سنڌ يونيورسٽي پري انٽري ٽيسٽ جا نتيجا ظاهر ڪري ڇڏيا، منيش ڪمار ۽ حفضه آرائين 94 مارڪون کڻي پهرين، مختيار علي سولنگي 93 مارڪون کڻي ٻين، اسد علي پلي ۽ عبدالمصور جمالي 87 مارڪون کڻي ٽين پوزيشن ماڻي ورتي، وائيس چانسلر طرفان پوزيشن ماڻيندڙ اميدوارن کي مبارڪون

 سنڌ يونيورسٽي پري انٽري ٽيسٽ ٿيڻ جي ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ نتيجا پڌرا ڪري ويب سائيٽ تي رکي ڇڏيا آهن. ان سلسلي ۾ ڊائريڪٽر سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽنگ سينٽر ڊاڪٽر آفتاب احمد چانڊيو طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته انٽري ٽيسٽ جا نتيجا شام 6:00 وڳي پڌرا ڪري سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽنگ سينٽر (SUTC) جي آفيشل ويب سائيٽ تي رکيا ويا آهن. جاري ڪيل نتيجن ۾ سڀ کان وڌيڪ ماڪون کڻي پهرين، ٻين ۽ ٽين پوزيشن ماڻيندڙ اميدوارن جي نالن جو اعلان به ڪيو ويو آهي. نتيجن مطابق خيرپور ضلعي سان تعلق رکندڙ منيش ڪمار ولد سريش ڪمار ۽ نوشهري فيروز ضلعي سان تعلق رکندڙ حفضه آرائين ڌي محمد فضيل آرائين هڪجيتريون 94 مارڪون کڻي پهرين پوزيشن ماڻي ورتي آهي، جڏهن ته مٽياري ضلعي سان تعلق رکندڙ مختيار علي ولد علي خان سولنگي 93 مارڪون کڻي ٻين پوزيشن ماڻي آهي. ٽين پوزيشن ماڻيندڙ اميدوارن ۾ شهيد بينظير آباد ضلعي سان تعلق رکندڙ اسد علي ولد نور محمد   پلي ۽ مٽياري ضلعي سان تعلق رکندڙ عبدالمصور ولد عبدالرحمان جمالي شامل آهن جن پڻ هڪجيتريون 87 مارڪون حاصل ڪري ٽين پوزيشن ماڻي ورتي آهي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري پوزيشن ماڻيندڙ شاگردن کي مبارڪون ڏيندي سندن ڪامياب مسقبل لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو آهي. ڊائريڪٽر ايس يو ٽي سي طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اڄوڪي انٽري ٽيسٽ ۾ ٽوٽل 7753 اميدوار شامل ٿيا، جن ۾ 6147 بوائز ۽ 1606 گرلز شامل آهن. پڌرائي مطابق 4 اميدوارن جي رزلٽ مختلف سببن جي ڪري روڪي وئي آهي

Author: Mrs. Shumaila Solangi 10/05/2026
Announcements
1024 x 768
جامعہ سندھ نے پری انٹری ٹیسٹ کے نتائج جاری کر دیے،...
View Details → 10/05/2026
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي پري انٽري ٽيسٽ جا نتيجا ظاهر ڪري ڇڏÙ...
View Details → 10/05/2026
1024 x 768
University of Sindh announces pre-entry test results, names candidates securing top three ...
View Details → 10/05/2026