تعلمي ماهرن پاران انساني حقن جي تحفظ لاءِ سوشل ميڊيا جي ذميواراڻي استعمال تي زور؛ شاگردن کي تنقيدي سوچ پيدا ڪرڻي پوندي، جنهن سان هو معلومات جي تصديق ڪري سگهندا ۽ سچائي، غلط ڄاڻ ۽ آن لائين هراسان ڪرڻ جمهوريت جي قدرن کي نقصان پهچائي ٿو، نوجوان پاڻ به ڏچي ۾ اچي سگهن ٿا، غير تصديق ٿيل معلومات جو بي قابو ڦهلاءُ ماڻهن جي ساک کي نقصان پهچائي سگهي ٿو، جنهن سان سماجي تڪرار جنم وٺي سگهن ٿا: مقررن جو سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ٿيل سيمينار کي خطاب
تعليمي ماهرن ۽ مقررن سوشل ميڊيا جي ذميواراڻي ۽ اخلاقي استعمال جي ضرورت تي زور ڏيندي نوجوانن کي صلاح ڏني آهي ته هو ڊجيٽل پليٽ فارمن جي صحيح ۽ غلط استعمال ۾ فرق سکن ته جيئن انساني وقار ۽ سماجي هم آهنگي جو تحفظ يقيني بڻائي سگهجي. هنن چيو ته سوشل ميڊيا معلومات جي ورهاست ۽ شهري شموليت لاءِ هڪ طاقتور اوزار بڻجي چڪي آهي، پر ان جو غلط استعمال غلط ڄاڻ، نفرت ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙين کي هٿي ڏئي سگهي ٿو. اهڙو اظهار هنن ڪالهه هتي آرٽس فئڪلٽي بلڊنگ جي شيخ اياز آڊيٽوريم ۾ “سوشل ميڊيا جي صحيح ۽ غلط استعمال ۾ فرق” جي سري هيٺ منعقد ٿيل هڪ سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. ڄاڻايل سيمينار سنڌ يونيورسٽي جي سيشل ورڪ شعبي پاران انساني حقن بابت وفاقي وزارت جي سهڪار سان شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ انساني حقن توڙي آن لائين ذميواراڻي روين بابت آگاهي پيدا ڪرڻ لاءِ منعقد ڪيو ويو. سيمينار جي صدارت سنڌ يونيورسٽي جي فئڪلٽي آف سوشل سائنسز جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر نانڪ رامڪئي، جنهن پنهنجي صدارتي تقرير ۾ چيو ته يونيورسٽيون ذميوار شهرين جي تياري ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. هن چيو ته اعليٰ تعليمي درسگاهن کي شاگردن کي رڳو تعليمي ڄاڻ نه پر اخلاقي شعور ۽ ڊجيٽل ذميواري سان به آراسته ڪرڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته جديد تعليم ۾ خاص طور نوجوانن لاءِ سوشل ميڊيا جي ڄاڻ (سوشل ميڊيا لٽريسي) هڪ اهم جزو بڻجي چڪي آهي. هن چيو ته تعليمي ادارن کي سماج ۾ انساني حقن ۽ ذميواراڻي رابطي بابت آگاهي وڌائڻ لاءِ فعال ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن زور ڀريو ته شاگردن کي تنقيدي سوچ پيدا ڪرڻي پوندي، جنهن سان هو معلومات جي تصديق ڪري سگهندا ۽ سچائي، برداشت توڙي سماجي شعور جي واڌاري لاءِ ڊجيٽل پليٽ فارمن کي ذميواري سان استعمال ڪري سگهن ٿا. انساني حقن واري وفاقي وزارت جي ريجنل آفيس ڪراچي جي ڊائريڪٽر محمد اقبال پاشا پنهنجي خطاب ۾ انساني حقن سان لاڳاپيل قومي ۽ عالمي ذميوارين بابت ڳالهايو. هن چيو ته پاڪستان ڪيترن ئي عالمي انساني حقن جي معاهدن تي صحيحون ڪيون آهن، جن تحت انساني وقار، برابري ۽ اظهار جي آزادي جي حفاظت ضروري آهي. هن چيو ته شهرين کي ڊجيٽل دنيا ۾ پنهنجن حقن سان گڏ پنهنجين ذميوارين کان به آگاهه هجڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته غلط ڄاڻ ۽ آن لائين هراسان ڪرڻ جمهوريت جي قدرن کي نقصان پهچائي سگهي ٿو، تنهن ڪري ان جو مقابلو آگاهي، تعليم ۽ قانوني قدمن ذريعي ڪرڻ ضروري آهي. پنجاب يونيورسٽي لاهور جي سوشل ورڪ شعبي جي اسسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر محمد ارشد ڊجيٽل پليٽ فارمن جي سماجي اثرن تي روشني وڌي. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن سوشل ميڊيا کي ذميواريءَ سان استعمال ڪيو وڃي ته اها تعليم ۽ آگاهي لاءِ هڪ طاقتور ذريعو بڻجي سگهي ٿي. هن خبردار ڪيو ته غير تصديق ٿيل معلومات جي بي قابو شيئرنگ ماڻهن جي ساک کي نقصان پهچائي سگهي ٿي ۽ سماجي تڪرارن کي جنم ڏئي سگهي ٿي. هن شاگردن تي زور ڀريو ته هو ميڊيا لٽريسي جون صلاحيتون پيدا ڪن ۽ ڪا به معلومات شيئر ڪرڻ کان اڳ ان جي تصديق ڪن ته جيئن هو پاڻ به ڏچي ۾ نه پئجي سگهن. سنڌ يونيورسٽي جي سوشل ورڪ شعبي جي اسسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر ارم شاهه نوجوانن جي رهنمائي ۾ يونيورسٽين جي ڪردار کي اهم قرار ڏنو. هن چيو ته نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ جي شروعات اهڙي تعليم سان ٿئي ٿي، جيڪا تنقيدي سوچ ۽ اخلاقي فيصلا ڪرڻ جي صلاحيت پيدا ڪري. هن چيو ته علمي دنيا کي شاگردن جي رهنمائي ڪرڻ گهرجي ته هو ڊجيٽل پليٽ فارمن کي تعميري ڳالهه ٻولهه، تحقيق ۽ سماجي وڪالت لاءِ استعمال ڪن، هن وڌيڪ چيو ته يونيورسٽين کي ڊجيٽل دور ۾ شاگردن کي سماجي ذميوارين کان آگاهه ڪرڻ لاءِ وڌيڪ آگاهي پروگرام منعقد ڪرڻ گهرجن. ان کان اڳ انساني حقن بابت وفاقي وزارت اسلام آباد جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر مدثر الطاف سيمينار جي ڪارروائي هلائي. بعد ۾ سنڌ يونيورسٽي جي سوشل ورڪ شعبي جي چيئرمين ڊاڪٽر سيد فيصل حيدر شاهه مهمانن جا ٿورا مڃيا، جنهن کان پوءِ شرڪت ڪندڙن ۾ سرٽيفڪيٽ ورهايا ويا ۽ گڏيل تصوير ڪڍرائي ويئي.