سنڌ يونيورسٽي جو اڳوڻو وائيس چانسلر مظهر صديقي سوڳوار ماحول ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي، جنازي نماز ۾ سنڌ يونيورسٽي جي وي سي سميت مختلف شخصيتن جي شرڪت، ڊاڪٽر مريءَ تدفين کانپوءِ قبر تي گلن جي چادر چاڙهي، گڏيل فاتحه ۾ به شريڪ؛ ماحول سوڳوار

سنڌ يونيورسٽي جي اڳوڻي وائيس چانسلر، اڳوڻي صوبائي توڙي وفاقي سيڪريٽري ۽ نامور عالم مظهرالحق صديقي کي گذريل ڏينهن ڪراچي جي ڊي ايڇ اي فيز-8 قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. ان کان اڳ جنازي نماز ڪلفٽن ۾ واقع عثمان غني مسجد ۾ ادا ڪئي وئي. جنھن ۾  وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري، اڳوڻي وائيس چانسلر پروفيسر (ايميريٽس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو، ڊاڪٽر شهاب الدين ميمڻ، استادن، رٽائرڊ سرڪاري عملدارن، عالمن، شاگردن ۽ مرحوم جي پونيئرن، مداحن ۽ خيرخواھن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. وي سي ڊاڪٽر فتح مريءَ تدفين کان پوءِ مرحوم جي قبر تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ گڏيل فاتحه ۾ پڻ شرڪت ڪئي. قبرستان ۾ ماحول انتهائي سوڳوار هو، جتي خاموشي ۽ غم ڇانيل هو، جڏهن ته مرحوم جا ساٿي، شاگرد ۽ دوست هڪ عظيم علمي شخصيت ۽ تجربيڪار منتظم جي وڇوڙي تي افسرده نظر آيا. ڪانڌين جو چوڻ ھو ته مظھر الحق صديقي جو وڇوڙو اهڙو خال ڇڏي ويو آهي، جيڪو آساني سان ڀرجي نه سگهندو. ان موقعي تي ڳالهائيندي سنڌ يونيورسٽي جي وي سي ڊاڪٽر فتح محمد مري چيو ته  مظهرالحق صديقي رڳو هڪ منتظم نه هو، پر پاڻ ۾ هڪ ادارو هو، جنهن جي دانائي ۽ اصول پسندي نسلن جي رهنمائي ڪئي. ھن وڌيڪ چيو ته اعليٰ تعليم، حڪمراني ۽ فڪري زندگي ۾ سندس خدمتون نوجوانن لاءِ هميشه مشعلِ راهه رهنديون ۽ سنڌ يونيورسٽي هميشه سندس ورثي تي فخر ڪندي رهندي. ھن چيو ته سندس لاڏاڻي سان اسان هڪ شفقت ڀرئي استاد ۽ اصولن تي هلندڙ اڳوڻي سرڪاري خادم وڃائي ويٺا آهيون. الله تعاليٰ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ پونيئرن کي صبرِ جميل عطا ڪري. واضح رھي ته مرحوم مظھر الحق صديقي پنهنجي علمي خدمتن، انتظامي صلاحيتن ۽ عوامي زندگي ۾ اصولي موقف سبب وڏي عزت ۽ احترام سان ڏٺو ويندو هو. سندس وفات سان سڄي صوبي ۾ علمي ۽ فڪري حلقن ۾ سوڳ ڇانئجي ويو آهي. ھوڏانھن مرحوم مظهر الحق صديقي جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪندڙن توڙي سندس گهر ۾ وڇايل تڏي تي پهچي تعزيت ڪندڙن ۾ سنڌ يونيورسٽي جو اڳوڻو قائم مقام وائيس چانسلر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽي، سنڌ يونيورسٽي ٺٽي ڪئمپس جي پرو وائيس چانسلر ڊاڪٽر مصباح بيبي قريشي، سيمسٽر امتحانن وارو ڪنٽرولر محمد معشوق صديقي، انسٽيٽيوٽ آف ڪيمسٽري جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر عرفانه ملاح، فلسفي شعبي جي چيئرپرسن امر سنڌو، سنڌ يونيورسٽي جي فئڪلٽي آف فارميسي جو اڳوڻو ڊين ڊاڪٽر عبدﷲ دايو، ڊاڪٽر آغا رياض حسين، اڳوڻو ايڊيشنل رجسٽرار عبدالمجيد پنهور، پبليڪيشن آفيسر واحد پارس هيسباڻي، انسٽيٽيوٽ آف ڪامرس اينڊ بزنس ايڊمنسٽريشن جو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر حاڪم علي مهيسر، پروفيسر انيل ڪمار، ڊاڪٽر ظفر ابوپوٽو، ڊاڪٽر نياز حسين آريجو، ڊاڪٽر مير محمد ٻگهيو،  پروفيسر شرف علي شاهه، ڊاڪٽر ذوالفقار قريشي، محمد رمضان پهوڙ، غلام نبي ڪاڪا، محمد علي گھانگهرو، محمد حسن ڪاتيار، عبدالرحيم بجير، ڊاڪٽر محمود الحسن مغل، ڊاڪٽر محمود سومرو،  محمد ايوب نوحاڻي، مقبول حسين شورو، فدا حسين ڀاڳت ۽ ٻيا شامل هئا

Author: Mrs. Shumaila Solangi 03/02/2026
Announcements
1024 x 768
Former Sindh University VC Mazhar Siddiqui laid to rest amid a somber atmosphere
View Details → 03/02/2026
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي جو اڳوڻو وائيس چانسلر مظهر صديقي سو...
View Details → 03/02/2026
1024 x 768
Sindh University hosts inspiring Naat competition for students
View Details → 02/27/2026