وائيس چانسلرجي خصوصي هدايتن تي ڊائريڪٽوريٽ آف اسپورٽس طرفان هاسٽلن ۾ رهندڙ شاگردن کي راندين جون سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري، ڊائريڪٽر اسپورٽس طرفان هاسٽلن اندر مختلف هنڌن جو جائزو

سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري (تمغه امتياز) جي خصوصي هدايتن تي ڊائريڪٽوريٽ آف اسپورٽس طرفان هاسٽلن ۾ رهندڙ شاگردن کي راندين جون سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن، ان سلسلي ۾ ڊائريڪٽر اسپورٽس اجويد احمد ڀٽي اڄ يونيورسٽي جي بوائز هاسٽلن تي وڃي مختلف هنڌن جو جائزو ورتو ته جيئن شاگردن کي راندين ۽ ٻين تفريحي سرگرمين جون سهولتون مهيا ڪرڻ جا انتظام ڪري سگهجن.
هن سلسلي ۾ ڊائريڪٽر اسپورٽس جو چوڻ آهي ته وائيس چانسلر جي خاص هدايت آهي ته هاسٽلن ۾ رهندڙ شاگردن کي راندين سميت هم نصابي سرگرمين لاءِ وڌ کان وڌ سهولتون مهيا ڪري ڏنيون وڃن ته جيئن کين صحتمند تفريح سان گڏ پنهنجي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ جا بهتر موقعا مهيا ٿي سگهن. سندس چوڻ آهي ته هاسٽلن ۾ راندين جي سهولتن لاءِ جامع خاڪو تيار ڪري وائيس چانسلر جي خدمت ۾ پيش ڪيو ويندو ۽ سندس حڪمن جي روشني ۾ وڌيڪ اڳڀرائي ڪئي ويندي. 

Author: Mrs. Shumaila Solangi 09/18/2026
Announcements
1024 x 768
SU Directorate of Sports plans sports facilities for students’ hostels on VC’s directi...
View Details → 09/18/2026
1024 x 768
وائس چانسلر کی خصوصی ہدایات پر ڈائریکٹوریٹ آف اسپ...
View Details → 09/18/2026
1024 x 768
وائيس چانسلرجي خصوصي هدايتن تي ڊائريڪٽوريٽ آف اس...
View Details → 09/18/2026