سنڌ يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف لا اينڊ مئنيجمينٽ سائنسز جي ٽيم 18هين هينري ڊونانٽ آئي ايڇ ايل موٽ ڪورٽ مقابلي ۾ بيسٽ ميموريل ايوارڊ ماڻي ورتو، وائيس چانسلر طرفان ملاقات ڪندڙ ٽيم کي مبارڪون

سنڌ يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف لا اينڊ مئنيجمينٽ سائنسز جي باصلاحيت شاگردن جي ٽيم  18 هين هينري ڊونانٽ انٽرنيشنل هيومنٽيرين لا موٽ ڪورٽ ڪامپيٽيشن ۾ بيسٽ ميموريل ايوارڊ ماڻي ورتو آهي. آئي سي آر سي طرفان هي ڪامپيٽيشن21 کان 23 سيپٽمبر 2026ع تائين مري جي شنگريلا هوٽل ۾  منعقد ڪئي وئي. ڪاميابي ماڻيندڙ شاگردن جي ٽيم فئڪلٽي آف لا جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر سيد سردار علي شاهه ۽ ٽيم جي ڪوچ ڊاڪٽر شبانه ڪوثر جتوئي سان گڏ سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري (تمغه امتياز)  سان ملاقات ڪئي ۽ کيس ماڻيل ڪاميابي جا تفصيل پيش ڪيا. ايوارڊ ماڻيندڙ شاگردن جي ٽيم ميمبرن ۾ زينب فهيم، ثانيا عبدالڪريم ۽ نجف رفيق شامل هئا. وائيس چانسلر ايوارڊ ماڻيندڙ ٽيم کي مبارڪون ڏيندي چيو ته هي ڪاميابي يونيورسٽي لاءِ تمام وڏي فخر جي ڳالهه آهي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگردن هن قسم جي موقعن ۾ هميشه پاڻ ملهائي، پاڻ کي باصلاحيت ثابت ڪيو آهي. هن چيو سنڌ يونيورسٽي پنهنجي شاگردن کي صلاحيتن جي اظهار جا اهڙا موقعا هميشه مهيا ڪندي رهندي.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 09/30/2026
Announcements
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر جي صدارت ۾ اهم اجلا...
View Details → 09/30/2026
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف لا اينڊ مئنيجمينٽ س...
View Details → 09/30/2026
1024 x 768
SU VC reviews status and quality of university’s research journals
View Details → 09/30/2026