فيز-چوٿين ...
View Details → 02/25/2026
1024 x 768
مقررن پاران مادري ٻولين جي ماحولياتي حفاظت ۽ ثقاف...
View Details → 02/24/2026