سنڌ يونيورسٽي جي بيورو آف اسٽئگس پاران سنڌي ۽ اردو ٻولين ۾ نعت جا مقابلا، پرو وائيس چانسيلر داڪٽر عبدالستار شاهه صدارت ڪئي: سنڌي نعت ڪيٽيگري ۾ وقار احمد، مهوش ۽ شاهانه خاصخيلي پهرين، ٻئين ۽ ٽئين پوزيشن حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب: اردو نعت واري ڪيٽيگري ۾ غلام مصطفىٰ پهرين، ماه نور ٻئين ۽ محمد عبدالله ٽئين پوزيشن ماڻي ورتي

 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي بيورو آف اسٽيگس پاران ٻن ٻولين ۾ نعت جا مقابلا منعقد ڪيا ويا، جنهن جو مقصد مذهبي عقيدت کي هٿي وٺرائڻ ۽ شاگردن کي سندن شاعري ۽ آواز واري صلاحيتن کي سنڌي ۽ اردو ٻولين ۾ ڏيکارڻ لاءِ همٿائڻ هو. تقريب ۾ استادن، شاگردن ۽ مهمانن شرڪت ڪئي. پرو وائيس چانسلر مين ڪئمپس پروفيسر ڊاڪٽر عبدالستار شاهه مک مهمان طور تقريب ۾ شريڪ ٿيو ۽ هن نعتيه مقابلن ۾ بهرو وٺندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي شاندار ڪارڪردگي ۽ عقيدت جي واکاڻ ڪئي. سنڌي نعت واري ڪيٽيگري ۾ زولاجي شعبي جي وقار احمد پهرين، انسٽيٽيوٽ آف انگلش لينگويج ۽ لٽريچر جي مهوش ٻئين ۽ انسٽيٽيوٽ آف مائيڪرو بايولاجي جي شاهانه خاصخيلي ٽئين پوزيشن حاصل ڪئي. اردو نعت واري ڪيٽيگري ۾ ڊپارٽمينٽ آف سوشل ورڪ جي غلام مصطفيٰ پهرين، سينٽر فار فزيڪل ايجوڪيشن، هيلٿ ۽ اسپورٽس سائنس جي ماهه نور ٻئين ۽ انسٽيٽيوٽ آف ڪامرس ۽ مئنيجمينٽ جي محمد عبدالله ٽئين پوزيشن حاصل ڪئي. انسٽيٽيوٽ آف لينگويجز جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر محمد صاحبداد ۽ اردو ڊپارٽمينٽ جي ٽيچنگ اسسٽنٽ مس آنا شيخ تقريب ۾ جج طور شرڪت ڪئي ۽ ڪامياب اميدوارن کي مبارڪباد ڏني. بيورو آف اسٽيگس جي ڊائريڪٽر اجويد احمد ڀٽي پڻ تقريب ۾ شرڪت ڪئي ۽ مقابلي جي ڪامياب انتظام تي منتظمين جي تعريف ڪئي. هوڏانهن ڪامياب اميدوارن ۾ سرٽيفڪيٽ ورهائڻ کانپوءِ تقريب پڄاڻيءَ تي پهچي ويئي.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 02/27/2026
Announcements
1024 x 768
Sindh University hosts inspiring Naat competition for students
View Details → 02/27/2026
1024 x 768
سندھ یونیورسٹی کے بیورو آف اسٹیگس کی جانب سے سندھ...
View Details → 02/27/2026
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي جي بيورو آف اسٽئگس پاران سنڌي ۽ ارد...
View Details → 02/27/2026