سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن جي عالمي ڪنوينشن ۾ شاندار ڪارڪردگي، شاگردياڻي تنجينا عليءَ قائداعظم يونيورسٽي ۾ ٿيل بزنس آئيڊيا مقابلي ۾ پهرين ۽ ٻئين پوزيشن حاصل ماڻي ورتي، انگريزي جي زينت قريشي شارٽ اسٽوري رائيٽنگ مقابلي ۾ ٻي پوزيشن حاصل ڪئي؛ ڪاميابي ماڻيندڙن جي وائيس چانسيلر سان ملاقات؛ مبارڪون پيش
سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن ڇهين انٽرنيشنل اسٽوڊنٽ ڪنوينشن اينڊ ايڪسپو 2026ع ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي جدت، ڪاروباري صلاحيتن، مصنوعي ذهانت ۽ تخليقي لکڻين جي مقابلن ۾ نمايان ڪاميابيون ماڻي يونيورسٽي لاءِ اعزاز حاصل ڪيو. سنڌ يونيورسٽي جي سهڪار سان منعقد ٿيل هن عالمي ڪنوينشن ۾ پاڪستان جي مختلف يونيورسٽين مان آيل باصلاحيت شاگردن، محققن، جدت آڻيندڙن ۽ ماهرن شرڪت ڪئي، جتي تخليقي صلاحيتن، قيادت ۽ پيشيوراڻي ترقي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ مختلف مقابلا، ورڪشاپس ۽ جدتي منصوبن جون نمائشون منعقد ڪيون ويون. سافٽ ويئر انجنيئرنگ شعبي جي شاگردياڻي تنجينا عليءَ قائداعظم يونيورسٽي ۾ ٿيل بزنس آئيڊيا مقابلي ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي. سندس “پيرينٽنگ اسڪول” جي عنوان سان پيش ڪيل منصوبي ۾ والدين کي ٻارن جي نفسيات، جذباتي ذهانت، رابطي جي مهارتن، ڊجيٽل پيرينٽنگ، ذهني صحت بابت آگاهي ۽ جديد والديني طريقن بابت تربيت ڏيڻ تي ڌيان ڏنو ويو ته جيئن گهريلو ماحول کي وڌيڪ صحتمند بڻائي ٻارن جي جذباتي اوسر کي بهتر بڻائي سگهجي. هن مصنوعي ذهانت تي ٻڌل “ڊاڪٽر اي آءِ” جي نالي ذهني صحت جي معاون نظام تيار ڪري مني اي آءِ ماڊل ٽريننگ مقابلي ۾ ٻي پوزيشن پڻ حاصل ڪئي. هي منصوبو ڊپريشن ۽ پريشاني ۾ مبتلا ماڻهن کي حوصلا افزائي واري ڳالهه ٻولهه ۽ جذباتي رهنمائي ذريعي سهائتا فراهم ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو ويو آهي. ورڪشاپن ۽ مهارتن جي واڌاري وارين سرگرمين ۾ ڀرپور شرڪت جي اعتراف طور کيس “بهترين شرڪت ڪندڙ” جو اعزازي ايوارڊ پڻ ڏنو ويو. ٻئي طرف انسٽيٽيوٽ آف انگلش لينگئيج اينڊ لٽريچر جي شاگردياڻي زينت قريشي شارٽ اسٽوري رائيٽنگ مقابلي ۾ ٻي پوزيشن حاصل ڪئي. هن ڪنوينشن ۾ مصنوعي ذهانت، ڪاروباري صلاحيتن، قيادت، رابطي جي مهارتن، جديد ٽيڪنالاجي ۽ پيشيوراڻي ترقي تي ٻڌل 34 کان وڌيڪ تعيلمي ۽ جدتي سرگرميون شامل هيون. شرڪت ڪندڙ شاگردن چيو ته ڄاڻايل تقريب سندن اعتماد، فني ڄاڻ، رابطن جي موقعن ۽ قيادتي صلاحيتن ۾ نمايان اضافو ڪيو. هوڏانهن عالمي ڪنوينشن ۾ شريڪ شاگردن وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مريءَ سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. هنن وائيس چانسيلر کي يونيورسٽي جي شاگردن ۾ قابليت، نواڻ ۽ پيشيوراڻي ترقي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سندس مسلسل همٿ افزائي ۽ سهڪار تي ٿورا مڃيا. وائيس چانسيلر کين ڪاميابيءَ تي واڌايون پڻ ڏنيون.