سنڌ يونيورسٽي ۾ عالمي فارماسسٽس ڏينهن ملهايو ويو، فئڪلٽي آف فارميسي ۾ تقريب منعقد صحت جي شعبي ۾ فارماسسٽس جو اهم ڪردار آهي، سندن خدمتون مثالي آهن: ڊاڪٽر فتح محمد مري

 سنڌ يونيورسٽي جي فئڪلٽي آف فارميسي طرفان عالمي فارماسسٽس ڏينهن ملهايو ويو، ان سلسلي ۾ فئڪلٽي جي آڊيٽوريم ۾“ صحتمند مستقبل لاءِ فارماسسٽس کي بااختيار بنائڻ جي ضرورت“ جي موضوع تي  تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن جي صدارت سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري (تمغه امتياز) ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي وائيس چانسلر چيو ته فارميسي  سنڌ يونيورسٽي جي انتهائي اهم فئڪلٽي آهي، جيڪا 1974ع ۾ قائم ٿي ۽ پنهنجي گولڊن جوبلي مڪمل ڪري چڪي آهي. هن چيو ته صحت جي شعبي ۾ فارماسسٽس جو اهم ڪردار آهي جيڪي مريضن جي محفوظ ۽ اثرائتي علاج ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. هن چيو ته دوائن جي معيار ، مناسب استعمال ۽ مريضن جي رهنمائي جي حوالي سان فارماسسٽ جون خدمتون وڏي اهميت رکن ٿيون. هن چيو ته فارماسسٽ ڪمٽمينٽ جو نالو آهي، جيڪا انساني زندگي جي بچاءُ  سان واسطو رکي ٿي. هن  طب جي شعبي ۾ ابن سينا جي خدمتن جو ذڪر ڪندي چيو ته سندس خدمتون  تاريخ جو روشن باب آهن، سندس ڪردار ۽ ڪوششون فارماسسٽس لاءِ هڪ شاندار مثال جيان آهن، جنهن مان کين رهنمائي حاصل ڪرڻ گهرجي. وائيس چانسلر چيو ته فارميسي جي ڊگري جي وڏي اهميت آهي، هتان پاس آئوٽ ڪندڙ شاگردن لاءِ سرڪاري توڙي نجي شعبن ۾ ڪيريئر جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن. وائيس چانسلر شاگردن تي زور ڀريو ته اهي پنهنجو سمورو ڌيان تعليم تي ڏين ته جيئن پنهنجي قابليت جي بنياد تي ڪامياب ڪيريئر جا موقعا ماڻي سگهن. ان کان اڳ فئڪلٽي آف فارميسي جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر محمد علي گهوٽو پنهنجي آجيان واري خطاب ۾ وائيس چانسلر کي ڀليڪار چيو ۽ سندس رهنمائي ۽ همت افزائي جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته ميڊيڪل جو شعبو  فارماسسٽس جي ڪردار کان سواءِ نامڪمل آهي. هن چيو ته هي عالمي ڏينهن  ملهائڻ جو مقصد فارماسسٽس جي ڪم ۽ ڪردار کي ڀيٽا پيش ڪرڻ سان گڏ سندن همت افزائي ڪرڻ به آهي. ان موقعي تي وائيس چانسلر، ڊين ۽ فئڪلٽي ميمبرن گڏجي  فارماسسٽس جي عالمي ڏينهن جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو. تقريب جي شروعات ۾ تلاوت ڪلام پاڪ کانپوءِ فئڪلٽي جي شاگردن  منظر ۽ ايهما نعت پيش ڪئي، هن تقريب جي ڪمپيئرنگ  عائشه فيصل، رابعه جاويد، پريسا ۽ لويزا  ڪئي.ان موقعي تي فئڪلٽي جي مختلف شعبن جي شاگردن طرفان تيار ڪيل پروجيڪٽس جي نمائش پڻ منعقد ڪئي وئي. وائيس چانسلر ڊاڪٽر مري پروجيڪٽس جي نمائش جو دورو ڪري، شاگردن کان پروجيڪٽس بابت بريفنگ ورتي ۽ سندن  محنت کي ساراهيو.پروجيڪٽس فارميسي سان لاڳاپيل مختلف موضوعن تي تيار ڪيا ويا هئا، جن ۾ مريضن جي حفاظت، دوائن جي مناسب استعمال، بيمارين جي سببن ۽ انهن جي  روڪٿام لاءِ  اپائن، دوائن ۾ مختلف جڙي ٻوٽين جي استعمال ۽ انهن جي فائدن سميت ٻيا موضوع شامل هئا.هن تقريب ۾ فئڪلٽي جي مختلف شعبن جي چيئرمين ۽ استادن جن ۾ ڊاڪٽر عبيدالرحمان مغل، ڊاڪٽر اڪرم کتري، ڊاڪٽر اسلم سولنگي، ڊاڪٽر عمران سهرياڻي، ڊاڪٽر مظهر ميمڻ، ڊاڪٽر احمد شاهه، ڊاڪٽر سلمان راجپوت، ڊاڪٽر جميلا جمالي، ڊاڪٽر شعيب عمراڻي، ڊاڪٽر نريندر شرما، ڊاڪٽر سعيد احمد لاکو، ڊاڪٽر ساهه بيبي، ڊاڪٽر وقار سبزوئي، ڊاڪٽر مهاراجا ۽ ڊاڪٽر مبشر شاهه شرڪت ڪئي.

 

 

Author: Mrs. Shumaila Solangi 10/05/2026
Announcements
1024 x 768
World Pharmacists Day celebrated at SU; pharmacists play a vital role in healthcare, says ...
View Details → 10/06/2026
1024 x 768
جامعہ سندھ نے پری انٹری ٹیسٹ کے نتائج جاری کر دیے،...
View Details → 10/05/2026
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي پري انٽري ٽيسٽ جا نتيجا ظاهر ڪري ڇڏÙ...
View Details → 10/05/2026