ايڇ اي سي جي ڊائريڪٽر جنرل ۽ سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر وچ ۾ مستحق شاگردن لاءِ اسڪالرشپ جا موقعا وڌائڻ تي ڳالهه ٻولهه، سنڌالاجي ميوزيم جو دورو
هائير ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اي سي) اسلام آباد جي هيومن ريسورس ڊولپمينٽ (ايڇ آر ڊي) واري شعبي جي ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر عائشه اڪرام جي اڳواڻي ۾ ايڇ اي سي جي ٻه رڪني وفد سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري (ٽي آءِ) سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران بينظير انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپ پروگرام ۽ ايڇ اي سي جي ٻين اسڪالرشپ پروگرامن تي عملدرآمد جو جائزو ورتو ويو. وائيس چانسلر جي آفيس ۾ ٿيل ملاقات دوران مستحق، ذهين ۽ مالي طور ڪمزور شاگردن کي مالي سهائتا فراهم ڪرڻ لاءِ اسڪالرشپ پروگرامن تي عملدرآمد، انهن بابت شاگردن کي آگاهي ڏيڻ، شفافيت ۽ مستقبل ۾ اسڪالرشپ جا موقعا وڌائڻ بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ڊاڪٽر عائشه اڪرام سان گڏ ايڇ اي سي جو پروگرام ڪوآرڊينيٽر دارا شڪوه پڻ موجود هو. وفد وائيس چانسلر سان مالي سهائتا جي خواهشمند شاگردن کي وڌيڪ بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ اداري جي مضبوط بڻايل نظام بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد مري (ٽي آءِ) سنڌ يونيورسٽي ۾ وڏي انگ ۾ شاگردن جي داخلائن ۽ سنڌ جي ڏورانهن، پٺتي پيل ۽ معاشي طور ڪمزور علائقن سان تعلق رکندڙ شاگردن کي اعليٰ تعليم جا موقعا فراهم ڪرڻ ۾ يونيورسٽي جي اهم ڪردار تي روشني وڌي. ھن چيو ته يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ شاگردن جو هڪ وڏو انگ اهڙن خاندانن سان تعلق رکي ٿو، جيڪي مالي طور ڪمزور آهن ۽ پنهنجي تعليم جاري رکڻ لاءِ اسڪالرشپ ۽ ٻين مالي سهائتن تي ڀاڙين ٿا. ھن اعليٰ تعليم تائين سڀني جي هڪجهڙي رسائي کي يقيني بڻائڻ لاءِ ايڇ اي سي جي ڪوششن کي ساراهيندي مطالبو ڪيو ته پٺتي پيل ۽ غريب خاندانن سان تعلق رکندڙ شاگردن جي وڏي انگ کي تعليم فراهم ڪندڙ سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ اسڪالرشپ جو تعداد وڌايو وڃي. سنڌ يونيورسٽي جي اسٽوڊنٽس فنانشل ايڊ آفيس جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر قمرالدين نانگراج يونيورسٽي ۾ اسڪالرشپ جي انتظام ۽ ورڇ واري شفاف نظام بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. هن وفد کي اسڪالرشپ جي اشتهارن کان وٺي درخواستون وصول ڪرڻ ۽ انهن جي ڇنڊڇاڻ، شاگردن جي دستاويزن ۽ قابليت جي تصديق، انٽرويوز، اميدوارن جي چونڊ، مالي سهائتا جي رقم جاري ڪرڻ ۽ رڪارڊ محفوظ رکڻ تائين سموري عمل بابت آگاهي ڏني. ايڇ اي سي جي وفد مستحق شاگردن کي سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ اسڪالرشپ جي درخواستن جي عمل کي شفاف بڻائڻ تي سنڌ يونيورسٽي جي انتظاميا ۽ اسٽوڊنٽس فنانشل ايڊ آفيس جي ڪوششن کي ساراهيو. ملاقات دوران ھيڪ اسلام آباد ۽ سنڌ يونيورسٽي وچ ۾ رابطي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ، اداري جي نظام کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ موجوده توڙي مستقبل جي اسڪالرشپ پروگرامن ذريعي شاگردن لاءِ مالي سهائتا جا موقعا وڌائڻ بابت پڻ غور ڪيو ويو. ان موقعي تي رجسٽرار ساجد قيوم ميمڻ، ڊائريڪٽر فنانس ذيشان ميمڻ ۽ اسٽوڊنٽس فنانشل ايڊ آفيس جو انچارج ميان احمد عليم پاشا پڻ موجود هئا. بعد ۾ ڊاڪٽر عائشه اڪرام وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد مري ۽ رجسٽرار ساجد قيوم ميمڻ سان گڏ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي پهتي، جتي سنڌالاجي جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر فياض لطيف مهمانن جو آڌرڀاءُ ڪيو. ڊاڪٽر عائشه اڪرام سنڌالاجي ميوزيم جي مختلف حصن ۽ گئلرين جو دورو ڪيو ۽ اتي محفوظ تاريخي نوادرات، هٿ جي هنر جي شين، ثقافتي شين ۽ نامور شخصيتن جي استعمال هيٺ رهندڙ شين کي وڏي دلچسپي سان ڏٺو. ھيڪ جي ڊي جيء ميوزيم ۾ سنڌ جي تاريخي ۽ ثقافتي ورثي کي محفوظ رکڻ ۽ شين کي خوبصورتي سان ترتيب ڏئي رکڻ جي واکاڻ ڪئي. هن چيو ته ميوزيم ۾ موجود شين کي جنهن ترتيب سان رکيو ويو آهي، ان سان سنڌ جي شاندار تاريخ ۽ ثقافت جو بهترين تعارف ٿئي ٿو. ھن سنڌالاجي کي سنڌ يونيورسٽي جو هڪ اهم تعليمي، ادبي، تاريخي، تحقيقي ۽ ثقافتي ادارو قرار ڏيندي چيو ته اهڙا ادارا ملڪ جو قيمتي قومي اثاثو آهن، جن جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. وي سي ڊاڪٽر فتح محمد مري ڊاڪٽر عائشه اڪرام کي سنڌ يونيورسٽي اچڻ تي ڀليڪار ڪندي چيو ته سنڌ يونيورسٽي ملڪ جي قديم ترين اعليٰ تعليمي ادارن مان هڪ آهي، جتي ڪيترين ئي نامور علمي ۽ ادبي شخصيتن پنهنجون تدريسي ۽ انتظامي خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. ھن چيو ته انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي سنڌ يونيورسٽي جو هڪ اهم علمي، ادبي ۽ ثقافتي ادارو آهي، جنهن کي ملڪ توڙي پرڏيهه ۾ وڏي سڃاڻپ حاصل آهي. وائيس چانسلر چيو ته سنڌالاجي جي ميوزيم ۽ ريسرچ لائبريري ۾ تاريخي، قديم، ادبي ۽ ثقافتي مواد جو انتهائي قيمتي ذخيرو محفوظ آهي، جنهن مان ڪجهه اهڙو مواد به موجود آهي، جيڪو ملڪ جي ٻين ادارن ۾ موجود ناهي. ھن چيو ته سنڌ يونيورسٽي انتظاميا سنڌالاجي جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ مختلف رخن کان ڪوششون ڪري رهي آهي ۽ هن اداري جي ڊائريڪٽر ۽ عملي جي محنت ۽ ذميواري سان ڪم ڪرڻ کي پڻ ساراهيو. ان موقعي تي ڊاڪٽر عائشه اڪرام کي سنڌ جي روايتي سوکڙين، اجرڪن ۽ لنگي سان گڏ سنڌالاجي پاران ڇپيل ڪتاب پڻ تحفي طور پيش ڪيا ويا. ان موقعي تي ايڇ اي سي جو پروگرام ڪوآرڊينيٽر دارا شڪوه، صوفي يونيورسٽي ڀٽ شاهه جو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر امام الدين کوسو، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جو پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر ۽ سنڌالاجي جا عملدار واحد پارس هيسباڻي، سلميٰ شيخ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.