سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسيلر بوائيز ھاسٽلن ۾ ٻوٽو پوکي وڻڪاري مھم جو افتتاح ڪري ڇڏيو، شاگردن پاران هاسٽلن ۾ پوکيل 500 ٻوٽن جي سار سنڀال جو عزم ظاھر
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي لطيف ۽ سچل بوائز هاسٽلن ۾ گذريل ڏينهن وائيس چانسيلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري (ٽي آءِ) ٻوٽو پوکي وڻڪاري مهم جو افتتاح ڪيو. مھم دوران يونيورسٽي جي سوين شاگردن، شاگردياڻين، استادن، آفيسرن جي ملازمن وڏي جوش ۽ جذبي سان حصو وٺندي 500 جي لڳ ڀڳ مقامي ٻوٽا پوکيا ۽ انهن کي وڻ ٿيڻ تائين پنهنجي ذميواري سمجهي سنڀالڻ جو عزم ورجايو. وڻڪاري مهم جو گڏيل اهتمام سند يونيورسٽي جي جاگرافي شعبي، گرين يوٿ موومينٽ ۽ پرووسٽ آفيس پاران ڪيو ويو. وڻڪاري مهم دوران شاگردن ۽ شاگردياڻين جوش ۽ جذبي سان ٻوٽا پوکيا ۽ ان ڳالهه جو عزم ظاهر ڪيو ته هو سخت گرمي ۽ خشڪ موسم دوران انهن ٻوٽن جي ذاتي طور سار سنڀال ڪندا تہ جيئن اهي محفوظ رهي وڌي وڻ بڻجي سگهن ۽ يونيورسٽي ڪيمپس کي سرسبز ۽ ماحول کي صحتمند بڻائڻ ۾ ڪردار ادا ڪن. تقريب کي خطاب ڪندي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد مري جاگرافي شعبي، گرين يوٿ موومينٽ ۽ پرووسٽ آفيس کي وڻڪاري مهم منعقد ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته هر شاگرد کي يونيورسٽي يا پنهنجي ڳوٺ ۽ علائقي ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ٻوٽو ضرور پوکي وڏو ڪرڻ گهرجي، کين برسات جي موسم ۽ آزاديءَ جي ڏهاڙي جي موقعي تي وڻڪاري کي ضرور هٿي وٺرائڻ گهرجي. ھن چيو ته ٻوٽو پوکڻ رڳو شروعات آهي، ان جو اصل فائدو تڏهن حاصل ٿيندو، جڏهن ان جي وڻ ٿيڻ تائين مسلسل سار سنڀال ڪئي ويندي. هن چيو ته مهم دوران پوکيل ٻوٽن جي بقا ۽ مناسب واڌ ويجهه کي يقيني بڻائڻ جي ذميواري هاسٽل انتظاميا، جاگرافي شعبي، گرين يوٿ موومينٽ ۽ ھاسٽلر شاگردن تي هوندي. وائيس چانسلر چيو ته بلاڪس هاسٽل جي جلد مرمت ڪرائي ان کي شاگردن لاءِ ٻيهر بحال ڪيو ويندو. هن شاگردن کي مخاطب ٿيندي تاڪيد ڪئي ته والدين کين تعليم ۽ تربيت لاءِ يونيورسٽي موڪلين ٿا، تنهن ڪري کين محنت ۽ شاندار ڪارڪردگي ذريعي ڪجھ بڻجي والدين جي اعتماد جو بدلو ڏيڻ گهرجي. ڊاڪٽر مري اعلان ڪيو ته ايندڙ سومر تي 1100 کان وڌيڪ مستحق شاگردن ۾ سوا 5 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ رقم جا چيڪ ورهايا ويندا. هن شاگردن کي سائنس، ميوزڪ، زولاجي، باٽني ۽ آرٽ سوسائٽين سان گڏ اسٽڊي سرڪلز قائم ڪرڻ جي ترغيب ڏيندي چيو ته جيڪي شاگرد اهڙين سرگرمين جي شروعات ڪندا، اهي مستقبل ۾ انهن سوسائٽين جا باني ۽ اڳواڻ طور ياد رکيا ويندا. سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن جي ڪاميابين جو ذڪر ڪندي وائيس چانسلر چيو ته ڊاڪٽر اين اي بلوچ ماڊل اسڪول جي هڪ شاگرد حيدرآباد بورڊ مان تازو ٻي پوزيشن حاصل ڪئي آهي، جڏهن ته سنڌ يونيورسٽي جي هڪ شاگرد ايڇ اي سي پاران تازو اسلام آباد ۾ منعقد ڪيل مقابلي ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان جي مختلف يونيورسٽين جي لڳ ڀڳ 34 هزار شاگردن حصو ورتو. ماحولياتي ماهر ناصر علي پنهور چيو ته فلپائن جي ڪجهه يونيورسٽين ۾ شاگردن کي ڊگريون ڏيڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ٻوٽو پوکڻ ۽ ان جي سار سنڀال لھڻ جو شرط رکيو ويو آھي. هن چيو ته وڻن جي سنڀال به ٻارن جي پرورش وانگر مسلسل ڌيان ۽ محبت سان ڪرڻي پوندي آهي، تنهن ڪري شاگرد صبر ۽ ذميواري سان پوکيل ٻوٽن جي پرورش ڪن. ھن چيو ته مستقبل ۾ ماحولياتي بگاڙ کان بچڻ لاءِ اسانکي به فلپائيني يونيورسٽين وارو شرط سنڌ جي يونيورسٽين ۾ لاڳو ڪرڻ گھرجي. ھن چيو ته اڄ ٻوٽا پوکيندڙ شاگرد مستقبل ۾ انهن وڻن جي ڇانوَ مان فائدو حاصل ڪرڻ سان گڏ ماحولياتي تحفظ ۾ پنهنجي حصي جي ڪردار تي فخر به محسوس ڪندا. هن وڌيڪ چيو ته نوجوانن جون گڏيل ڪوششون موسمياتي تبديليءَ جي اثرن کي گهٽائڻ ۽ قدرتي ماحول جي بحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون. ڊويزنل فاريسٽ آفيسر عمران ڀٽو چيو ته هن سنڌ يونيورسٽي کي 500 مقامي نسل جا ٻوٽا عطئي طور ڏنا آهن. هن شاگردن تي زور ڀريو ته هو انهن ٻوٽن جي ان وقت تائين حفاظت ۽ سار سنڀال يقيني بڻائين، جيستائين اهي وڏا وڻ بڻجي وڃن. ڊاڪٽر عرفانه ملاح چيو ته موسمياتي تبديلي هڪ وڏو چئلينج آهي، جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ مستقل ۽ عملي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته سنڌ يونيورسٽي ۾ مختلف مرحلن دوران لڳ ڀڳ 10 هزار ٻوٽا پوکيا ويا آهن. هن چيو ته ٻوٽو پوکڻ ڪو وڏو ڪم ناهي، پر ان کي ٻار وانگر پالڻ ۽ سنڀالڻ جي ضرورت آھي، جيڪو اصل مسئلو آهي. هن چيو ته شاگرد چار سال هاسٽلن ۾ رهن ٿا، تنهن ڪري کين پنهنجي چوڌاري پوکيل ٻوٽن جي حفاظت ۽ سار سنڀال جي ذميواري به کڻڻ گهرجي. تقريب جي ڪمپيئرنگ محمد علي گهانگهرو ڪئي، جنهن مختلف شاعرن جي سريلي ۽ دل کي ڇهندڙ شاعري ذريعي شاگردن ۾ وڌيڪ جوش ۽ جذبو پيدا ڪيو ۽ وڻڪاري مهم جي افتتاحي تقريب دوران هڪ پرجوش ماحول قائم رکيو. تقريب ۾ پرو وائيس چانسيلر مين ڪيمپس پروفيسر ڊاڪٽر عبدالستار شاهه، پرو وائيس چانسيلر دادو ڪيمپس پروفيسر ڊاڪٽر انيلا ناز سومرو، رجسٽرار ساجد قيوم ميمڻ، مختلف فيڪلٽين جا ڊين، انسٽيٽيوٽس جا ڊائريڪٽر، مختلف شعبن جا چيئرپرسنز، تدريسي ۽ انتظامي سربراهه، استاد، آفيسر، ملازم ۽ شاگرد توڙي شاگردياڻيون وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيا.