سنڌ يونيورسٽي جي شهيد محترمه بينظير ڀٽو چيئر اينڊ ڪنوينشن سينٽر طرفان “بينظير انڪم سپورٽ پروگرام: امڪان، مسئلا ۽لائحه عمل” جي موضوع تي ڊائلاگ سيشن منعقد ، وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد مري صدارت ڪئي. نامياري معاشي ماهر ڊاڪٽر قيصر بنگالي ، ڊاڪٽر عرفانه بيگم ملاح ۽ ڊاڪٽر رونق علي بهڻ مقرر طور ويچار ونڊيا
سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جي شهيد محترمه بينظير ڀٽو چيئر اينڊ ڪنوينشن سينٽر طرفان “بينظير انڪم سپورٽ پروگرام: امڪان، مسئلا ۽ لائحه عمل” جي موضوع تي ڊائلاگ سيشن منعقد ڪيو ويو. هن سيشن جي صدارت سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري (تمغه امتياز) ڪئي، جڏهن ته مکيه مقرر ملڪ جو ناميارو معاشي ماهر، پبلڪ پاليسي ايڪسپرٽ ۽ پلاننگ ڪميشن آف پاڪستان جو اڳوڻو ميمبر ڊاڪٽر قيصر بنگالي هو. ٻين مقررن ۾ ڊاڪٽر ايم اي قاضي انسٽيٽيوٽ آف ڪيمسٽري جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر عرفانه بيگم ملاح ۽ ايريا اسٽڊي سينٽر فار ايسٽ اينڊ سائوٿ ايسٽ ايشيا جو اسسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر رونق علي بهڻ شامل هئا. هن تقريب جي ڪارروائي ڊپارٽمينٽ آف اينٿروپالاجي اينڊ آرڪيالاجي جي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالرزاق چنا هلائي. تقريب کي صدارتي خطاب ڪندي سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي حڪومت جو اهم پروگرام قرار ڏيندي چيو ته هن پروگرام ذريعي سڄي ملڪ اندر هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ غريب طبقي جي عورتن کي مالي مدد ملي رهي آهي ، جنهن مان اهي پنهنجي کاڌ خوراڪ سميت ٻيون ضرورتون پوريون ڪري رهيون آهن. هن چيو ته هي نج عوامي فلاحي پروگرام آهي، جنهن ۾ وڌيڪ بهتري جي گنجائش ضرور موجود آهي پر هن کي اجاين سياسي مفروضن جي ور نه چاڙهڻ گهرجي، هن پروگرام مان سموري ملڪ جو غريب ۽ ضرورتمند طبقو بغير ڪنهن سياسي فرق جي فائدو حاصل ڪري رهيو آهي. وائيس چانسلر معزز مهمان ڊاڪٽر بنگالي کي سنڌ يونيورسٽي اچڻ تي ڀليڪار چيو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو چيئر اينڊ ڪنوينشن سينٽر جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر ريحانه ملاح طرفان اهم موضوع تي سيشن منعقد ڪرڻ واري ڪوشش کي ساراهيو. ان موقعي تي مکيه مقرر ڊاڪٽر قيصر بنگالي ڳالهائيندي چيو ته مان 1980ع کان سنڌ يونيورسٽي اچان پيو ۽ هتي اچي هميشه خوشي محسوس ڪئي اٿم. هن موضوع تي ڳالهائيندي چيو ته هن انڪم سپورٽ پروگرام جو خاڪو شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو آهي، جنهن جو مقصد ملڪ جي غريب طبقي خصوصي طور تي عورتن جي سهائتا ڪرڻ هو، جنهن کي سندس ئي پارٽي جي حڪومت 2008ع ۾ عملي جامو پهرايو. هن چيو ته اها منهنجي خوشنصيبي آهي ته هن اهم پروگرام جي بنيادي جوڙڪ ۾ منهنجو ڪردار پڻ شامل آهي. ڊاڪٽر بنگالي چيو ته هن پروگرام کي غربت جي خاتمي واري سوال سان نه ٿو ڳنڍي سگهجي ڇو ته هن پروگرام جو مقصد غربت جو خاتمو نه پر غريب طبقي جي مالي سهائتا ڪري ان جي مالي ڏکيائين کي ڪجهه گهٽائڻ آهي. جيڪڏهن ڪير سمجهي ٿو ته هي پئسا ملڻ کانپوءِ ماڻهو روزگار ڪرڻ ڇڏي ڏيندا ته ائين هرگز ناهي. ڇو ته جيڪڏهن توهان جو مهيني جو خرچ 40 هزار آهي ته هي ان جو 10 سيڪڙو مدد آهي، ان ڪري ان تي سمورو دارو مدار نه ٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته جيتوڻيڪ هن پروگرام جي مخالفت به ٿيندي رهي آهي پر 18 سالن کان مسلسل هن پروگرام جي جاري رهڻ پٺيان آءِ ايم ايف جو سهڪار ، خصوصي دلچسپي ۽ چڪاس شامل آهي. ڊاڪٽر قيصر بنگالي وڌيڪ چيو ته هن پروگرام کي نادرا جي ڊيٽا بيس سان ڳنڍڻ سان نه رڳو شفافيت جي حوالي سان اٿندڙ سوالن ۾ گهٽتائي آئي آهي پر لکين عورتن کي شناختي ڪارڊ ٺهرائڻ جو پڻ موقعو مليو آهي. هن تجويز ڏيندي چيو ته هن پروگرام ۾ ٿيل اوور امپلائمينٽ گهٽائي وڃي، وڌيڪ ماڻهن کي رجسٽر ڪري مالي فائدو ڏيڻ سان گڏ انهن کي ملندڙ رقم ۾ پڻ اضافو ڪيو وڃي. ان کان اڳ شهيد محترمه بينظير ڀٽو چيئر اينڊ ڪنوينشن سينٽر جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر ريحانه ملاح پنهنجي آجيان واري خطاب ۾ معزز مهمانن کي ڀليڪار چيو ۽ ڊائلاگ سيشن جي مقصدن تي روشني وڌي. ان موقعي تي هن وائيس چانسلر سنڌ يونيورسٽي جي سهڪار جا پڻ خصوصي ٿورا مڃيا. ڊائلاگ سيشن ۾ ڳالهائيندي پروفيسر ڊاڪٽر عرفانه بيگم ملاح چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام نه صرف ڪروڙين غريب خاندانن جي مالي سهائتا جو ذريعو آهي پر هن پروگرام سان پٺتي پيل علائقن جي عورتن جي شعور ۾ اضافو ٿيڻ سان گڏ کين بااختيار ٿيڻ جو موقعو پڻ مليو آهي ۽ سندن عزت ۽ اهميت ۾ واڌارو ٿيو آهي. هن چيو ته ماضي ۾ سياسي بنيادن تي هن پروگرام مان شهيد بينظير ڀٽو جو نالو هٽائي ان جو نالو تبديل ڪيو ويو جڏهن ته هن پروگرام جو خاڪو شهيد بينظير ڀٽو جو ئي ڏنل آهي ۽ ملڪ ۽ قوم لاءِ هن جي ڏنل قرباني مثالي آهي. هن چيو ته لکين عورتن جا ڪارڊ ٺهيل نه هجڻ ڪري اهي ڳڻپ ۾ ئي نه هونديون هيون پر هن پروگرام شروع ٿيڻ سان انهن جا ڪارڊ ٺهيا آهن ۽ کين ووٽ جو حق پڻ حاصل ٿيو آهي، هن چيو ته اڳي اليڪشن جي موقعي تي رڳو مردن جون ڪئمپون قائم ٿينديون هيون پر هاڻي عورتن جون به ڪئمپون قائم ٿين ٿيون ۽ سندن ووٽ جي اهميت وڌي آهي.هن چيو ته هن پروگرام سبب عورتن کي گهرن کان ٻاهر نڪرڻ ۽ هڪٻئي سان ملڻ جلڻ جو پڻ موقعو مليو آهي. ان موقعي تي ڊاڪٽر رونق علي بهڻ 2022ع ۾ هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي سهڪار سان “ضلعي سانگهڙ ۾ عورتن جي ووٽنگ واري رويي تي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي اثرن جو جائزو” تي بطور پرنسپل انويسٽيگيٽر ڪيل تحقيق جا تفصيل، تجربا ۽ نتيجا بيان ڪندي ٻڌايو ته ان تحقيق دوران خاص ڪري مزدور ۽ هاري عورتن جي اڪثريت ان پروگرام مان کيس تمام گهڻي خوش نظر آئي. ان موقعي تي سوالن جوابن جو سيشن پڻ ٿيو ۽ فئڪلٽي آف سوشل سائنسز جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر نانڪ رام، فلاسافي شعبي جي چيئرپرسن امر سنڌو، ڊاڪٽر ريحانه ملاح، ڊاڪٽر رفيق وساڻ، ڊاڪٽر عمران هاليپوٽو، ڊاڪٽر شاهمراد چانڊيو، ڊاڪٽر سوجومل، ڊاڪٽر آصف جمالي، ڊاڪٽر شازيا شيخ ۽ ٻين مقررن کان موضوع سان لاڳاپيل سوال پڇيا جن جا هنن تفصيل سان جواب ڏنا. ان موقعي تي شهيد محترمه بينظير ڀٽو چيئر ۽ ڪنوينشن سينٽر طرفان تازو شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي جنم ڏينهن جي موقعي تي شايع ڪيل خصوصي نيوز ليٽر جي مهورت پڻ ڪئي ويئي. هن پروگرام ۾ سنڌ يونيورسٽي جي رجسٽرار ساجد قيوم ميمڻ، فئڪلٽي آف آرٽس جي ڊين ڊاڪٽر محمد خان سانگي، فئڪلٽي آف انجنيئرنگ جي ڊين ڊاڪٽر لڇمڻ داس، مختلف شعبن جي چيئرمينن، ڊائريڪٽرن ۽ استادن ڊاڪٽر احمد علي بروهي، ڊاڪٽر نور محمد شاهه، ڊاڪٽر نواب ڪاڪا، ڊاڪٽر شجاع احمد مهيسر، ڊاڪٽر سيد سردار علي شاهه، ڊاڪٽر محمد قاسم نظاماڻي، ڊاڪٽر پنهل لاشاري، ڊاڪٽر خالد حسين لاشاري، ڊاڪٽر امبرين زيب خاصخيلي، حميرا هڪڙو، شبانه تنيو، ڊاڪٽر حسين مسرت شاهه، ڊاڪٽر يونس لغاري، ڊاڪٽر مڪيش ڪمار کٽواڻي، ڊاڪٽر عبدالرحمان نانگراج سميت شاگردن جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي. آخر ۾ فئڪلٽي آف سوشل سائنسز جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر نانڪ رام سمورن شرڪت ڪندڙن جا ٿورا مڃيا.