سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر جي صدارت ۾ اهم اجلاس منعقد، مختلف شعبن مان جاري ٿيندڙ تحقيقي جرنلز جي معيار، اسٽيٽس ۽ اشاعت جو جائزو ورتو ويو
سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري (تمغه امتياز) يونيورسٽي جي مختلف شعبن مان جاري ٿيندڙ تحقيقي جرنلز جي وقت سر اشاعت ۽ ايڇ اي سي جي گهرجن مطابق انهن جو معيار بهتر بڻائڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته تحقيقي جرنلز ادارن جي سڃاڻپ هوندا آهن، جن ذريعي انهن ادارن ۾ ٿيندڙ تحقيقي سرگرمين بابت خبر پوندي آهي. هن چيو آهي ته اعليٰ تعليمي ادارن اندر علمي ۽ تحقيقي سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ ۽ نئين تحقيق کي ٻين تائين پهچائڻ ۾ تحقيقي جرنلز جو اهم ڪردار آهي. مختلف ٻولين ۾ نڪرندڙ جرنلز تحقيق جي معيار کي بهتر بڻائڻ ، نون علمي مباحثن کي هٿي ڏيڻ ۽ شاگردن ۾ تحقيقي سوچ پيدا ڪرڻ ۾ مددگار بڻجن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن يونيورسٽي جي مختلف شعبن مان جاري ٿيندڙ جرنلز جي اسٽيٽس، معيار ۽ اشاعت جو جائزو وٺڻ لاءِ منعقد ٿيل اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وائيس چانسلر آفيس ۾ منعقد ٿيل هن اهم اجلاس ۾ فئڪلٽي آف نيچرل سائنسز جي ڊين ڊاڪٽر ناهيد ڪاڪا، فئڪلٽي آف لا جي ڊين ڊاڪٽر سيد سردار علي شاهه، اورڪ جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر فرحت نورين، ڊائريڪٽر فنانس ذيشان ميمڻ ۽ گريجوئيٽ اسٽڊيز جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر صائمه قيوم ميمڻ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ يونيورسٽي مان جاري ٿيندڙ ريسرچ جرنلز جي ايڇ اي سي ۾ رڪگنائيزيشن ۽ ڪئٽيگري جي اسٽيٽس سميت انهن جي اشاعت سان لاڳاپيل مختلف معاملن جو جائزو ورتو ويو. وائيس چانسلر چيو ته يونيورسٽي جي مختلف شعبن مان 17 ريسرچ جرنلز جاري ٿيڻ نهايت ئي خوش آئيند ڳالهه آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته جيڪي جرنلز ايڇ اي سي مان رڪگنائيز ٿيل ناهن، انهن کي رڪگنائيز ڪرائڻ لاءِ اڳڀرائي ڪئي وڃي ۽ رڪگنائيز ٿيل جرنلز جي معيار کي وڌ ۾ وڌ بهتر بڻائي انهن کي موجوده کان مٿين ڪئٽيگري ۾ آڻڻ لاءِ ڪوشش ڪئي وڃي. وائيس چانسلر چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ ريسرچ جرنلز جي ايڊيٽرز جي ٿيل گڏجاڻي ۾ جيڪي فيصلا ڪيا ويا، انهن تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن يونيورسٽي تحقيقي جرنلز جي بنياد تي ملندڙ اهم فائدا حاصل ڪري سگهي. وائيس چانسلر چيو ته تحقيقي جرنلز جي اشاعت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ فنانس شعبي طرفان مڪمل سهڪار ڪيو ويندو.