سنڌ يونيورسٽي پاران اي ڊي آرٽس، اي ڊي ڪامرس، اي ڊي سائنس، اي ڊي سائنس هوم اڪنامڪس ۽ ايم اي پريويس توڙي فائنل جي سالياني امتحان 2025 لاءِ فارم ۽ فيس جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ 5 آڪٽوبر تائين واڌ جو اعلان
سنڌ يونيورسٽي پاران لاڳاپيل ڪاليجن ۾ مختلف پروگرامن جي اهل اميدوارن لاءِ سالياني امتحان 2025ع جا آن لائن امتحاني فارم ۽ فيس جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ 5 آڪٽوبر تائين واڌ جو اعلان ڪيو ويو آهي. سالياني امتحانن واري ڪنٽرولر سيد احسان الله راشدي پنهنجي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو آهي ته اميدوار 3000 رپين جي ليٽ فيس سان گڏ 5 آڪٽوبر 2026ع تائين پنهنجا فارم آن لائين جمع ڪرائي سگهن ٿا. نوٽيفڪيشن ۾ اي ڊي آرٽس (ريگيولر ۽ ايڪسٽرنل)، اي ڊي ڪامرس، اي ڊي سائنس، اي ڊي سائنس (هوم اڪنامڪس) ريگيولر پارٽ ٻيو، ايم.اي (پريويس-فيلوئر ۽ امپروور) ايڪسٽرنل ۽ ايم.اي (فائنل) ايڪسٽرنل پروگرام شامل آهن، جڏهن ته لاڳاپيل ڪاليجن کي چيو ويو آهي ته اهي امتحاني فارم 6 آڪٽوبر تائين جمع ڪرائين. امتحاني فيس آن لائن بئنڪنگ ذريعي جمع ڪرائڻي پوندي. ڪنٽرولر جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل واڌ آخري ڀيرو ڪئي ويئي آهي، هن کان پوءِ تاريخ ۾ ڪا به واڌ نه ڪئي ويندي.