سنڌ يونيورسٽي ايلسا قاضي ڪيمپس حيدرآباد جي فيڪلٽي آف ايجوڪيشن طرفان استادن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو

 سنڌ يونيورسٽي جي ايلسا قاضي ڪيمپس حيدرآباد جي فيڪلٽي آف ايجوڪيشن پاران  استادن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو. ان سلسلي ۾ فيڪلٽي ۾ هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن جو موضوع ”استاد هڪ کليل ڪتاب آهي“ هو. هن تقريب جي صدارت فيڪلٽي آف ايجوڪيشن جي ڊين  پروفيسر ڊاڪٽر عابده صديقي ڪئي. ان موقعي خطاب ڪندي ڊاڪٽر عابده صديقي چيو ته تدريس پيغمبري پيشو آهي، استاد پاڻ کي نبين سڳورن جي پيشي جا پوئلڳ سمجهن. هن وڌيڪ چيو ته استاد قومن جو معمار، ڪردار سنواريندڙ ۽ سماج کي شعور ڏيندڙ هوندو آهي. هن استادن تي زور ڀريو ته اهي نئين نسل جي ذهني آبياري لاءِ پنهنجون سموريون صلاحيتون ڪتب آڻين. هن شاندار ۽ منظم تقريب منعقد ڪرڻ تي انتظامي ڪميٽي جي ڪوششن کي پڻ ساراهيو. تقريب جو اهتمام ڪندڙ استادن جي ٽيم ۾ ڊاڪٽر عبدالستار گوپانگ مس لبنا نوراني، امام بخش ٻرڙو، ڊاڪٽر سائره سومرو، ڊاڪٽر ندا مرزا، عديل احمد ۽ مس فائزه انور شامل هئا. تقريب ۾ پنهنجي استقباليه خطاب ۾ ڊاڪٽر گوپانگ ڊين، فيڪلٽي جي استادن، مهمانن ۽ شاگردن کي ڀليڪار ڪندي چيو ته استادن جو رتبو انتهائي بلند آهي،  تعليم ۽ تدريس عبادت وارو پيشو آهي. ان موقعي تي فيڪلٽي جي ٻين استادن پڻ هن عظيم ۽ مقدس پيشي جي عظمت ۽ تقدس تي روشني وڌي. تقريب ۾ سينيئر فيڪلٽي ميمبر پروفيسر ڊاڪٽر محمد شفيع ميسو، مس ثمينه صديقي، ڊاڪٽر زوهره الطاف، ڊاڪٽر ثميره ارم، مس انجم شاهين، علي مرتضيٰ شاهه ۽ ٻين فيڪلٽي ميمبرن شرڪت ڪئي.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 10/08/2026
Announcements
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي ايلسا قاضي ڪيمپس حيدرآباد جي فيڪلٽÙ...
View Details → 10/08/2026
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگردياڻي تنجينا علي آءِ ٽي سي...
View Details → 10/08/2026
1024 x 768
سنڌ اسيمبلي ميمبر محمد قاسم سراج سومرو طرفان سنڌ Ù...
View Details → 10/08/2026