سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سيمينار، علامه آءِ آءِ قاضي جي علمي ورثي کي اجاگر ڪرڻ ۽ ادب، فلسفي ۽ تعليم جي شعبن ۾ سندس خدمتن تي نئين سر تحقيق جي ضرورت تي زور؛ علامه آءِ آءِ قاضي جا خيال ۽ فلسفو اڄ جي همعصر سماج ۾ به وڏي اهميت رکن ٿا، سندس فڪري ورثي کي محفوظ ڪرڻو پوندو: مقررن جو سيمينار کي خطاب
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ منعقد ٿيل هڪ سيمينار ۾ مقررن نامياري عالم علامه آءِ آءِ قاضي جي علمي ورثي کي اجاگر ڪندي ادب، فلسفي ۽ تعليم جي شعبن ۾ سندس خدمتن تي نئين سر تحقيق جي ضرورت تي زور ڏنو. هنن چيو ته علامه آءِ آءِ قاضي جا خيال ۽ فلسفو اڄ جي همعصر سماج ۾ به وڏي اهميت رکن ٿا. اهڙو اظهار هنن گذريل ڏينهن “علامه آءِ آءِ قاضي جي زندگي ۽ ڪارناما” جي عنوان سان منعقد ڪيل سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. ڄاڻايل سيمينار علامه آءِ آءِ قاضي چيئر پاران باني وي سي جي هفتي جي سرگرمين جي سلسلي ۾ بينظير چيئر اينڊ ڪنوينشن سينٽر جي وڊيو ڪانفرنس روم ۾ منعقد ڪيو ويو. ان موقعي تي خطاب ڪندي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مريءَ تعليمي چيئرز کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ علامه آءِ آءِ قاضي جي فڪري ورثي کي محفوظ ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي قدمن جو اعلان ڪيو. هن چيو ته قاضي صاحب جي خطبن جون آڊيو رڪارڊنگس سنڌالاجي جي آرڪائيوز ۾ موجود آهن، جڏهن ته انهن جا مسودا ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ترتيب ڏنا آهن. هن چيئر کي هدايت ڪئي ته انهن قيمتي مواد جي مناسب حفاظت ۽ سنڀال کي يقيني بڻايو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته يونيورسٽي جي اولڊ ڪيمپس ۾ موجود ان تاريخي هال جي جلد مرمت ڪرائي ان کي اصل حالت ۾ بحال ڪيو ويندو، جتي علامه قاضي ماضيءَ ۾ ليڪچر ڏيندو هو. وائيس چانسلر اهو پڻ ٻڌايو ته ايندڙ مالي سال ۾ علامه آءِ آءِ قاضي چيئرسميت يونيورسٽي جي سمورن تعليمي توڙي تحقيقي چيئرز لاءِ الڳ بجيٽ مخصوص ڪئي ويندي. هن محققن ۽ تعليميدانن کي اپيل ڪئي ته قومي شخصيتن جي فڪري خدمتن سان لاڳاپيل تحقيق ڪئي وڃي. هن اهو پڻ ٻڌايو ته يونيورسٽي تازو ئي شهيد بينظير ڀٽو جون تقريرون سنڌي ٻوليءَ ۾ شايع ڪيون آهن ۽ استادن کي ترغيب ڏني ته هو عالمي سياست ۽ موجوده عالمي معاملن بابت سندس ويزن جو جائزو وٺن. ادارتي سهڪار جي ضرورت تي زور ڏيندي داڪٽر مريءَ چيو ته سنڌي لئنگويج اٿارٽي، سنڌ ميوزيم ۽ مختلف تحقيقي چيئرز وچ ۾ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. هن جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ ٻين نامور شخصيتن جي ڪمن کي مختلف ٻولين ۾ ترجمو ڪرڻ جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. سنڌي لئنگويج اٿارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر شير مهراڻي چيو ته علامه قاضي هڪ دور انديش مفڪر هئا، جن سنڌ کي مضبوط تعليمي ۽ سائنسي بنيادن تي ترقي ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي. هن علامه قاضي کي ماکيءَ جي مک سان تشبيهه ڏيندي چيو ته جيئن مک مختلف گلن مان رس گڏ ڪري ماکي تيار ڪري ٿي، اهڙي طرح آءِ آءِ قاضي به مذهب، فلسفي، ادب ۽ قانون سميت مختلف مضمونن مان علم حاصل ڪيو. هن نوجوانن تي زور ڀريو ته هو سندن تحقيقي ڪمن جو مطالعو ڪن ته جيئن سنڌ جي علمي روايت جي گهراين کي سمجهي سگهن. فيڪلٽي آف آرٽس جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر محمد خان سانگي چيو ته سماج کي رڳو يادگاري تقريبن تائين محدود رهڻ بدران علامه قاضي جي اصولن تي عمل ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته موجوده دور کي اهڙين علمي شخصيتن جي ضرورت آهي جيڪي تعليم ۽ علم جي واڌاري لاءِ سنجيدگي سان ڪم ڪن. محقق ڊاڪٽر قاضي خادم حسين ادب ۽ فلسفي جي شعبن ۾ قاضي صاحب جي لکڻين تي سنجيده تحقيق جي اهميت تي زور ڏنو. هن چيو ته انهن تحقيقي ڪمن کي موجوده دور جي تناظر ۾ سمجهي پيش ڪرڻ گهرجي ته جيئن جديد پڙهندڙن لاءِ اهي وڌيڪ سمجهڻ جهڙا ۽ بامعنيٰ بڻجي سگهن. ان کان اڳ استقباليه خطاب ڪندي علامه آءِ آءِ قاضي چيئر جي انچارج ڊائريڪٽر ڊاڪٽر مخمور بخاري چيو ته هي چيئر 1987ع ۾ قائم ڪئي وئي هئي ۽ علامه قاضي پاڪستان ۾ تقابلي مذهب جي پهرين شعبي جي بنياد رکڻ جو اعزاز پڻ رکي ٿو. هن چيو ته باني وي سيءَ هفتي جون تقريبون رڳو مين ڪيمپس تائين محدود نه آهن پر سنڌ جي ٻين ڪيمپسز تي پڻ منعقد ڪيون پيون وڃن ۽ هن ڄاڻايل سيمينار کي چيئر لاءِ “نئين شروعات” قرار ڏنو. ڊاڪٽر بخاري وڌيڪ ٻڌايو ته علامه آءِ آءِ قاضي ميموريل سوسائٽي، جنهن وٽ 30 لک رپين جا فنڊ موجود آهن، اها 2001ع کان غيرفعال آهي. هن انهيءَ سوسائٽي کي ٻيهر فعال ڪرڻ جي تجويز ڏني ته جيئن چيئر جي مالي ضرورتن کي پورو ڪري سگهجي. سيمينار ۾ ڪيترن ئي نامور عالمن ۽ اديبن شرڪت ڪئي، جن ۾ تاج جويو، ڊاڪٽر محمد علي مانجهي، نصير مرزا، فهيم نوناري، ادريس جتوئي، نياز پنهور، ڊاڪٽر نور محمد شاهه ۽ ٻيا شامل هئا. ان کان اڳ وائيس چانسلر ڊينز، ڊائريڪٽرن، شعبن جي سربراهن، آفيسرن ۽ ملازمن سان گڏ علامه آءِ آءِ قاضي جي مزار تي حاضري ڀري، جتي هن قبر تي گلن جي چادر چاڙهي. ان موقعي تي فلسفي ۽ باني وائيس چانسلر جي مغفرت لاءِ اجتماعي دعا پڻ گهري ويئي.