ملڪ جي جشن آزادي واري ڏهاڙي جي مناسبت سان سنڌ يونيورسٽي ۾ وڻڪاري مهم، وي سي ڊاڪٽر فتح مريءَ پاران ڪئمپس کي وڌيڪ صاف سٿرو ۽ سرسبز بنائڻ واري عزم جو روجاءُ

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو طرفان گذريل ڏينهن پاڪستان جي 79هين آزادي واري ڏهاڙي جي تقريبن جي سلسلي ۾ وڻڪاري مهم منعقد ڪئي وئي، جنهن دوران وائيس چانسيلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري (تمغه امتياز) اعلان ڪيو ته آزادي ڏهاڙي جون تقريبون 14 آگسٽ تائين جاري رهنديون. سنڌ يونيورسٽي رهائشي ڪالوني ۾ آغا تاج محمد پارڪ ۾ وڻڪاري مهم جي افتتاح کانپوءِ خطاب ڪندي وائيس چانسلر چيو ته وڻ پوکڻ رڳو علامتي سرگرمي نه پر ماحولياتي تحفظ ۽ پائيدار ترقي لاءِ عملي عزم جو اظهار آهي. هن چيو ته آزادي ڏهاڙي جون تقريبون شهرين کي مثبت عملن ذريعي ملڪ جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جو پيغام ڏين ٿيون، جڏهن ته سرسبز پاڪستان ئي صحتمند ۽ خوشحال مستقبل جي ضمانت آهي. ڊاڪٽر مري چيو ته اڄ عوامي پارڪ ۾ پوکيل ٻوٽا ايندڙ سالن ۾ وڏا وڻ بڻجي ماحول کي وڌيڪ سرسبز، صحتمند ۽ خوشگوار بڻائيندا. هن زور ڀريو ته هر اهو شخص جنهن اڄ ٻوٽو پوکيو آهي، تنهن جي اخلاقي ذميواري آهي ته ان جي سار سنڀال ڪري، جيستائين اهو مڪمل وڻ بڻجي وڃي. هن چيو ته آزاديءَ جو حقيقي جذبو قوم جي خلوص سان خدمت ڪرڻ ۽ ان جي قدرتي وسيلن جي حفاظت ڪرڻ ۾ آهي. وائيس چانسلر شاگردن، استادن، ملازمن ۽ شهرين تي زور ڀريو ته هو شجرڪاري مهمن ۾ ڀرپور حصو وٺن، ڇاڪاڻ ته اڄ پوکيل هر وڻ ايندڙ نسلن جي بهتر مستقبل ۾ سيڙپڪاري آهي. هن چيو ته موسمياتي تبديلي پاڪستان لاءِ سنگين چئلينج بڻجي چڪي آهي، جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل ڪوششن سان سائي ڍڪ وڌائڻ ۽ حياتياتي تنوع جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ ضروري آهي. هن وڌيڪ چيو ته يونيورسٽين کي ماحولياتي شعور اجاگر ڪرڻ ۽ نوجوانن ۾ پائيدار طرزِ زندگي کي هٿي وٺرائڻ ۾ اڳواڻ جو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ڊاڪٽر مري يونيورسٽي جي اسٽيڪ هولڊرن کي اپيل ڪئي ته هو آزادي ڏهاڙي جي تقريبن دوران گهٽ ۾ گهٽ هڪ وڻ ضرور پوکي، ڇاڪاڻ ته اهڙيون مهمون ماحولياتي ذميواري سان گڏ قومي جذبي کي پڻ هٿي ڏين ٿيون. سنڌ يونيورسٽي جي رجسٽرار ساجد قيوم ميمڻ چيو ته وڻڪاري يونيورسٽي جي ماحولياتي تحفظ ۽ سماجي ذميواريءَ سان وابستگي جو عملي ثبوت آهي. هن چيو ته انتظاميا ڪيمپس ۽ رهائشي ڪالوني کي وڌيڪ سرسبز بڻائڻ لاءِ اهڙين مهمن جي مڪمل حمايت جاري رکندي. هن استادن، ملازمن ۽ شاگردن تي زور ڀريو ته هو نه رڳو وڻڪاري مهم ۾ حصو وٺن پر نون پوکيل ٻوٽن جي مناسب سار سنڀال پڻ لهن. سنڌ يونيورسٽي رهائشي ڪالوني جي چيئرمين ڊاڪٽر مظهر علي عباسي چيو ته وڻڪاري مهم رهائشي ڪالوني جي خوبصورتي ۾ اضافو ڪندي ۽ صاف سٿري ماحول جي قيام ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. هن يونيورسٽي جي ملازمن ۽ رهواسين جي ڀرپور شرڪت کي ساراهيندي ان کي گڏيل سماجي ذميواري جو بهترين مثال قرار ڏنو. هن اميد ظاهر ڪئي ته گڏيل ڪوششن سان رهائشي ڪالوني وڌيڪ سرسبز ۽ ماحول دوست بڻجي ويندي. تقريب ۾ مختلف فيڪلٽين جي ڊينز، ڊائريڪٽرز، چيئرپرسنز، ڊائريڪٽر بيورو آف ڪيريڪيولم حڪومت سنڌ، آفيسرن، استادن، ملازمن ۽ سنڌ يونيورسٽي رهائشي ڪالوني جي رهواسين پڻ شرڪت ڪئي ۽ آزادي ڏهاڙي جي سلسلي ۾ ٻوٽا پوکي مهم ۾ ڀرپور بهرو ورتو.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 08/07/2026
Announcements
1024 x 768
ملڪ جي جشن آزادي واري ڏهاڙي جي مناسبت سان سنڌ يوني...
View Details → 08/07/2026
1024 x 768
وطن عزیز کے جشنِ آزادی کی مناسبت سے جامعہ سندھ میں...
View Details → 08/07/2026
1024 x 768
Sindh University launches Independence Day plantation campaign, VC vows greener campus
View Details → 08/07/2026