چائنا ۽ پاڪستان ڏک سک جا ساٿي آهن، چيني ٻولي سکڻ سان ڪاميابي جا انيڪ موقعا ماڻي سگهجن ٿا: ڊاڪٽر فتح محمد مري چائنيز 6 هزار سال پراڻي ٻولي آهي، چائنا پنهنجي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ گهڻي کان گهڻا موقعا ڏيندڙ ملڪ آهي: ڊاڪٽر طاهر ممتاز اعواڻ

 سنڌ يونيورسٽي جي ايريا اسٽڊي سينٽر فار ايسٽ اينڊ سائوٿ ايسٽ ايشيا طرفان “چيني ٻولي جي اسڪالرشپس ۽ شاگردن جي مٽا سٽا واري پروگرام جو جائزو” جي موضوع تي سيمينار منعقد ڪيو ويو، جنهن جي صدارت سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري (تمغه امتياز) ڪئي. انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جي پير حسام الدين راشدي آڊيٽوريم ۾ منعقد ٿيل هن تقريب جو مکيه مقرر سرگوڌا يونيورسٽي جي پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف چائنا اسٽڊيز جو ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر طاهر ممتاز اعواڻ هو. ٻين مقررن ۾ اڪيڊمي آف ماڊرن لئنگويجز جو چيف ايگزيڪيوٽو آفيسرمحمد عظيم احمد انصاري ۽ سنڌ يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف ميٿميٽڪس اينڊ ڪمپيوٽر سائنس جو استاد ۽ ناليوارو ليکڪ ڊاڪٽر شاهمراد چانڊيو هو.تقريب جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪئي وئي، ان بعد پاڪستان ۽ چائنا جا قومي ترانا پيش ڪيا ويا. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي وائيس چانسلر پروفيسر  ڊاڪٽر فتح محمد مري چيو ته چائنا ۽ پاڪستان هڪٻئي جي ڏک سک جا ساٿي آهن، 75 سال پراڻي هي دوستي پوري دنيا اندر مثالي رهي آهي.هن چيو ته چائنا دنيا جو تيزي سان ترقي ڪندڙ ملڪ آهي، جنهن جي ترقي جو راز اتان جي ماڻهن جي سخت محنت ۽ پنهنجي سمورو ڌيان پنهنجي ڪم تي ڏيڻ آهي. هن مثال ڏيندي چيو ته توهان چائنا جي ڪنهن به انڊسٽري ۾ هليا وڃو، اتي ڪم ڪندڙ 90 سيڪڙو ورڪر پنهنجي ڪم ۾ ايترا ته مگن هوندا جو توهان ڏانهن اک کڻي به نه ڏسندا. اصل ۾ ڪنهن به ملڪ ۽ اداري جي  ترقي لاءِ اهڙي ئي جذبي ۽ ڪمٽمينٽ جي ضرورت آهي. وائيس چانسلر چيو ته چائنا ٽيڪنالاجي ۽ اڪانامي ۾ دنيا اندر نمبر ون جي مقابلي ۾ شامل آهي، انٽرنيشنل مارڪيٽ  تي سندس پراڊڪٽ تيزي سان غلبو حاصل ڪري رهي آهي، اهڙي صورتحال ۾ چيني ٻولي سکڻ جي اهميت تمام گهڻي وڌي وئي آهي. چيني ٻولي سکڻ سان نه فقط چائنا اندر اسڪالرشپس ذريعي اعليٰ تعليم جا ڀرپور موقعا ماڻي سگهجن ٿا پر هن خطي سميت پوري دنيا اندر روزگار جا پڻ شاندار موقعا حاصل ڪري سگهجن ٿا.وائيس چانسلر چيو ته سنڌ يونيورسٽي جو چائنا جي انتهائي اهم يونيورسٽين سان رابطاڪاري جو نظام جڙيل آهي، جنهن تحت هتان جي شاگردن توڙي فئڪلٽي ميبرن کي اسڪالرشپس جا موقعا ملندا رهن ٿا، اسان جي ڪوشش آهي ته پنهنجي شاگردن کي چائنا ۾ انٽرنشپ ۽ ٽريننگ جا موقعا پڻ ڏياريون ته جيئن کين ڪيريئر جي حوالي سان فائدو ملي سگهي، ان لاءِ چيني ٻولي اچڻ ضروري آهي. هن چيو ته چيني سميت ڪنهن به ملڪ جي ٻولي سکڻ سان اتان جي ثقافت کي سمجهڻ ۽ موقعن مان فائدو حاصل ڪرڻ ۾ آساني ٿئي ٿي. چيني ٻولي سکيا پروگرام شروع ڪرڻ جو مقصد پڻ اهو ئي آهي. هن چيو ته چيني ٻولي سان گڏ اسان فرينچ، جرمن ۽ ٻين ٻولين جي سکيا جا پروگرام پڻ شروع ڪري رهيا آهيون ته جيئن شاگردن کي پنهنجا اسڪلز وڌائڻ جو وڌ ۾ وڌ موقعو ملي سگهي. وائيس چانسلر ايريا اسٽڊي سينٽر جي ڊائريڪٽر ۽ سندس ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيندي اميد ظاهر ڪئي ته هي پروگرام شاگردن جي مستقبل لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو. ان موقعي تي سوشل سائنسز فئڪلٽي جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر نانڪ رام پنهنجا ويچار ونڊيندي چيو ته سي پيڪ کانپوءِ خطي اندر چائنا جي اهميت وڌي وئي آهي. چائنيز ٻولي سکڻ سان اسڪالرشپس توڙي چائنا سان گڏجي ڪم ڪرڻ موقعا حاصل ڪري سگهجن ٿا. هن چيو ته هتي ڪم ڪندڙ چائنيز ڪمپنين ۾ ٽرانسليٽرز جي تمام گهڻي ضرورت آهي، جنهن جو هو سٺو پئڪيج ڏين ٿا. ان کان اڳ ايريا اسٽڊي سينٽر جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر عشرت افشان عباسي پنهنجي آجيان واري خطاب ۾ شريڪ مهمانن کي ڀليڪار چيو، وائيس چانسلر جي سهڪار ۽ همت افزائي جي مهرباني مڃي ۽ سيمينار جي مقصدن تي روشني وڌي. هن ٻڌايو ته اڄ کان چيني ٻولي سکيا جا ڪلاسز شروع ٿي رهيا آهن ۽ هن وقت تائين 40  شاگرد هن پروگرام ۾ داخلا وٺي چڪا آهن. سيمينار جي مکيه مقرر  ڊاڪٽر طاهر ممتاز اعواڻ وڊيو لنڪ ذريعي پنهنجي آن لائين خطاب ۾ چيو ته دنيا اندر چائنيز ٻولي جي اهميت ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي، هي ٻولي ڄاڻندڙ جو مستقبل روشن آهي ۽ سندس اڳتي وڌڻ جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن. هن چيو ته دنيا جي ڪابه ٻولي ڏکي ناهي، بس ڌيان سان سکڻ جي ضرورت آهي.هن پنهنجو مثال ڏيندي چيو ته ڪجهه سال اڳ مان جڏهن چائنا پي ايڇ ڊي ڪرڻ ويو هوس ته مون کي چائنيز ٻولي جو هڪ لفظ به نه ايندو هو ۽ اڄ مان چائنيز ٻولي ۾ ليڪچر ڏيندو آهيان. هن چيو ته ايڇ اي سي جي ويب سائيٽ تي چائنا جي ٽاپ رينڪنگ يونيورسٽين ۾ اسڪالرشپ جا تمام گهڻا موقعا اچن ٿا، جن مان فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي. هن سنڌ يونيورسٽي ۾ چائنيز ٻولي سيکارڻ جو پروگرام شروع ڪرڻ تي وائيس چانسلر ۽ سندس ٽيم کي مبارڪون ڏنيون ۽ ان حوالي سان پنهنجي مڪمل سهڪار جو يقين ڏياريو. ان موقعي تي  محمد عظيم احمد انصاري پنهنجي خطاب ۾ چيو ته چائنيز 6 هزار سال پراڻي ٻولي آهي، هن چيو ته چائنا پنهنجي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ گهڻي کان گهڻا موقعا ڏيندڙ ملڪ آهي جيڪو هر سال لکين اسڪالرشپس جو اعلان ڪري ٿو، جن مان اڌ کان وڌيڪ خالي رهجي وڃن ٿيون، ان لاءِ وڌ ۾ وڌ آگاهي ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته چائنا اسڪالرشپس تحت مفت تعليم ڏيڻ سان گڏ مفت رهائش ۽ هڪ کان ڏيڍ لک پاڪستاني روپين تائين کاڌي پيتي جو خرچ به ڏئي ٿو.هن ٻڌايو ته سنڌ يونيورسٽي ۾ ڇهن مهينن جي هن ڪورس ۾ ايڇ ايس ڪي 1 ۽ ايڇ ايس ڪي 2 جي ليول ڪرائي ويندي ۽ اها ليول ڪرڻ کان پوءِ شاگرد چائنيز ٻولي تي ڪافي حد تائين عبور حاصل ڪري ويندا. هن چيو ته سنڌ جو تعليم کاتو پنهنجي 8000 اسڪولن ۾ چائنيز ٻولي سکڻ جو سبجيڪٽ شروع ڪرڻ چاهي ٿو پر ان لاءِ استاد موجود ناهن. هي سکيا پروگرام شاگردن کي سندن ڪيريئر جي حوالي سان وڏا فائدا ڏيندو.سيمينار کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر شاهمراد چانڊيو چيو ته اڄ جي گلوبل دنيا ۾ ڪابه شيءِ لوڪل ناهي، جديد ٽيڪنالاجي مان فائدو حاصل ڪري پنهنجا اسڪلز وڌائڻ گهرجن. هن چيو ته اسڪالرشپس جي حوالي سان چائنا وڏو ڊونر آهي، جيڪو پوري دنيا کي لکين اسڪالرشپس جا موقعا ڏئي ٿو. هن چيو ته انهن موقعن مان فائدو ڪندڙن ۾ پاڪستانين خصوصي طور تي سنڌ جي ماڻهن جو تعداد تمام گهٽ آهي، هن قسم جي آگاهي سيمينارن ۽ ٻولي سيکارڻ جي پروگرامن ذريعي ان تعداد ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو.آخر ۾ ايريا اسٽڊي سينٽر جي اسسٽنٽ پروفيسر ۽ چائنيز ٻولي سکيا پروگرام جي ڪنوينر ڊاڪٽر رونق علي بهڻ سمورن شرڪت ڪندڙن جي مهرباني مڃي. هن تقريب جي ڪمپيئرنگ يونيورسٽي جي انٽرنيشنل رليشنز شعبي جي شاگردياڻي شائمه جتوئي ڪئي. سيمينار ۾ ايريا اسٽڊي سينٽر جي استادن ڊاڪٽر مڪيش ڪمار کٽواڻي، ڊاڪٽر نورين منعاف ۽ ڊاڪٽر ماجد علي نوناري شرڪت ڪئي.

 

Author: Mrs. Shumaila Solangi 10/07/2026
Announcements
1024 x 768
Chinese Language Learners Have a Bright Future, Say Speakers at SU Seminar
View Details → 10/07/2026
1024 x 768
چائنا ۽ پاڪستان ڏک سک جا ساٿي آهن، چيني ٻولي سکڻ سØ...
View Details → 10/07/2026
1024 x 768
World Pharmacists Day celebrated at SU; pharmacists play a vital role in healthcare, says ...
View Details → 10/06/2026