سنڌ يونيورسٽي جي آفيسرن، استادن ۽ ملازمن پاران وي سي ڊاڪٽر فتح مري سان ملاقات، صدارتي ايوارڊ ملڻ تي کيس واڌايون پيش

 سنڌ يونيورسٽي جي آفيسرن، استادن ۽ ملازمن گذريل ڏينهن وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري سان سندس آفيس ۾ الڳ الڳ ملاقاتون ڪري صدر پاران شاندار علمي ۽ انتظامي خدمتن جي اعتراف طور کيس مليل صدارتي ايوارڊ تمغه امتياز تي واڌايون پيش ڪيون. يونيورسٽي جي آفيسرن، تدريسي عملي ۽ ملازمن جي وڏي انگ وائيس چانسلر آفيس پهچي قومي سول ايوارڊ ملڻ تي ڊاڪٽر فتح محمد مري کي دل جي گهراين سان مبارڪون ڏنيون ۽ کيس گلن جا هار ۽ گلدستا پيش ڪيا، جڏهن ته روايتي سنڌي اجرڪ ۽ ٽوپي جا تحفا ڏنا. ان موقعي تي ڳالهائيندي وائيس چانسلر ڪهي آيل سمورن ملازمن جا مبارڪن ۽ نيڪ خواهشن تي ٿورا مڃيا. هن چيو ته تمغه امتياز رڳو سندس ذاتي اعزاز ناهي، پر اها پوري سنڌ يونيورسٽي ۽ سنڌ جي عوام لاءِ به فخر جو باعث آهي. ڊاڪٽر مري چيو ته اعليٰ تعليمي ادارا روشن خيال معاشري جي جوڙجڪ، تحقيق، جدت ۽ فڪري اوسر کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن. هن وڌيڪ چيو ته کيس مليل هي اعزاز تعليم جي شعبي جي خلوص ۽ لگن سان خدمت ڪرڻ واري جذبي کي وڌيڪ مضبوط ڪندو. هن چيو ته گڏيل ڪوششون، ٽيم ورڪ ۽ تعليمي معيار يونيورسٽين جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ انتهائي ضروري آهن. هن چيو ته سنڌ يونيورسٽي جي استادن، آفيسرن ۽ ملازمن هميشه اداري جي علمي ۽ انتظامي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڀرپور سهڪار فراهم ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته صدارتي اعزاز نوجوان اسڪالرن، محققن ۽ استادن کي تعليم جي واڌاري لاءِ وڌيڪ محنت ڪرڻ ۽ قومي ترقي ۾ مثبت ڪردار ادا ڪرڻ جي ترغيب ڏيندو. هن معياري تعليم، تحقيقي برتري، اداري جي ترقي ۽ زرعي معيشت جي بهتري لاءِ پنهنجي ڪوششن کي جاري رکڻ جي عزم کي ورجايو. ملاقات ڪندڙ اسٽيڪ هولڊرن وائيس چانسلر کي تمغه امتياز ملڻ کي سنڌ يونيورسٽي لاءِ وڏي اعزاز جي ڳالهه قرار ڏيندي چيو ته ان سان قومي ۽ عالمي سطح تي يونيورسٽي جو وقار وڌيڪ بلند ٿيندو ۽ ان جا ڊگهي مدي تائين مثبت اثر پوندا.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 05/18/2026
Announcements
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي جي آفيسرن، استادن ۽ ملازمن پاران وي...
View Details → 05/18/2026
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن جي عالمي ڪنوينشن ۾ شاندار...
View Details → 05/18/2026
1024 x 768
جامعہ سندھ کے افسران، اساتذہ و ملازمین کی وی سی ڈا...
View Details → 05/18/2026