سنڌ يونيورسٽي ۾ هنگامي صورتحال ۾ ابتدائي طبي امداد ۽ حفاظتي بچاءُ بابت تربيتي پروگرام منعقد، وائيس چانسلر طرفان مکيه مهمان طور شرڪت هنگامي صورتحال ۾ سيڪنڊ به قيمتي هوندا آهن، ريسڪيو سروس سان فوري رابطو ڪرڻ ۽ ابتدائي طبي امداد بابت بنيادي ڄاڻ رکڻ انتهائي ضروري آهي: ڊاڪٽر فتح محمد مري

 روٽري انٽرنيشنل ڊسٽرڪٽ 3271 جي ضلعي ريسڪيو اينڊ سيفٽي ڪميٽي پاران، سنڌ يونيورسٽي جي بيورو آف اسٽيگس ۽ ريسڪيو 1122 سنڌ جي سهڪار سان، سنڌ يونيورسٽي جي ڪامرس ڊپارٽمينٽ جي آڊيٽوريم ۾ انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن (IBA) جي شاگردن هنگامي صورتحال ۾ ابتدائي طبي امداد ۽ حفاظتي بچاءُ  بابت تربيتي  پروگرام منعقد ڪيو ويو. هن پروگرام۾ سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري (تمغه امتياز) مکيه مهمان طور شرڪت ڪئي، جڏهن ته ڪرنل ايس. سردار علي شاهه، ڊائريڪٽر ايڊمنسٽريشن اينڊ ٽريننگ، ريسڪيو 1122 سنڌ ۽ ضلعي چيئر . ريسڪيو اينڊ سيفٽي روٽري انٽرنيشنل ڊسٽرڪٽ 3271 اعزازي مهمان طور شرڪت ڪئي. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري چيو ته هن  قسم جا تربيتي پروگرام شاگردن ۾ هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ بابت آگاهي ۽ صلاحيتن کي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. هن چيو ته اوچتي هنگامي صورتحال دوران بروقت قدم کڻڻ، فوري طور ريسڪيو سروس سان رابطو ڪرڻ ۽ فرسٽ ايڊ بابت بنيادي ڄاڻ رکڻ انتهائي ضروري آهي. تعليمي ادارن ۾ اهڙين سرگرمين جي انعقاد سان شاگردن کي هنگامي صورتحال ۾ پاڻ کي ۽ ٻين کي محفوظ رکڻ لاءِ ضروري ڄاڻ ۽ عملي مهارتون حاصل ٿين ٿيون.وائيس چانسلر وڌيڪ چيو ته هنگامي صورتحال ۾ سيڪنڊ به قيمتي هوندا آهن،ان صورتحال ۾ پنهنجي حواسن کي قابو ۾ رکي سيڪنڊن اندر قدم کڻڻا هوندا آهن. فوري قدم نقصان کي اثرن کي روڪڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿو. هن اميد ظاهر ڪئي ته تربيتي پروگرام ۾ شامل شاگرد هتان حاصل ڪيل ڄاڻ مان نه رڳو پاڻ فائدو حاصل ڪندا پر ٻين تائين به ڄاڻ منتقل ڪندا ته جيئن وڌ ۾ وڌ آگاهي پيدا ٿي سگهي. وائيس چانسلر انتهائي اهم موضوع تي تربيتي پروگرام منعقد ڪرڻ تي روٽري ڪلب ۽ بيورو آف اسٽيگس جي ڪوششن کي ساراهيو. ان موقعي تي پنهنجي آجيان واري  خطاب  ۾ روٽري انٽرنيشنل ڊسٽرڪٽ 3271  جي اسسٽنٽ گورنر ايم. عمران خان وائيس چانسلر ، ٽرينرز، فيڪلٽي ميمبرن ، روٽري ميمبرن ۽ شاگردن کي ڀليڪار ڪيو ۽ بنيادي فرسٽ ايڊ، فائر سيفٽي، ريسڪيو ۽ هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي صلاحيتن جي اهميت تي روشني وڌي.هن تربيتي سيشن  جو انتظام ڪندڙ سيد ياسين شاهه راشدي، اسٽيشن هائوس انچارج ۽ انچارج ٽريننگ ونگ، ريسڪيو 1122، ضلعو حيدرآباد، ۽ شاهد علي معظم، پيراميڊڪ  هئا، جن شاگردن کي موضوع جي مناسبت سان ٽريننگ ڏني ۽ هنگامي صورتحال دوران گهربل ضروري قدمن، ريسڪيو 1122 سان فوري رابطي ۽ فرسٽ ايڊ جي مختلف طريقن بابت تفصيلي آگاهي فراهم ڪئي. تربيتي پروگرام ۾ شرڪت ڪندڙن کي هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ، بنيادي فرسٽ ايڊ، فائر سيفٽي ۽ ريسڪيو جي طريقيڪار بابت عملي تربيت ۽ رهنمائي فراهم ڪئي وئي. ان موقعي تي روٽري انٽرنيشنل پاران سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري ۽ ڪرنل ايس. سردار علي شاهه کي اجرڪ ۽ يادگار ثقافتي سوکڙيون پڻ پيش ڪيون ويون. هن پروگرام ۾فئڪلٽي آف ڪامرس اينڊ بزنس ايڊمنسٽريشن جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر جاويد احمد چانڊيو، بيورو آف اسٽيگس جي ڊائريڪٽر اجويد احمد ڀٽي، انسٽيٽيوٽ آف ڪامرس اينڊ مئنيجمينٽ جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر حاڪم علي مهيسر، انسٽيٽيوٽ آف بزنس ائڊمنسٽريشن جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر عائشه بشير شاهه، سوشالاجي شعبي جي چيئرمين ڊاڪٽر احمد علي بروهي، ڊاڪٽر وشنو پرمار، ڊاڪٽر سيما ميمڻ، روٽري ميمبرن ايس. رفيق، سريش ڪمار، يسرا شاڪر، سرفراز پنهور   نظام سولنگي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 09/21/2026
Announcements
1024 x 768
University of Sindh Holds Workshop on Mapmaking and Cartographic Essentials
View Details → 09/22/2026
1024 x 768
"خليفو نبي بخش قاسم يادگار ڪانفرنس" سڀاڻي سنڌالاج...
View Details → 09/22/2026
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي ۾ هنگامي صورتحال ۾ ابتدائي طبي امدا...
View Details → 09/21/2026