سنڌ يونيورسٽيءَ لاگاپيل ڪاليجن ۾ بي ايس، بي بي اي ۽ ايسوسيئيٽ ڊگري پروگرامن توڙي اي ڊي اِي/ بي ايڊ ۾ داخلائن جي آخري تاريخ ۾ واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو پنھنجن لاڳاپيل ڪاليجن ۾ تعليمي سال 2026ع تحت مختلف انڊر گريجوئيٽ ۽ ايسوسيئيٽ ڊگري پروگرامن ۾ عارضي داخلائن جي آخري تاريخ وڌائي 30 جولاءِ 2026ع مقرر ڪري ڇڏي آهي. رجسٽرار ساجد قيوم ميمڻ طرفان جاري ڪيل الڳ الڳ نوٽيفڪيشنس موجب سيمسٽر سسٽم هيٺ هلندڙ لاڳاپيل سرڪاري ۽ خانگي ڪاليجن ۾ عارضي داخلائن جي آخري تاريخ 30 جولاءِ 2026ع مقرر ڪئي ويئي آهي. ڄاڻايل واڌ بي ايس (آنرز) ۽ بي بي اي (آنرز) چئن سالن وارن پروگرامن (8 سيمسٽرز) جي مارننگ شفٽ سان گڏوگڏ آرٽس، ڪامرس، سائنس، هوم اڪنامڪس جي ايسوسيئيٽ ڊگري (حصو پھريون) ۽ اي ڊي اِي/بي ايڊ 4 سالا پروگرامن تي لاڳو ٿيندي.
Author:
Mrs. Shumaila Solangi
07/08/2026