سنڌ يونيورسٽي جي پوليٽيڪل سائنس شعبي پاران جمهوريت جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سيمينار منعقد
سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو جي پوليٽيڪل سائنس شعبي پاران جمهوريت جي عالمي ڏينهن 2026ع جي موقعي تي هڪ علمي ۽ ثقافتي پروگرام منعقد ڪيو ويو، جنهن جو مقصد جمهوري قدرن، انساني حقن، آئيني بالادستي، سمورن طبقن جي شموليت تي ٻڌل حڪمراني ۽ ذميوار شهريت کي هٿي وٺرائڻ هو.
سيمينار جو عنوان " انساني حقن کي ڌيان جو مرڪزِ بڻايو“ هو. تقريب جي صدارت سنڌ يونيورسٽي جي فيڪلٽي آف سوشل سائنسز جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر نانڪ رام ڪئي، جڏهن ته پوليٽيڪل سائنس شعبي جي ليڪچرار بختاور ٽالپر تقريب جي ڪارروائي هلائڻ جا فرض سرانجام ڏنا.
پروگرام جي شروعات قرآن پاڪ جي تلاوت سان ڪئي وئي جنهن جي سعادت ڊاڪٽر غلام مرتضيٰ سومري حاصل ڪئي. ان بعد شعبي جي اسسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر بشارت لنجواڻي شاهه سائين جي وائي پيش ڪئي. ان موقعي تي پوليٽيڪل سائنس جي شاگرد امجد لاشاري ملي نغمو پڻ پيش ڪيو ويو.
سيمينار ۾ نامور استادن ۽ عالمن تي مشتمل پينل جمهوريت جي مختلف پاسن تي خيالن جو اظهار ڪيو.سنڌ يونيورسٽي جي اقتصاديات شعبي جي پروفيسر ڊاڪٽر محمد اڪرم گلال پنهنجي خطاب ۾ جمهوريت، معاشي واڌ ويجهه ۽ معاشي ترقي وچ ۾ لاڳاپن تي روشني وڌي ۽ مختلف ملڪن جي سياسي ۽ معاشي تجربن جو تقابلي جائزو پيش ڪيو. پنهنجي خطاب ۾ هن پائيدار معاشي ترقي لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ ۾ مضبوط جمهوري ادارن، بهتر حڪمراني ۽ سياسي استحڪام جي اهميت کي اجاگر ڪيو.
سنڌ يونيورسٽي جي پاڪستان اسٽڊي سينٽر جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر شجاع احمد مهيسر سيمينار ۾ ڳالهائيندي پاڪستان ۾ جمهوريت جي ارتقا، ان کي درپيش مسلسل چئلينجن ۽ جمهوري حڪمراني کي مضبوط ڪرڻ لاءِ گهربل قدمن تي روشني وڌي. هن زور ڀريو ته جمهوريت کي صرف مختلف وقتن تي ٿيندڙ چونڊن تائين محدود نه هجڻ گهرجي، پر ان کي مؤثر ادارن، سياسي شموليت، احتساب ۽ جمهوري سياسي ثقافت جي سهڪار سان مضبوط بڻائڻ گهرجي.
پروفيسر ڊاڪٽر غلام اڪبر مهيسر جمهوريت ۽ انساني حقن جي موضوع تي خطاب ڪندي جمهوريحڪمراني ۽ بنيادي انساني حقن جي تحفظ وچ ۾ ويجهي لاڳاپي تي زور ڏنو. هن انساني وقار، برابري، آزادي، شموليت، آئيني بالادستي ۽ قانون جي حڪمراني کي بامعنيٰ جمهوري نظام جا بنيادي اصول قرار ڏنو. ڊاڪٽر مهيسر واضح ڪيو ته جمهوريت کي رڳو سياسي نظام يا چونڊ عمل نه سمجهڻ گهرجي، پر بامعنيٰ جمهوريت لاءِ آئيني بالادستي، قانون جي حڪمراني، ادارتي احتساب، انساني حقن جو تحفظ، سماجي ۽ معاشي ترقي، برداشت ۽ شهرين، خاص ڪري نوجوانن جي شموليت ضروري آهي.
صدارتي خطاب ڪندي سنڌ يونيورسٽي جي فيڪلٽي آف سوشل سائنسز جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر نانڪ رام علمي مباحثي کي ساراهيو ۽ يونيورسٽين اندر سماجي علمن جي ڪردار تي زور ڏنو. هن چيو ته اهڙا علمي مباحثا باخبر، ذميوار ۽ تنقيدي سوچ رکندڙ شهرين جي تربيت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.
تقريب جي آخر ۾ سنڌ يونيورسٽي جي اينٿروپالاجي اينڊ آرڪيالاجي شعبي جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر عبدالرازق سمورن شرڪت ڪندڙن جي مهرباني مڃي ۽ پوليٽيڪل سائنس شعبي پاران عالمن ۽ شاگردن کي گڏ ڪري جمهوريت بابت تنقيدي غور ۽ فڪر جو موقعو فراهم ڪرڻ واري عمل کي ساراهيو. هن يونيورسٽين اندر اهڙن علمي بحثن کي جاري رکڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو.