سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگردياڻي تنجينا علي آءِ ٽي سي اين ايشيا جي 28 هين ايڊيشن ۾ فيوچر ليڊرز ايوارڊ 2026 ماڻي ورتو، وائيس چانسلر طرفان مبارڪباد
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي سافٽ ويئر انجنيئرنگ شعبي جي ٻئي سال جي شاگردياڻي تنجينا علي، آءِ ٽي سي اين ايشيا جي 28 هين ايڊيشن دوران “ايمرجنگ ينگ اسٽار” جي ڪيٽيگري ۾ پريسٽيجس فيوچر ليڊرز ايوارڊ 2026 ماڻي ورتو آهي. آء ٽي سي اين جو ايشيا جو 28 هون ايڊيشن 22 کان 24 سيپٽمبر تائين ڪراچي ايڪسپو سينٽر ۾ منعقد ٿيو، ايوارڊ تقريب 23 سيپٽمبر تي منعقد ٿي. ايوارڊ ماڻيندڙ شاگردياڻي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري (تمغه امتياز) سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي ۽ کيس ايوارڊ جا تفصيل پيش ڪيا. جنهن تي وائيس چانسلر سرهائي جو اظهار ڪندي شاگردياڻي ۽ سندس شعبي جي استادن کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين پنهنجي محنت، قابليت ۽ صلاحيتن جي بنياد تي مقابلي جي هر ميدان ۾ پاڻ کي نمايان ثابت ڪيو آهي. هن چيو ته شاگردياڻي تنجينا علي کي مليل هي ايوارڊ يونيورسٽي لاءِ فخر جي ڳالهه آهي. ان موقعي تي سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر محمد قاسم سراج سومرو پڻ موجود هو، جنهن شاگردياڻيءَ جي محنت کي ساراهيندي کيس ڪاميابيءَ تي مبارڪباد ڏني. ايوارڊ ماڻيندڙ شاگردياڻي وائيس چانسلر کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته فيوچر ليڊرز ايوارڊ آءِ ٽي سي اين ايشيا جي تحت ڏنو ويندڙ قومي سطح جو اعزاز آهي، جنهن جو مقصد انهن نوجوانن کي مڃتا ڏيڻ آهي، جيڪي پنهنجي لاڳاپيل شعبن ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري رهيا آهن. هن ٻڌايو ته ايوارڊ لاءِ 17 ڪيٽيگريون رکيون ويون هيون ۽ سڄي ملڪ مان 1,000 کان وڌيڪ نوجوانن حصو ورتو، جڏهن ته “ايمرجنگ ينگ اسٽار” ڪيٽيگري ۾ 200 کان وڌيڪ نوجوانن پنهنجي صلاحيتن جي بنياد تي مقابلو ڪيو جنهن ۾ هن ڪاميابي ماڻي آهي. ان موقعي تي شاگردياڻي ماڻيل ايوارڊ سان وائيس چانسلر سان يادگار تصوير پڻ ڪڍرائي. ان موقعي تي سنڌ يونيورسٽي جي بيورو آف اسٽيگس جو ڊائريڪٽر اجويد احمد ڀٽي پڻ موجود هو.